نرگسيت ۽ سنڌي سماج

سلام انڙ

پونئين سال مون فرائڊ جي شخصيت بابت تصور تي هڪ مضمون لکي فيس بڪ تي رکيو هو. ان کان پوءِ لڳاتار ٻه موضوع منهنجي خيال ۾ پيوست هئا، ته انهن تي وقت ڪڍي ضرور لکبو؛ پر مصروفيتن ۽ پورالي طبيعت سبب اهو ڪم ٽرندو رهيو.

نرگسيت جي موضوع جي شروعات آئون پنهنجي هن مٿئين پس منظر کان ڪندس. منهنجي ان مٿئين تمهيد ۾ نرگسيت جي اعتبار کان چار پنج نقطا پنهنجي جوهر ۾ نرگسيتي آهن. جن جو مرڪز ڪجهہ لفظ آهن. جھڙوڪ:
مون لکيو، منهنجي خيال ۾، مصروفيتون، پورالي طبيعت
اهي اهڙا لفظ آهن جيڪي منهنجي شخصيت ڏانهن اشارو ٿا ڪن ۽ جن ۾ خوديء جو تصور ۽ احساس آهي.

ويهين صديءَ جي نفسيات، جيڪا ساختيات پس ساختيات، ردتشڪيل ۽ لاڪان جي تحليل نفسي جي زد ۾ آئي، ان  نرگسيت کي نفسيات جو هڪ پورو شعبو بنائي ڇڏيو آهي. نرگسيت يا سولي سنڌي ۾ پاڻ پڻو هڪ نفسياتي بيماري به آهي ته هڪ عام نفسيات به آهي. نفسيات جي ڪجهہ بيمارين سان گڏ نرگسيت به شامل هوندي آهي. جيئن مينيا ۾ نرگسيت هڪ عام لقاء آهي. بذات خود نرگسيت جي موضوع تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ به نرگسيت جو اظهار ٿي سگهي ٿو. فرانسيسي نفسياتدان ۽ فلسفي مشل فوڪو پنهنجي ڪتاب "هسٽري آف ميڊنيس” جنهن جو بعد ۾ نالو مٽائي "ميڊنيس اينڊ سولائزيشن” رکيائين، تنهن مهاڳ ۾ سڀ کان اڳ ۾ پاسڪل جو هڪ شاندار قول لکيو آهي
“Madness for man is so necessary that not be mad would amount an other form of madness”
ديوانگي ماڻهوء لاء ايتري ته ضروري آهي، جو ديوانو نه هجڻ به هڪ ديوانگي ئي آهي.

مشل فوڪو به ڪجهه نفسياتدانن وانگر ان خيال جو هو ته ڪجهہ نفسياتي بيمارين کي بيماريون نه سڏيو وڃي ۽ نه ئي انهن جو علاج ڪيو وڃي.

هڪ تحقيق موجب دنيا جا سڀ کان ذهين ترين ماڻهو ميلن ڪوليا جنهن کي اسين ماليخوليا يعني پاڻ سان ڳالهائڻ يا پنهنجي منهن ڳالهائڻ جي بيماري چوندا آهيون، سو اهي ذهين ترين ماڻهو ان بيماري جو شڪار هوندا آهن.

هتي هڪ مونجهارو آهي، اڳ ۾ ان کي حل ڪندي وڌون ٿا ته ڪجهہ ماڻهو ڪاڪوس ۾ ويهي آڱرين تي قرضن، پگهار يا آڪڙا پرچين يا ڪجهہ ماڻهو پاڻ سان ستل عورتون ڳڻيندا آهن يا ڪجهہ ماڻهو پنهنجي ماضي تي پاڻ سان ڳالهائيندا آهن، اهي ذهين ترين ماڻهن جي ان لسٽ ۾ شامل ناهن.

ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهي ذهين ترين ماڻهو پوءِ پاڻ سان ڳالهائندا ڇا آهن؟
نيوٽن جي مٿان جڏهن صوف ڪريو ته هن ڏينهن جا ڏينهن ويهي اهو سوچيو ته صوف هيٺ ڇو زمين تي ئي ڪريو، مٿي آسمان ڏانهن ڇو ڪونہ ويو؟ سوچڻ به پاڻ سان ڳالهائڻ ئي آهي. نيٺ نيوٽن اهو دريافت ڪيو ته اهو ڪشش ثقل جي قانون تحت ٿئي ٿو.

بظاهر آئين اسٽائين اسڪول واري دور ۾ بنھہ موڳو ۽ صفا نالائق شاگرد سمجهيو ويندو هو، ڇو تہ ان کان استاد جڏهن به ڪو سوال پڇندا هئا ته سوچ ۾ گم خيال ۾ محو مستان ٿي ويندو هو. آئين اسٽائين کي ايڏي ته سوچڻ ڪري ڊمينشيا يعني ويسر جي بيماري ٿي پئي جو ملازم ان جي کاڌي جا ٿانو نه کڻندو هو؛ ڇو تہ ماني کائي وري ويسر سبب هر هر ماني گهرندو هو. پوءِ ٿانو خالي ڏسي ياد ايندو هئس ته ماني کائي ڇڏي اٿم. آئن اسٽائين جي ان ويسر واري بيماري تي لطيفا به جام ٺاهيا اٿن. مثال طور : هڪ دفعي ٻاهران آيو ته پنهنجي لٺ  کي بيڊ تي سمهاري پاڻ ڪمري جي ڪنڊ ۾ لٺ واري جڳهه تي پاسيرو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو.!!
اهو موڳو آئين اسٽائين انسانذات جي تاريخ جو سڀ کان ذهين ترين ذهن ٿو سمجهيو وڃي، جنهن ڪائنات جي فاصلن جي ڪٿ جا قائدا دريافت ڪيا.

