هڪ غير معمولي ڪردار: سناسي خان بڪڪ (جمعاڻي)

ج ع منگهاڻي

سڄي ڪوهستان ۾ اهڙو خوبصورت ۽ بهادر ماڻهو گهٽ ٿيو هوندو. ظاهري ڏيک ويٺ بيحد شانائتي. ڳورو/ سفيد رنگ، بدن جو قدرتي طور گهڙيل، قداور، دانا، سگهارو، بهادر اهڙو جو وڏا وڏا هنئاتا (بهادر، دل وارا) مَلھ به، جي خبر پوندن ته ڪنهن شاديءَ يا غميءَ ۾ سناسي خان بڪڪ آيل آهي ته، سوچي سمجهي ايندا ۽ نوڙت وارو لهجو اختيار ڪندا.

جبل ۾ ڪهڙا اسڪول، ڪهڙا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون (جيڪي اڄ به خواب آهن اهو زمانو ته صديون اڳ جو هو). پر جڏهن سناسي خان بڪڪ ڳالهائيندو هو ته، سندس گفتگو ۽ انداز پڙهيلن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو هو.

هو، انگريزن جي دور ۾ پوليس جي محڪمي ۾ اُٺ سوار هو. انگريزن سان سخت نفرت ڪندو هو. انگريزن جي زماني ۾ پوليس جو اٺ سوار معنيٰ وڏي حيثيت ۽ دٻدٻي وارو، پر سناسي خان بڪڪ کي جيئن ته انگريزن سان نفرت ۽ چڙ هئي، تنهن ڪري هن اها نوڪري (ٽوڪري) ٿڪ هڻي ڇڏي ڏني.

هو اهڙو لباس پائيندو هو جو حاڪم به حيران ٿي ريس ڪندا هئا. هٿ ۾ هميشه لٺ هوندي هيس، ۽ ان لٺ لاءِ به ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور هيون ته، اها لٺ وڍجڻ کان پوءِ به وري مُري، وڌي ايڏي ئي ٿي ويندي آهي. ان لٺ جي ڪاٺيءَ بابت آخر تائين اها خبر پئجي نه سگهي ته ڪهڙي وڻ جي آهي. لٺ سدائين مينديءَ سان رتل ۽ چمڪندڙ هوندي هئي. سناسي خان بڪڪ لٺ هلائڻ جو ايڏو ماهر هو جو اڳيون اڃا مس لٺ ۾ هٿ وجهي ته، سندس لٺ وڄ وانگر وراڪو ڪري حملا آور کي ٻوٿ ڀر ڪرائي وجهندي هئي.

جيئن ته هرهڪ علائقي جا پنهنجا قدر، ماڻ ۽ ماپا هوندا آهن، تيئن وري ڪوهستان ۾ (ان وقت) اهي قدر هئا. اهو ماڻهو مانائتو ۽ مڙس ليکبو هو، جيڪو پنهنجي علائقي کان ٻاهر ڪنهن زورائتي ۽ طاقتور ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هڻي مال ۽ ملڪيت کڻي ايندو هو. ان کي ”ڌاڙو“ نه پر ڪارنامو سمجهيو ويندو هو. باقي ڪنهن ڪمزور کي لٽڻ ۽ ڦُرڻ جي ريت جبل ۾ ڪانهي. اهڙي حرڪت عيب ليکي ويندي آهي. ۽ ان تي ٿڪ لعنت ڪئي ويندي آهي.

سناسي خان بڪڪ به انگريز جي اٺ سواري ٿُڏي پاڻ جھڙا بهادر ۽ زورائتا ساٿي ساڻ ڪري هندستان (موجوده) جي سفر جو سعيو ڪيو. ان وقت سندس عمر پنجويھ ڇويھ سال هوندي. هو سڀ ئي ريل جي رستي اتي پهتا ۽ ’سورت‘ جي شهر جي شهرت، ته اتي مندرن جي گهڻائي آهي، کين سورت جي شهر ۾ پهچايو. ان ماڳ تي رڳو هندوڪار هو. سناسي خان بڪڪ جيئن ته بھادري ۽ دانائيءَ سان گڏ خوبصورت به هو، سو اتي ٻاون/ پنڊتن جو لباس پهري تلڪ لڳائي، مالا جپيندو مندرن ۾ وڃڻ لڳو. هندو اهڙي خوبصورت ۽ نوجوان ٻاوي کي ڏسي ٻلهار ٻلهار ٿي، سندس چرنن (قدمن) ۾ ڪري کيس پوڄڻ لڳا. هن کان پڇا ڪندا هئا ته، ”ڪٿان آيا آهيو؟“ ته هو مالا جپيندو سنڌ ڏانهن اشارو ڪندو هو ته هو کيس سجدا ڪرڻ لڳندا هئا.

سناسي خان بڪڪ جا ساٿي ڪنهن جاءِ ۾ لڪل هوندا هئا، ۽ پاڻ مندرن جي جانچ ڪندو رهندو هو.

هڪ مندر ۾ گهڙيو ته حيران ٿي ويو ته اتي رڳو سون ئي سون هو. ديوتا به سون جا ته ديويون به سون جون، مورتيون به سون جون ته ڳئون ۽ هاٿي به سون جا. مندر جا محافظ ۽ رکوال ان حَسين ۽ نوجوان ٻاوي (سناسي خان بڪڪ) کي مندر گهمائيندي فخر ۽ عزت سمجهي رهيا هئا. وڃڻ مهل مٿس زور به ڀريندا رهيا ته، اسان وٽ رهي پئو ۽ هو بنا ڪنهن اهميت جي کين حيرت ۾ وجهي موڪلائي هليو ويندو هو.

هو روز اهي روئدادون ۽ وارداتون اچي ساٿين کي ٻڌائيندو هو ۽ سڀ ئي گڏجي صلاحون ڪندا هئا ۽ پنهنجي واپسي جا انتظام ڪرڻ لڳندا هئا.

نيٺ هڪ رات جو، ’سورت‘ جي انهيءَ گولڊن مندر کي، آڌيءَ رات جو ڌاڙو هنيائون. مندر جا گهڻائي محافظ ۽ رکوال هئا پر سناسي خان بڪڪ ۽ سندس بھادر ساٿين اڳيان ڪوبه بيهي نه سگهيو. اهي ڪامياب واردات ڪري سون جا مڻ کڻي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. باحفاظت مال سميت جبلن واري شينهن علائقي ۾ پيهي ويا.

