اوھان مان گهڻن کي ضرور ياد ھوندو، جڏھن رمضان جو چنڊ بيھڻ سان ئي هڪ ٻن روزن جي گذرڻ کان پوءِ ڪڻڪ جو ميدو ڪرائي رکبو هو. ان مان گهر گهر ۾ سَيون ٺھنديون ھيون ۽ اڱڻ ۾ انھن کي سُڪايو ويندو ھو..
اسان 80 – 90 واري دور ۾ جڏھن ڳوٺ خانواھ ۾ رهندا هئاسين تہ سَيَن ٺاهڻ جون اسان وٽ بہ مشينون هونديون هيون، جيڪي مهلائتيون ڪڍي صاف سٿريون ڪري رکبيون هيون.
تڏهن ايثار ھو، محبت هئي. ڳوٺ ۾ گهر گهڻا هئا.. واري سا طلب موجب مشين ان گهر موڪلبي هئي. مشين جا مالڪ گهر آخر ۾ سيون ٺاهيندا هئا.
شروع شروع ۾ سَيون بغير ڪنهن اوزار جي هٿ سان ٺاهيون وينديون هيون، پر پوءِ مشينن جو دور آيو ۽ ننڍيون مشينون شهرن کان ڳوٺن تائين نظر اچڻ لڳيون، عام طور تي ڀرپاسي جي هڪ يا ٻن گهرن ۾ مشينون هونديون هيون، تنهن ڪري ماڻهو پنهنجي واري جو انتظار ڪندا هئا تہ ڪهڙي ڏينهن مشين سندس گهر ايندي ۽ عيد جي تياريءَ جي سلسلي ۾ ھڪ اھم ڪم پورو ٿيندو.
پر هاڻ وقت بدلجي ويو آهي. جيتوڻيڪ اھا روايت مڪمل طور تي ختم تہ نہ ٿي آھي پر ھاڻ ماڻهن جي اڪثريت گهرن ۾ سَيون ٺاهڻ کي ڏکيو ڪم سمجهي بازار مان خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي آھي.
جنهن رات جنهن گهر ۾ سيون ٺهنديون هيون، اها رات جشن جي رات هوندي هئي. ٻار ٻچا ڇت ڇڏيو هيٺ لهي ايندا هئا، ڇاڪاڻ تہ کٽن تي مٿي سيون ٺاهي، لَئِيءَ واريون ٽوڪريون وڇايو سڪائڻيون پونديون هيون.
مشين مان سَين جي نڪتل ڇُڳي کي ’هٿ‘ چئبو هو. هر فيملي جي خواهش ھوندي هئي تہ گهڻي کان گهڻا هٿ نڪرن ۽ اسين سيون ذخيرو ڪيون تہ جيئن ٻڪر عيد تائين بہ هلن.
هر گهر پنهنجي حيثيت آهر، پنج کان ڏھ سير يا وڌيڪ ميدو ڳوهيندا هئا. گهر وارا رات جي ماني بعد ڪم ۾ لڳي ويندا هئا. ٻار ٻچا هڪ جوش هوندو هو. مشين کٽ ۾ فٽ ڪري هر مرد، عورت يا طاقتور ٻار واري واري سان مشين ڦيرائيندو هو.
صاف سٿرو ڳوهيل ميدو جنهن جا چاڻا ٺاهي رکندا هئا. مٺي تيل ۾ يا سچي گيھ سان نرم ڪري مشين سامهون وڏي کليل وات ۾ آڱرين ۽ آڱوٺي جي زور سان مشين جي اندر دنوگبو هو.
قيمي جي مشين وانگر ميدو اندر ويندو هو، مشين ڳري ٿي پوندي هئي. هاڻي سڄو ڪمال گهمائڻ واري جو، جيڪو گُهوڙي تي لانگ ورايو ويٺو هوندو هو. مشين ڪلنُ سان کٽ جي ٻانهن سان جڙيل مضبوط…….. گهمائڻ وارو زور لڳائي، هيٺان سَين جا ڇلا نڪرڻ شروع.
هڪ عورت ڇلي کي وِڃڻو هڻندي اچي تہ جينئن لڙون پاڻ ۾ نہ ملن. ڇلو نڪتو کٽ کان زمين تائين رکيل ٿالھ تائين پهتو تہ مشين مان ان کي مهارت سان ڪَٽي، ٻانهن تي رکي سڪائڻ لاء مٿي ٽوڪري تي نفاست سان رکبو هو.
ڪوٽا موجب مون ڏھ هٿ ڪيا تہ وري ٻيو جوڌو لهندو ميدان ۾.. جوان هئاسين، جوش ۾ وري ٻيهر پنهنجي واري جو انتظار ڪندا هئاسين.
ڀائو نہ چانھ هئي، نک ڪنهن نمڪين چيز جو آسرو.. نه ٽي وي، نہ موبائيل جو آسرو، ٺلهو هڪ جوش ته صبح جو ستاويهون روزو آهي، شام جو سيون رڌينداسين.
خلوص پيار ايڏو جو صبح ٿي وڃي. فجر جو کير جي ٿري تي جهيڙو پيو پوندو هو جيڪا ڀَت مٿان امڙ وجهي ڏيندي هئي. خالص کير جي الاهي ٿري (ملائي) ٺهندي هئي.
سَيَن جا هٿ سڪائي 17 ڪلو ٽين جا دٻا، جي ڍڪ سان ملندا هئا، ڀري رکندا هئاسين. عيد بعد هفتي ۾ هڪ دفعو سَيَن ٺاهڻ کان علاوه ٻاڪري عيد تائين پيا کائيندا هئا سين.
ٻه قسم عام هئا: ڀُڳل سيون، جيڪي ايلاچي ۽ گيھ ۾ ڀُڄي سونهري رنگ جون پستا، بادام، ڏونگهي ملائي زبردست اصل يمي. ٻيون اڇيون سيون، هٿ تئي تي سيڪي، پاڻي ۾ اٻاري…… کير کنڊ سُڪو ميوو ملائي شير مال وانگر…….. بس اصل ڳالھ نہ پڇو.
هتي شهر ۾ ڀوسي ٽڪڙن جون بيمار قسم جون سَيون ملن ٿيون، سي ڪٿي ٿيون اسان جي ديسي اٽي جون سِڪون لاهين.
انهن شين جون تصويرون ۽ ڪهاڻيون ونڊيون ٿا ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي پراڻي دور جي ناياب شين ۽ انهن جي اهميت جي ڄاڻ حال رهي.