هنن مثالن ۽ ڳالهين ڪرڻ جو سبب اهو ٻڌائڻ آهي، ته سڀ نفسياتي بيماريون اصل ۾ بيماريون ناهن پر عمومي لقاء ۽ انساني سڀاء آهن.
سو نرگسيت يا پاڻ پسندي به هڪ حد تائين انساني ورتاء آهي، پر هڪ حد کان پوءِ بيماري به آهي.
نرگسيت لاء انگريزي ۾ لفظ نارسزم آهي، جيڪو اصل ۾ يوناني لفظ نارڪوسس مان ورتل آهي. نارڪوسس هڪ خوبصورت ڇوڪرو هو جيڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻيء جي تلاء مٿان بيهي ۽ ليٽي پنهنجي شڪل ڏسندو هو. پنهنجي حسن ۽ انگن کان ايڏو ته متاثر هوندو هو، جو سندس نالي پٺيان نارڪوسس اصطلاح ۽ سندس قصو مشهور ٿي ويا.

ڪجهہ پاڪستاني نفسياتدانن جو خيال آهي ته عمران خان جي پنجن منٽن جي ڳالھ ۾ هر چوٿون پنجون لفظ آئون ۽ مان ٿا اچن، سو خان صاحب سڀ کان وڏو نرگسيتي ڪردار آهي ۽ ان ئي سبب پاڻ کي اڳتي ڪرڻ لاء جڏي مڏي نالي ماتر حڪومت مصلحتون ڪري ورتي اٿس. عمران خان جي نرگسيتي تي ڪافي لکيو به ويو آهي.

سنڌ جي سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ نرگسيت جو لقاء انوکو ۽ ڪافي دلچسپ آهي. پنهنجي پارٽي وري پارٽي منجهان پارٽي ٺاهڻ، پارٽين اندر شخصي نعرا لڳرائڻ، پنهنجي سياست جي بچاء خاطر وڏن وڏن مسئلن تي مصلحت ۽ وائڙو موقف رکڻ، چٽين ۽ واضح ڳالهين کي بحثڻ ۽ نظرياتي تڪرار ڪوٺي پوئتي ڀڃي وڃڻ يا پنهنجي ڪهاڻين ۽ فرسوده قسم جي شاعري تي ويھ ويھ ماڻهن کان تعريفي تبصرا ڪتابن اڳيان پويان لکائڻ؛ ٿورو غور ڪندئو ته شاعرن جي تعريف شاعر پيا ڪندا هوندا، ڪهاڻيڪارن جي تعريف ڪهاڻيڪار پيا ڪندا هوندا. اديبن جا حلقا ٺهيل آهن، جيڪي هڪڙن کي قاضي چوندا ته ٻيا جواب ۾ کين حاجي چوندا. سياسي ڌريون هڪ ٻئي جي جلسن ۾ هڪ ٻئي کي اسٽيج تي ويهاري هڪ ٻئي کان ويٺا تقريرون ڪرائيندا. سڄو سنڌي سماج ننڍا ننڍا گروھ ۽ منڊليون فقط ۽ فقط ان پاڻ پڻي ۽ پاڻ وڻائڻ جي وٺ وٺان ۾ آهي. شاعر جو وڌ ۾ وڌ ايترو سياسي ڪم وڃي بچيو آهي جو هو ڪو آزاد نظم لکي سنڌ جو حق ادا ڪري ڇڏيندو ۽ جڏهن مرندو ته پوء عظيم به ٿي ويندو ۽ ٻيا سڀ سندس تعزيتي ريفرنس ۾ اچي کيس عظيم هجڻ جو لقب ڏئي ويندا، ڇو تہ ٻين کي به بعد ۾ مري عظيم ٿيڻو آهي. سموري ادب جو جائزو وٺو ته رڳو مقداري ادب!! معيار ۽ مطالعي جي ڌپ ئي نه ايندي. شخصي نرگسيتي ۽ غير انقلابي سياست ته سنڌ جا سنڌا ڪڍي ڇڏيا آهن.

نرگسيت زده فرد پنهنجي جوهر ۾ ان ڪري به خطرناڪ هوندا آهن جو انهن کي پنهنجي پاڻ کي اڳتي ڪڍڻ لاء کوڙ سارن ڪلهن کي استعمال ڪرڻو هوندو آهي. نوي ۽ اسي وارن ڏهاڪن جي سياست سنڌ جا هزارين نوجوان ڏهيسرن ۽ چي گويرن پٺيان ناڪارا ڪري ڇڏيا. چي گويرن جا اهي نرگسيتي مفاد اڄ به نوجوانن جو ڪلهو استعمال ڪرڻ ۾ محو آهي.

سبب ۽ حل ؟؟
هي انتهائي دقيق ۽ مفصل موضوع آهي، پر منهنجي سمجهہ ۾ ادارن جو غير موثر هجڻ شخصيتن جي نرگسيتي سحر کي وڌائي ٿو. ادارن جي بيهڪ ۽ ساخت جو تعلق رياست ۽ ان جي ڍانچي سان وابستہ آهي. سنڌ ۾ هڪ ئي اڳوڻ ٽيھ چاليھ سال پارٽي جو چيئرمين هوندو پر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ايئن ناهي. رياستي ڪلچر فردن جي نفسيات جي تشڪيل ڪجهہ ان ريت ٿو ڪري!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close