مندر کي لٽڻ مهل ڪنهن به مذهب سان نفرت مقصد نه هو. نه ئي ڪو مذهب وارو تعصب جبل جو نِيَمُ هو، اها ڳالھ قطعي نه هئي. ڳالھ ھئي پنهنجي علائقي کان پري وڏي ڌاڙي جي ۽ گهڻي کان گهڻو مال حاصل ڪرڻ جي ۽ اهو به گهڻي کان گهڻي خطري اندر. اهو ڪوهستان جي قدرن جي عين مطابق هو ته جيترو به غير علائقي مان وڏو ۽ ڪامياب ڌاڙو هڻي ايندو، اهو اوترو ئي مانُ ۽ عزت پنهنجي علائقي ۾ ماڻيندو. باقي پنهنجي علائقي ۾ جنهن به اهڙي حرڪت ڪئي اهو ٿڪيارو ٿيندو.

سناسي خان بڪڪ جو ’سورت‘ واري مندر لٽڻ واري واقعي کي جبل ۾ محمود غزنوي جو سومناٿ مندر لٽڻ واري واقعي سان تشبيھ ڏني ويندي هئي.

سناسي خان بڪڪ ۾ هڪ اهو به حيران ڪندڙ ڳڻ هو ته هو، ڪنهن مظلوم جي دانهن تي ڪيڏي به وڏي ظالم سان ٽڪرائجي ويندو هو.

ڪوهستان ۾ جبل جي ايراضي وڏي ۽ ماڻهن جي آبادي گهٽ آهي، جيڪا پڻ ڇڙو ڇڙ ۽ هڪ ٻئي کان پري پري رهيل. پر سناسي خان بڪڪ پنهنجي براق گهوڙي تي چڙهي پنهنجي هڪ هڪ ماڻهوءَ جي سار لهندو هو. ايتري قدر جو ڏڪار وارن ڏينهن ۾ ڪي سندس ذات ڀائي (بڪڪ) غريب لڏي جبل مان ڪنهن سائي سبز مقام ٺٽي، سجاول يا دڙي واري پاسي ۾ وڃي وانڍا ٿيندا هئا ته، انهن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اوڏانهن به ويندو هو.
هڪ ڀيري ايئن ئي سار سنڀال لهڻ لاءِ هو دڙي ۾ آيو، جتي ڪي غريب بڪڪ وانڍا ٿي آيا هئا. اهي کيس ڏسي خوشي ۽ فخر مان ٽڙي پيا ته هيڏي بھادر ۽ خوبصورت نوجوان جا اسين به ذات ڀائي آهيون.

سناسي خان بڪڪ جو خبرون چارون وٺڻ جو انوکو نمونو هوندو هو. هو ڪنهن هڪ هنڌ يا ڪنهن اوطاق وغيره ۾ ويهي خبرون ڏيندو ۽ وٺندو نه هو. بلڪ هو هڪ هڪ گهر ۾ وڃي خبرون چارون ڏيندو ۽ وٺندو هو. ايئن کيس اگهي، سگهي، اڀري سڀري، غريب ۽ اڻ پهچ جي خبر پئجي ويندي هئي. ايئن ئي خبرون چارون وٺندي جڏهن هو هڪ گهر ۾ آيو ته ان گهر جو ڌڻي هڪ وڏي عمر جو ڪمزور ۽ غريب ماڻهو هو. سناسي خان بڪڪ وٽس ويهي رهيو. حال احوال وٺڻ لڳو ته، ”جبل کي ڇڏي اچڻ کان پوءِ جا ڪهڙا حال آهن؟“ ته پوڙهي جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ سندس هيڻن حالتن وارا پُٽ به لڙڪ لاڙڻ لڳا. سناسي خان بڪڪ سندن لڙڪ ڏسي حيران ٿي ويو!
جبل جو ڪيڏو به ڏکيو بکيو مرد هجي پر روئندو ناهي. سناسي خان هڪدم پوڙهي جي ڪلهي تي آٿت جو هٿ رکي چيو، ”چاچا، مون کي سچي ڳالھ ٻڌاءِ ته توسان ڇاٿيو آهي؟“

”ابا، جيڪو ماڳ کان ٿڙندو آهي اهو هيڻو هوندو آهي!“ ايترو چئي پوڙهو سڏڪڻ لڳو ته، سناسي خان بڪڪ اتاولو ٿي چيو، ”چاچا مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته هتي توسان ڇا ٿيو آهي؟“

پوڙهو هڪدم ڇلڪي پيو، ”ابا، اسين بي پهچ هيڻا ماڻهو….“ وري پوڙهو روئڻ لڳو ته سناسي خان بڪڪ جي نرڙ جون رڳون تاڻجي ويون ۽ هن پوڙهي کي دلاسو ڏئي چيو، ”چاچا، تون بي پهچ، هيڻو ۽ بيوس ناهين. بس مون کي سڄي ڳالھ ٻڌاءِ.“

پوڙهي کي سندس ڏنل دلاسو اندر تائين همٿون ڏئي ويو. هن چيو، ”ابا، اسين هتي وانڍا (مال جي گاھ پاڻيءَ خاطر پنهنجو علائقو ڇڏي ٻي پاسي رهيل) آهيون، هتي نڪو اسان جون زمينون نڪو پَٽَ- مال سانگي آيا آهيون. نڪو ڪنهن کي ستايون نڪو تنگ ڪريون. اسين ته ڪنهن جي ٻاڙي پاڻيءَ جي به اوڏا ڪونه وڃون. پنهنجي ٻچن ۽ مال کي واڙ هڻي مُرُڪُٽُ (منهن مونن ۾ هڻي) ڪريو پيا آهيون….. پرائو هنڌ آهي مُئي ساهه ٿا کڻون، پوءِ به هتي جا وڏيرا ۽ زميندار اسان کي نه ٿا سهن!!“

سناسي خان بڪڪ جا ڀرون ڪاوڙ مان مٿي ٿي ويا، ۽ سندس عقاب جھڙيون تيز تکيون اکيون ٽانڊن جيان جرڪي پيون. ”ڪيئن نٿا سهن؟ ڇا ٿا چون؟ اوهين ته ڪنهن جي به زمين تي رهيل ناهيو. هي ته جهنگ آهي. جيڪو سرڪار جو آهي؟“ پوڙهي انهرو ٿي چيو، ”ابا، اهي سرڪار به ته پاڻ آهن نه…“ سناسي خان تکو ٿي چيو، ”نه چاچا، اهي سرڪار ناهن، هاڻي ٻڌاءِ ماجرا ڪهڙي آهي؟“ پوڙهي جا لڙڪ وري ڇلڪڻ لڳا، ”ابا، وڏيرن جا نوجوان پٽ ڳاڙها ريشمي رومال ڪنڌن ۾ وجهي، گهوڙن تي چڙهي اچي اسان جي واڙن ۽ لوڙهن مٿان بيهي هل هڪلون ڪندا ڳالهائيندا، اسان جي ڀونگن ڏانهن اَوڪاسي (ڪنڌ مٿي کڻي) نهاريندا ٽهڪ ڏيندا رهن ٿا. اها روز جي ڳالھ آهي. اسين ڪمزور ۽ هيڻا، بيعزتي ۽ بيغيرتي ته گهڻو ئي لڳي پر ڇا ڪريون وس ئي ڪونهي. ڇوڪرا گهڻيون ئي اُپَڪون (اڇلون) ڏئي اُٿن، پر آئون کين جهليان ته مارجي ويندا. هڪ ڏينهن آئون لوڙهي کان ٻاهر ويٺو هئس ته هي پيادل ٽهڪ ڏيندا ٺٺوليون ڪندا پي آيا. مون کي دڙڪو ڏئي چيائون، ”اڙي کوڳ، ڪهڙا پيو نظارا ڪرين. اندر ڇو نٿو وهين؟“ چيم، ”ابا، نظارا ڪهڙا. واسري تي ويٺو آهيان، پنهنجي ئي واڙ جي اڳيان.“ مون بس رڳو ايترو چيو، منهنجي ايتري چوڻ تي انهن نڪا ڪئي هم نڪا تم. اچي مون کي لتن ۽ چماٽن سان ورايائون…..“ ائين چئي پوڙهو ڍنڍڪارون ڏئي روئڻ لڳو.

سناسي خان جو خوبصورت گلابي چهرو ڪاوڙ مان ڳاڙهو رت ٿي ويو. هڪدم ٽپ (ٽپو) ڏئي اٿيو ۽ پوڙهي کان پڇيائين، ”تون انهن کي سڃاڻين ٿو؟“ پوڙهي ورندي ڏني، ”ها، آئون کين سڃاڻا ٿو، ٻه وڏيري جا پٽ هئا ۽ ٻيا سندن مائٽ ۽ دوست آهن. وڏيرو پاڻ به گهڻو بڇڙو ۽ ظالم آهي، آئون جڏهن کيس اها دانهن ڏيڻ ويس ته ان وري ٻيڻو بيعزت ڪيو“

سناسي خان بڪڪ انهيءَ مهل وڏيري سان ڳالهائڻ لاءِ پوڙهي جي پٽ کي ساڻ وٺي سندس اوطاق تي پهتو ته، وڏيرو پاڻ وڏي ٺاٺ سان ڇپر کٽ تي ويٺو هو، ۽ ٻيا سندس ڪارندا هيٺ پٽ تي ويٺل هئا. سناسي خان بنا ڪنهن سلام جي اندر اوطاق ۾ گهڙيو ته، وڏيرو هن ارڏي خوبصورت جوان کي ڏسي ٿورو هٻڪيو. پر وري ساڳئي وڏيرڪي ٽٽ ٻٽاڪ مان هيٺ پٽ ڏانهن اشارو ڪري چيائين، ”اچو، اچو، ويهو.“ سناسي خان بڪڪ بنا ڪنهن ورندي ڏيڻ جي بيپرواهيءَ مان وٽس اچي چيو، تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“

وڏيرو هن بھادر، ارڏي ۽ بي ڊپي نوجوان ڏانهن حيرانيءَ مان نهارڻ لڳو، جيڪو سندس ئي اوطاق ۾ اچي کيس نظر انداز ڪري رهيو هو. وڏيري جا ماڻهو اکيون ڦاڙي کيس حيرانيءَ مان تڪي رهيا هئا، سناسي خان وري به کيس چيو، ”تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“

وڏيرو سامت ۾ اچي ويو، ”ڇو“ سناسي خان بڪڪ نهايت سپاٽ لهجي ۾ چيو، ”ڇو ته اهي مياري آهن. بلڪ ڏوهي آهن. انهن ڏوھ ڪيو آهي.“ وڏيرو ويتر حيران ٿيو چيائين،“ ڇا ڪيو آهي انهن؟ تون ڪير آهين؟“ سناسي خان بڪڪ برف جھڙي انداز ۾ چيو، ”آئون ڪير به آهيان، پر تنهنجي پٽن هڪ پوڙهي جي بيعزتي ڪرڻ ۽ کين مارڻ وارو ڏوھ ڪيو آهي.“ وڏيري اطمينان سان چيو، ”اڇا، اڇا. اهو پوڙهو جيڪو جبل مان اچي هتي وانڍو ٿيو آهي.“
”ها!“ سناسي خان مختصر جواب ڏنو ته وڏيري مشڪي بي پرواهي مان چيو، ”جوان مڙس آهن، رت ۾ جوش اٿن، پوڙهي به ضرور ڪا حرڪت ڪئي هوندي، چريا ته ڪونهن….“ سناسي خان چڙي چيو، ”حرڪت پوڙها ڪندا آهن يا جوان؟ ۽ چريا ته آهن جو ایئن ڪيائون.“

وڏيرو جيئن ته کيس سڃاڻندو نه هو، سندس لفظن ڏانهن بنا ڪنهن توجهه ڏيڻ جي، هيٺ پٽ تي ويٺل پنهنجن ماڻهن ڏانهن نهاري مشڪي چيائين، ”ابا، جوان مڙسن سان اسين ته پڄي نه ٿا سگهون ، الهڙ آهن ڇا ڪريون…. ٻار ته ناهن جو مار ڏيونِ.“

اهو ٻڌي سناسي خان بڪڪ بس رڳو ايترو چيو، ”ٺيڪ آهي جوان مڙسن ۽ الهڙن سان اسين پڄي وينداسين. تون فڪر نه ڪر.“ پوءِ هڪدم وڏيري کي پٺي ڏئي وڏيون وکون کڻندو اوطاق مان ٻاهر نڪري ويو. پوڙهي جا پُٽ، جيڪي ساڻس گڏ هئا، اهي ڊوڙندا سندس پويان ٻاهر نڪتا.

پوڙهي وٽ اچي کائونس پڇيائين، ”اهي ڪهڙي مهل ايندا آهن؟ پوڙهي جواب ڏنو، ”ابا، واٽ اها ئي اٿن، گذرندا روز آهن. باقي انهن جي اچڻ وڃڻ جي ڪائي مهل ڪانهي….“ چيائين، ”ٺيڪ آهي چاچا، اڄوڪو ڏينهن ۽ رات اوهان جو مهمان آهيان.“

پوڙهو ۽ سندس پٽ رڳو کيس حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا، جنهن وٽ ڪنهن به خوف ۽ ڊپ جو ڪو نالو ۽ نشان نه هو.

وچينءَ (ٽپهريءَ) جي ويل ٽري وئي هئي. سانجهي ٿيڻ واري هئي ته، لوڙهي جي ٻاهران کل ۽ ٽهڪن جو هُل ٿيو. پوڙهي جا ڪن کڙا ٿي ويا ته سناسي خان بڪڪ پڇيو، ”ڇا جو گوڙ آهي؟“ پوڙهي چيو،“ ابا، اهي ئي ڇوڪرا آهن.“

سناسي خان پنهنجي لٺ هٿ ۾ جهلي اٿيو ۽ لوڙهي جي کَڙَھَ (در) وٽ آيو ته ڏھ پندرهن نوجوان لاڳيون ڏيندا، مستيون ڪندا، کلندا بي پرواهيءَ مان لوڙهي ۾ لوڻا هڻندا کڙھ وٽ آيا. سناسي خان جيڪو کڙھ تي ايسَتاده (بيٺل) هو ان کي ڏسي ٿورو هٻڪيا، پر وري پوڙهي کي ڏسي همٿ ٿين جيڪو سناسي خان جي پٺيان بيٺل هو. چيائون، ”اڙي، هي ڪهڙا رنگ رنگيلا مهمان پيو آڻين. اڃا سبق نه مليو اٿئي ڇا؟“

انهن جو ايترو چوڻ ۽ سناسي خان بڪڪ جي لٺ وڄ وراڪا ڪري حضرت موسيٰ عليه واري عصا وانگر ڄڻ پاڻ ئي وڙهڻ لڳي. کن پل ۾ اهي ڏھ پندرهن نوجوان مُچَ/ گڏجي هيٺ ڪري پيا. پوڙهو ۽ سندس پٽ اهو لقاءُ ڏسي سڪتي ۾ اچي ويا. انهن کي هڪل ڪري سناسي خان رسيون گهرائي سڀني کي ٻَڌايو. پاڻ گهوڙي تي چڙهي وڏيري وٽ آيو ۽ کيس چيائين، ”چاچا سان وهنوار/ حساب ڪتاب ڪر، نه ته تنهنجا ڇيڳڙا ڇورا مون وٽ ٻَڌل آهن. آئون کڻيو ٿو وڃان جبل.“

وڏيري جي مٿي ۾ به اڃا مڳي هئي، چيائين، ”ڇوڪرن کي ڇڏائڻ لاءِ مون وٽ وڏا هٿ آهن.“ اهو ٻڌي سناسي خان جهڙپ هڻي وڏيري کي ڪنڌ ۾ جهلي، گهوڙي تي اونڌو ليٽائي کڻي اتي آيو، جتي وڏيرڪا ٻار ٻَڌل هئا. ڇوڪرن کي هوش اچي ويو هو. هو سناسي خان بڪڪ جي هٿن ۾ وڏيري کي قابو ڏسي ڏڪڻ لڳا. سناسي خان، وڏيري کي گهوڙي تان هيٺ اڇلائي پوڙهي ڏانهن اشارو ڪري وڏيري کي چيو، ”ڇورن کي چئو ته چاچا کان پيرن پئي معافي وٺن.“

وڏيرو ڪو بنيادي بي حياءُ هو. چيائين، ”ڇوڪرا مرضيءَ وارا آهن….“ ڇوڪرن دانهون ڪري چيو، ”اسين معافي وٺون ٿا. پيرن پئي معافي وٺون ٿا!“ وڏيري ڇوڪرن کي چيو، ”ٿُڪ هَجيو ڀاڙيا!“ سناسي خان ڪاوڙ مان هڪل ڪري چيو، ”سڄي بيغيرتائي وڏيري جي آهي.“ وري جو وڏيري کي ڪنڌ ۾ جهليائين ته هو هيڊو ٿي ويو، ۽ ٽنگون گِهريندو هلڻ لڳو. سناسي خان وڏيري کي سندس ڇورن سميت گهرن کان پري جهنگ ۾ وٺي آيو. ساڻس گڏ پوڙهو ۽ پوڙهي جا پٽ ۽ ڀائٽيا هئا.
جهنگ ۾ پهچندي ئي سناسي خان وڏيري کي چيو، ”آخري ڀيرو ٿو چوان ته تون ۽ تنهنجا ڇورا چاچا کان پيرين پئي معافي وٺو نه ته….“ وڏيري چيو، ”پوڙهي سان جيڪو ڪيو مون ڪيو ۽ سٺو ڪيو.“ وڏيري جو ايترو چوڻ ۽ سناسي خان سٽ ڏئي وڏيري کي جهلي، ان جا ڪپڙا لاهي کيس سندس پُٽن اڳيان اگهاڙو ڪري وڻ سان ٻڌو. پوڙهي کي چيائين، ”توکي جيڪا به وڻي اها سزا ڏينس.“

پوڙهي ۾ بدلي جي باھ ڦڙتي آڻي ڇڏي۔۔ ۽ پوءِ پوڙهي سڀني جي اڳيان کيس اهڙي اذيت ناڪ سزا ڏني جو سندس ماڻهن شرم کان اکيون پوري ڇڏيون، ۽ وڏيري جي رڙين سان جهنگ ٻُري ويو. جنهن کان پوءِ سناسي خان سڀني کي آزاد ڪيو ته، وڏيري جا پٽ پيءُ جي سزا ڏسي پاڻ مرادو پوڙهي جي پيرن تي پئي معافيون وٺڻ لڳا. سناسي خان بڪڪ کين اها ڌمڪي ڏئي گهوڙي تي چڙهي جبل ڏانهن روانو ٿيو ته، ”هاڻي اوهان جي ڪا به شڪايت مون کي ٻڌڻ ۾ نه اچي.“ ۽ واقعِي ان واقعي کان پوءِ جيترا سال به پوڙهو اتي وانڍو ٿي رهيو، سندس ڪکن جي ويجهو ڪو به نه آيو.

اهڙو ئي ۽ ان سان ملندڙ ٻيو به واقعو آهي ته ايئن جبل جا ڪي ماڻهو وانڍا ٿي، ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن ويل هئا جن کي اتي جي پوليس وارن ڏاڍو تنگ ڪيو هو. ٻِئَي ٽِئي ڏينهن گهوڙن تي چڙهي اچي چون ته، ”اسان کي کاڌي لاءِ ٻڪر ڏيو“. هي غريب ويچارا جيڪي رهيل ئي مال سانگي هئا. اهي کين ننڍن ٻڪرن مان هڪڙو ٻڪر ڏئي ڇڏيندا هئا. هڪ ڀيري آيا ته انهن جواب ڏنو ته، ”هاڻي اسان وٽ ڪوبه ننڍو ٻڪر ڪونهي.“ ته انهن وڏو ٻڪر گهريو ته وڏو ٻڪر ڏيڻ کان انهن وانڍن انڪار ڪيو تڏهن پوليس وارا ڇرجي (مڇرجي) پيا. وانڍن جي پرئي مڙس کي بانٺن سان ڍاڻي رکيائون، ۽ مٿان سوائي ڌمڪي ڏئي ويا ته ٿاڻي تي اوهان جي مٿان ڪيس داخل ڪنداسين.“

اتفاق سان سناسي خان بڪڪ اوچتو انهن وانڍن وٽان وڃي نڪتو. خير اتفاق ته نه ٿو چئي سگهجي جو اهو سندس معمول هو ته پنهنجن جي سار لهجي، پر اتفاق ائين ٿو چئي سگهجي ته پوليس وارو واقعو اڃا تازو هو. سناسي خان بڪڪ اتي پهتو. اهي هراسيل هئا. خبرون ورتائين ته انهن سڄي ڳالھ ڪري ٻڌائي. پڇيائين، ”وري ايندا؟“ چيائون، ”ها، اڄ اچڻ جو چئي ويا آهن.“

سناسي خان بڪڪ جيڪو مڙسن جو مڙس هو، ان اطمينان سان چيو، ”اوهان بنا ڪنهن فرق جي اڳ وانگيان ئي سندن سڏ تي ٻاهر نڪري وڃجو.“ اڃا ٿوري دير مس ٿي هئي ته گهوڙن جي ٽاپ ۽ هڻڪ ٿي ته انهن ٻڌايو ته، ”اچن پيا.“ کين چيائين ”ويٺا هجو. اٿجو نه.“ هي ويٺا ئي رهيا. پوليس وارا گهوڙن سوڌو واڙ لتاڙي اندر اچي ڀونگن جي در تي بيهي هڪلون ڪرڻ لڳا. ”او ٻڍا! ٻاهر نڪر“. پوڙهي کي سناسي خان اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو چيو ته پوڙهو ٻاهر نڪتو. پوڙهو جيئن ئي ٻاهر نڪتو پوليس وارن گارين جي ريھ لائي ڏني. ”اڙي حرامي ڀڙوا، اڄ به ٻڪر ڪونه ڏيندين ڇا؟“ انهن جو ايترو چوڻ سناسي خان بڪڪ شينهن وانگيان ٽاھ ڏئي اٿيو، ۽ گجگوڙ ڪري ٻاهر نڪتو. پوليس وارا ڪي ٽي چار هئا. انهن سڀني جي مٿان ايئن ڪاھ ڪري آيو جو، انهيءَ اوچتي ڪاھ انهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. سناسي خان جي لٺ سندن ڀيرا ڀيري وئي. جڏهن سڀيئي پوليس وارا پَٽ سان ملي پَٽ ٿي ويا ته، ساڳي ئي شينهن واري گجگوڙ ڪري چيائين، ”اوهان جي پيءُ جو مال آهي جو ٽيسو تاريخ ٻڪر لاءِ بيٺا آهيو؟ هلو، آئون ٿو هلان ٿاڻي تي.“ پوليس وارا هٿ ٻڌي معافيون وٺڻ لڳا ته سناسي خان چيو، ”چاچا جي پيرن تي پئو حرامي، جيڪو اوهان جي پيءُ جيڏو آهي.“ پوليس وارا پوڙهي جي پيرين پئي هٿ ٻڌي روئي معافيون وٺڻ لڳا. کين لٺ جي ٺوڪر سان اٿاري چيائين، ”پگهارون حرام جون ٿا کڻو جو غريبن جون کلون ٿا لاهيو، آئون اوهان جي وڏن کي به سڃاڻا ٿو… ساڻن ملندس ته پتو پوندو.“ انهن هٿ ٻڌي چيو، ”سائين، هن پاسي رڳو نهاريون ته ڏوهي ٿيون.“ سناسي خان چيو، ”هنن جي حفاظت ڪجو هي مسافر وانڍا آهن. سندس ملڪ وسندو ته هليا ويندا.“ پوليس وارا هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندا گهوڙن جون واڳون هٿن ۾ جهلي جوتا گسڪائيندا، ۽ گهريندا لوڙهي کان ٻاهر نڪري ويا.

سناسي خان بڪڪ جي شخصيت ايڏي باوقار ۽ رعب دار هئي جو ڪنهن کي به ساڻس اڳرائي ڪرڻ جي همٿ نه ٿيندي هئي. پوءِ اڳيان ڀلي ڪيڏو به وڏي پاور ۽ طاقت وارو ماڻهو ڇو نه هجي. پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ جڏهن ترڪن خلاف انگريزن ڌرتي ٽامو ڪري ڏني هئي ته، ننڍي کنڊ جي مسلمانن سان گڏ ڪوهستان جا ماڻهو پڻ ترڪن جا حمايتي هئا. اهو ڪو مذهب جو معاملو نه هو. پر ظالم ۽ مظلوم جي ڳالھ هئي. انگريزن جي سياست ۽ حڪمت عملي هر ڪنهن وٽ ساريل هئي ته، هو پنهنجي مفاد خاطر ڪيئن هنڌ هنڌ، جتي ڪٿي ننهن اٽڪائيندا آهن.خلافت تحريڪ به انهن ئي انگريزن جي کونس ڦٽاين ۽ ظلمن جي خلاف تحرڪ ۾ آئي.

جبل جي ماڻهؤ وٽ اسڪولي تعليم نه هئڻ جي باوجود شعور ۽ آگھيءَ جي ڪا ڪمي نه هئي ۽ اهي دنيا سان ڳنڍيل رهيا. اها وڏي حيرت جي ۽ سڄيءَ سنڌ لاءِ نئين ۽ قابل فخر ڳالھ آهي ته جڏهن انگريز، ترڪ جنگي قيدين کي بحري جھازن ذريعي کڻي ڪراچيءَ جي بندر گاھ جي ويجهو اچي سمنڊ ۾ ٻوڙي ماريندا هئا (جڏهن ته پنهنجي واريءَ مهل ”جنگي قيدين“ سان سٺي سلوڪ وارا معاهدا عمل ۾ آندائون جن جي پوئواري نه ڪرڻ جي سزا طور جاپان تي ايٽمي حملا ڪري لکين ماڻهو ماريا ۽ کاريا).

ترڪ فوجي قيدين کي سمنڊ ۾ ٻوڙي مارڻ جي پروڙ سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ رهندڙ بڪڪن کي پئي، جيڪي تڏهن سرڪاري ملازمت ۾ هئا. انهن اها ڳالھ سناسي خان بڪڪ تائين پهچائي. پوءِ ته اها ڳالھ سڄي ڪوهستان ۾ هُلي وئي. ڪوهستان جو شينهن سناسي خان بڪڪ ڪراچي پهتو ۽ سڀني گڏجي هڪ صلاح سان حڪمت عملي جوڙي، جنهن ۾ سناسي خان بڪڪ سان گڏ حاجي نورمحمد بڪڪ، ابراهيم بڪڪ ۽ جهونجهار بڪڪ (ٻئي سناسي خان جا ڀائر)، گل محمد جورڪاڻي، دريائي ڇٽو ۽ ٻيا شامل هئا. اهي رات جو لڪي ٻيڙين ۾ چڙهي اڌ رات جو برٽش نيوي جي جھاز کان پري ٻيڙيون لڪائي پاڻ ترِي اندران ئي اندران پاڻيءَ مان ترڪ فوجين کي کڻي پنهنجي ٻيڙين ۾ چاڙهي محفوظ ڪنارن تائين بچائي آڻي پهچائيندا هئا. اتان کين وٺي ڪراچيءَ ۾ ئي پنهنجن گهرن ۾ آڻي کارائي پياري سندن ورديون لهرائي، پنهنجا ڪپڙا پارائي وري لڪ ڇپ ۾ ترڪي اماڻي ڇڏيندا هئا. ايئن انهن تمام گهڻن ترڪيءَ جي فوجين جي جان بچائي کين ترڪي موڪليو. الائي ڪيئن انگريزن کي خبر پئجي وئي، پوءِ ته ڪوهستانين لاءِ انهن رڻ ٻاري ڏنو. سندن گهرن تي ڇاپا ۽ جهڙتيون ڏنيون. ٻارن ٻچن کي ڌڪا ٿاٻا…. اهو سڀ ڪجهہ ساهو ڪوهستاني سهندا رهيا. پر حاجي نور محمد بڪڪ (جيڪو سرڪاري ملازم هو) ان جي گهران جهڙتي ڏيندي ترڪ فوجين جون قيدين واريون ورديون ملي ويون، جنهن کان پوءِ گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيائون. ڇاپن ۾ مقامي ماڻهن جي ئي ساٿ دغا ۽ سازشن سان حاجي نورمحمد بڪڪ، ابراهيم ۽ جهونجهار بڪڪ گرفتار ٿيا. انهن کي پوءِ بصره (عراق) جي قيد خانن ۾ وڃي قيد ڪيائون. (ڪوهستانين جو انگريزن سان نفرت ڪرڻ جو هڪ اهو به مثال آهي ته ٻي مها ڀاري جنگ ۾، جڏهن ترڪن جرمنين جو ساٿ ڏنو ته ڪوهستاني ماڻهو جيڪي اڳ ئي ترڪن جا حمايتي هئا، انهن جو هٽلر هيرو ٿي ويو ڇو جو هٽلر ترڪن کي سٺو رت ۽ سٺو نسل قرار ڏنو هو. اڄ به ڀلي دنيا هٽلر کي ظالم يا ڊڪٽيٽر يا ڇا به چوي پر ڪوهستانين جي نظر ۾ هو هيرو آهي. ڇو جو هو پنهنجي قوم لاءِ سچو هو. ڪوهستانين ۾ اهو شعور آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي قوم لاءِ سچو آهي، اهو ٻين به سچن جي عزت ڪندو ۽ ٻي وڏي ڳالھ ته هو غيرتمند هو، جنهن شڪست کان پوءِ به دشمن جي هٿان پاڻ کي گيندڙائي مارڻ بجاءِ پاڻ کي پاڻ موت جي حوالي ڪيو. اهڙي غيرت ڪوهستان جي قيمتي وٿ آهي.)

سناسي خان بڪڪ لاءِ مسلسل ڇاپا هنيا پَي ويا، پر هُو ته پنهنجي علائقي جي پٿري، مُٽڪي جو واقف هو، کيس خبر هئي ته ڪٿي خطرو ۽ ڪٿي حفاظت آهي.
هو جبلن ۾ پنهنجي ساٿين سان سفر ڪندي هڪ جاءِ تي آرام ڪري رهيو هو ته، اتان ڪو انگريز فوجي (ميجر) پنهنجي ماتحتن سان لانگهائو ٿيو. هو ڇرڪي پيا، پر اهي سناسي خان کان واقف نه هئا. بس مڳي ۽ وڏاندري ڪندي انگريز ميجر انهن کان پڇيو، ”اوهان ڪير آهيو؟“ سناسي خان کي سندس انداز ۽ سوال نه وڻيو. چيائين، ”ڇو؟“ انگريز ميجر ساڳي مڳيءَ ۾ چيو، ”ان لاءِ ته اهو سوال پڇڻ جو آئون حق رکان ٿو“ سناسي خان جيڪو اڳ ئي انگريزن کان سخت نفرت ڪندو هو، ان کي انگريز ميجر جو لهجو ڪاوڙائي ويو، چيائين،“ ڪنهن به پرڏيهيءَ کي ڪنهن به ڏيهيءَ کان اهو پڇڻ جو ڪوبه حق ناهي ته تون ڪير آهين؟ ها اهو اسان جو حق آهي ته اوهان کان پڇون ته اوهين ڪير آهيو؟“
نوجوان انگريز ميجر اهو ٻڌي تپي ويو. چَي، ”آئون حاڪم آهيان ۽ تون غلام….“ اهو جملو اڃا اڌ ۾ هو ته سناسي خان جو هٿ مٿي ٿيو ۽ انگريز ميجر جي گلابي منهن تي وڏين آڱرين جا گھرا ڳاڙها نشان ڇڏي ويو. انگريز ميجر ڌُڏي تہ ويو، پر پنهنجي سخت ٽريننگ جي ٻل تي هڪدم پاڻ سنڀالي پنهنجي بندوق سنڀالي ۽ پنهنجي ماتحتن کي حڪم ڏنو ته، ”هن کي گرفتار ڪريو.“ هو اڃا ڪجهہ ڪن، تنهن کان اڳ سناسي خان جي لٺ ٻاتاڙيل انگريز ميجر کي ڪيرائي وڌو. سندس ساٿين بجليءَ وانگر انگريز ميجر جي ماتحتن کي قابو ڪري ورتو.
سناسي خان، انگريز ميجر کي ٻڌي پنهنجي گهوڙي تي اونڌو ليٽايو ۽ سندس ماتحتن کي اتي ئي وڻن سان ٻڌو ۽ پاڻ انگريز ميجر کي کڻي روانا ٿيا.

اڃا مس ڪو پنڌ ٿيو هوندو ته سناسي خان سَٽ ڏئي انگريز ميجر کي وارن کان جهلي مٿي کنيو ۽ کيس نفرت سان ڏٺو. پوءِ هڪدم پنهنجي کيسي مان چاقو ڪڍي ان جو نڪ وڍي ڇڏيائين. هو دانهون ڪندو رهيو ۽ هو کيس موٽائي سندس ماتحتن وٽ آيو. پوءِ انهن جا سڀيئي بندوقون ۽ هٿيار کڻي کين وڻن مان کولي آزاد ڪري پاڻ روانا ٿيا ۽ پنهنجن رازدان گونا گون جبلن جي پناهن ۾ هليا ويا.

اهو ڪو معمولي واقعو نه هو. پوءِ ته وٺ وٺان ٿي وئي. سناسي خان جيڪو اڳ ئي حڪومت کي گهربل هو. انهيءَ جي تلاش ۾ سڄو ڪوهستان اٿلائي ڇڏيائون.
جڏهن کيس لهي نه سگهيا ته سندس ڳوٺ تي ڪاھ ڪيائون جتي سندس گهر هو. ٻه ننڍڙا ٻار، 8 سالن جي هڪ ڌيءَ ۽ 6 سالن جو هڪ پٽ ۽ سندس گهر واري جيڪا سندس سوٽ هئي ۽ جھڙس ئي سوڀياوان ۽ سورهيہ هئي ۽ سندس صابر سڌير ماءُ هئا.
سناسي خان جي عمر ان وقت تقريباً ٽيھ ايڪٽيھ سال هئي. سندس مڙسي ۽ دانائيءَ جي هاڪ هنڌ هنڌ سرهاڻ جيان پکڙجي وئي هئي. سندس چاهيندڙن ۽ دوستن جو به وڏو حلقو هو، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو بيرسيٽر عبدالرحمان صاحب پڻ هو (جنهن جا پٽ بيريسٽر حسن علي عبدالرحمان، جنهن جي ڌيءَ شيري رحمان جيڪا هن وقت امريڪا ۾ سفير آهي ٻيو پٽ طفيل علي عبدالرحمان جيڪو ملڪ جو اٽارني جنرل ٿيو هو/ هئا)

پوليس جڏهن سناسي خان بڪڪ جي گهر ۾ ڇاپا هڻڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهتي ته، انهن سان حڪومتي رول موجب بيرسيٽر عبدالرحمان پوليس اٽالي سان گڏ هو. اتي اچي کيس خبر پئي ته پوليس سناسي خان بڪڪ جي گهر ۾ ڇاپو هڻڻ آئي آهي ته هن پوليس کي چيو، ”آئون اڪيلو ئي گهر جي اندر ويندس. مون سان گڏ اندر هلڻ جي ڪنهن کي به ضرورت ناهي.“ هن کان اڳ بيريسٽر عبدالرحمان ڪڏهن به سناسي خان جي ڳوٺ يا گهر نه آيو هو. گهر ۾ اندر گهڙيو ته سناسي خان جي پرده نشين گهر واري وڏي چادر ۾ ويڙهجي سندس سامهون آئي، جنهن کي ڏسي ۽ جنهن جي ڏاهپ ۽ شائسته انداز واري گفتگو ٻڌي هو ڏاڍو متاثر ٿيو. سندس مٿي تي شفقت مان هٿ رکي چيو، ”بابا، سڀ خبر ٿي ويندو.“ سناسي خان جي ماءُ کي دلاسو ڏئي ۽ ٻارن کي پيار ڪري گهر مان ٻاهر نڪري پوليس کي چيائين، ”گهر ۾ ڪجهہ به ڪونهي، هلو…“

بھادرن جا دوست ۽ ساٿي به بھادر هوندا آهن، پر ڪي بدنيت ڪانئر وچ ۾ وار ڪري ويندا آهن. پوليس سناسي خان بڪڪ جي ڳولا ۾ سرگرم هئي، پر کيس لهي نه ٿي سگهي.

هڪ ڀيري هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي هڪ دوست وٽ ساٿين سميت آيل هو ته، سندس ڪنهن دشمن مخبري ڪري پوليس کي سندس موجودگي جو اطلاع ڏنو، پوليس اوچتو گهيرو ڪري کيس سندس ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو. سندس مڙئي دوست پهچي ويا، پر انگريزن کي ڊپ هو ته جي ڪيس ڪراچيءَ ۾ هلندو ته هو کين سنڀالي نه سگهندا، انهن ڪراچي ۾ ڪيس هلائڻ نه چاهيو ۽ کيس هڪدم ممبئي وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائون.

جڏهن کيس سندس ساٿين سميت ممبئي وڃڻ لاءِ پوليس جي سخت گهيري ۾ بندر گاھ تي آندو ويو ته، انهيءَ ڪوهستاني شينهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا اٿلي پئي هئي، جيڪي روئي رهيا هئا. جڏهن کيس بحري جهاز ۾ سوار ڪيو پَي ويو ته سندس گهر واري، ٻه ننڍڙا ٻار، ماءُ، ڀائر، سؤٽ ۽ سڀ ئي مائٽ، عزيز ۽ دوست بندر گاھ تي ساڻس موڪلائڻ آيا هئا، جيڪي ملاقات جي اجازت نه ملڻ ڪري سڀ ئي پري کان کيس ڏسي هٿ مٿي ڪري لوڏي، ساڻس موڪلائي رهيا هئا ته اوچتو پاڻ هڪل ڪري چيائين ته، ”منهنجا ٻَئي ٻار مٿي کڻو ته آئون ڏسان.“ جڏهن سندس مائٽ ۽ دوست اوڇگارون ڏئي ٻارن کي مٿي ڪلهن تي چاڙهي جهليو ته سندس به اکيون آليون ٿي ڏيئن جيان ٻرڻ لڳيون. سندس روشن پيشاني تجلا ڪري رهي هئي. مائٽن جي وچ ۾ بيٺل سندس ڀرجهلي گهر واري باوقار بيٺي گونگا ڳوڙها ڳاڙي لاکيڻي لطيف جا بيت جهونگاري رهي هئي،

مُون اُڀي تَڙَ وَٽَ، پِرِينَ پَڳھَ ڇَوڙِيا
ڪا مُنِهين ۾ گَهٽِ، نا ته سڄڻ سٻاجها گهڻو
….
مون اڀي تڙ جهل، پرين پڳھ ڇوڙيا
ڪا منهين ۾ ال، ناته سڄڻ سٻاجهر گهڻو

سناسي خان بڪڪ جي ممبئي اسهڻ کان پوءِ جبل ڄڻ ته ٻسو ٿي پيو. سندس گهر واري جنهن جي عمر ان وقت ستاويھ سال هئي. اها سندس وڇوڙو نه سهي بستري حوالي ٿي وئي، ٻار ڏاڏي ۽ چاچن جي حوالي هئا.

سَيئي جَوڀن ڏينهن، جڏهن سَڄڻ سَفر هليا
رُوئان رَهن نَه سپرين، آيل ڪريان ڪِيئن
مون کي چاڙهي چِينئن، وِيو وَڻجارو اُهِرِي.
(شاهه رح)

سناسي خان جي سؤٽ ڇٽي خان بڪڪ جڏهن ممبئي وڃڻ چاهيو، ته سناسي خان جي دوستن کيس جهليو ته متان اتي اوهان کي به سؤٽ هجڻ جي ناتي سان گرفتار ڪيو وڃي، اسين وڃون پيا ملاقات به ڪنداسين ۽ وري اچي اوهان کي حال احوال به ڏينداسين.
هو روانا ٿي ويا.
سناسي خان کي ويندَي به اٺ نو مهينا ٿي ويا هئا ۽ سندس دوستن به ورڻ ۾ دير ڪئي هئي. ان وچ ۾ سندس گهر واري جيڪا چوندي هئي ته، ’شال آئون سڄڻ (سناسي خان) کان اڳ وڃان، سندس وڇوڙو نه سهندي 28 سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي.

ٻاروچا ٻيا به گهڻا، منهنجو اجهو آرياڻي
چونڊي رکيم چِتِ ۾، ساجن سڃاڻي
جا وندر وڪاڻي، تنهن جو موٽڻ مَسَ ٿيئي.
(شاه رح)

ڏک ۾ ڏک آيو، سڀ ئي مائٽ هيڻا ۽ ڏکويل ٿي پيا. اوچتو اها خبر هُلي وئي ته سناسي خان جا اهي دوست ممبئيءَ مان موٽي آيا آهن، جيڪي ساڻس ملاقات ڪرڻ ويا هئا. سڀڪو انهن ڏانهن ڊڊي ڊوڙيو ته انهن اوڇنگارن سان ٻڌايو ته، ”انگريزن اسان سان ڊوھ ڪيو ۽ انهن بنا ڪيس هلائڻ جي سناسي خان کي کاڌي ۾ زهر ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو.“

ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، راوت ڪين رهن
يُجَاهِدُونَ فِي سَبِيلِ الله، ڪم اهو ئي ڪن
حورون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
(شاهه رح)

دوستن ٻڌايو ته جوڌي جوان اتي به کين ڪين مڃيو. ممبئي جيل جي قيدين ٻڌايو ته جڏهن جيل ۾ کيس دال ماني ڏنائون ته هن اها وٺي هيٺ رکي. جيلر کي به شايد کٽيءَ کنيو هو سو اهڙي اڻموٽ سان ڇيڙ ڪندي چيائين، ”نهارين ڇا ٿو دال ۾، هتي اها ئي ملندئي.“ قيدين ٻڌايو ته اسين ان وقت دم بخود ٿي وياسين، جڏهن سناسي خان پنهنجون ٽانڊا اکيون مٿي کڻي جيلر کي ڏٺو ۽ وڄ جيان دال واري پليٽ کڻي زور سان جيلر ڏانهن اڇلائي ته جيلر جو نرڙ ٻه اڌ ٿي ويو. ائين پي لڳو ته سندس مٿو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. پوءِ ته کيس سڀني کان ڌار اڪيلي کوليءَ ۾ الائي ڪٿي بند ڪيائون. پوءِ ته جيڪو ساڻس ٿيو اهو اڪيلي ٿيو. قيدين ٻڌايو ته اسان هيڏو بهادر ماڻهو نه ٻڌو، نه ڏٺو هو….

سڀئي ڊنڊڪرون ڏئي روئڻ لڳا. سندس دوستن ممبئي مان آندل سناسي خان جا ڪپڙا ۽ لٺ سندس ڀائرن ۽ سؤٽن جي حوالي ڪئي ته نئين سئين پِٽڪارو پئجي ويو.

دوستن ٻڌايو ته ساڻس گڏ ويل ساٿين کي سزا اچي وئي آهي، جن ۾ سندس دل گهريو دوست گل محمد جورڪاڻي به شامل هو.

سناسي خان بڪڪ جھڙن پٽن تي ڪوهستان جيترو ناز ۽ فخر ڪري، اهو ان جو حق آهي، جن سر ڏنو پر آڻ نه مڃي.

طبعي بهم رسان ڪھ، بسازي بعانمي،
يا همستي ڪھ ازسر، عالم توان گذشت.

(يا اهڙي طبيعت ڌاريو جو دنيا سان ٺهي ۽ منجهس کپي وڃو، يا اهڙي همٿ جو مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري وڃو).

(ج.ع منگهاڻي جي ڪتاب ’مانجو ڪوھستان‘ تان ورتل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close