ترقي پسندئو ! تاريخ جو سڏ ورنايو!!

زلف پيرزادو

ملڪ ۾ نظرياتي سياست جي زوال کانپوءِ هاڻ اقتدار پرست سياسي پارٽين جو به زوال شروع ٿي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته سکڻن نعرن جي بنياد تي عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۽ عوام جي طاقت کي عملي طور سرچشمو سمجهڻ بدران اسٽيبلشمينٽ جي اطاعت ڪرڻ وارن جو تاريخ ۾ اول آخر اهو ئي انجام هوندو آهي نتيجي طور تاريخ جي ڪُکَ مان نيون سياسي صف بنديون جنم وٺنديون آهن. هينئر به سياسي صورتحال ڪجهه اهڙي ئي نظر اچي رهي آهي. ڇو ته نام نهاد لبرل ازم ۽ جمهوريت پسنديءَ جو راڳ آلاپيندڙ سياسي پارٽيون پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن. ڇو ته هڪ وڏي عرصي کان عوام موجوده سياسي پارٽين کي ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تائين پهچائيندو رهيو پر موٽ ۾ عوام کي  بک، بيروزگاري ۽ غربت کانسواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو، عوام سان ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ وٺي اقتدار جي ڪرسي ماڻڻ کانپوءِ سياسي پارٽيون رڳو سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حقن جو تحفظ ڪنديون رهيون، اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪارخانا توڙي ادارا ڀڳڙن مٺ تي ڏيهي ۽ پرڏيهي سرمائيدارن کي ڪميشن عيوض وڪرو ڪري هزارين ملازمن ۽ پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويو. پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي ماضيءَ جي معياري اداري کي ڪرپٽ ڪري تباهه ڪيو ويو.نتيجي طور اڄ انتهائي اهل ۽ ذهين نوجوان ڊگريون بغل ۾ کنيون روزگار لاءِ دردر ڀٽڪي رهيا آهن. پورهيت ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن، مهانگائيءَ جو خاتمو پري پري تائين نظر نه ٿو اچي.

هاڻي جڏهن سڀ ادارا تباهه ٿيا يا وڪرو ٿي چڪا تڏهن غريب ماڻهن کان سرمائيدارن، اباڻا اجها کسڻ شروع ڪيا آهن. جنهن ڪري هاڻي عوام ”تنگ آيد، جنگ آيد“ واري حالت ۾ پهچي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ وڏي عرصي کان سرمائيدار ۽ جاگيردار مسڪين ماڻهن جو پنهنجي سياسي پارٽين ذريعي رت چوسي رهيا آهن. جنهن ڪري سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي نمائندگي ڪندڙ سياسي پارٽين کان عوام جو بيزار ٿيڻ فطري عمل آهي.

ڪرپشن ۽ ڦرلٽ رڳو ڪنهن هڪ صوبي جو مسئلو نه آهي، اهو سڄي ملڪ جو الميو آهي. اهليت جو قتلام، تعليم ۽ صحت جي تباهي مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سرمائيدارن جاگيردارن ۽ ڪامورن جا ٻار ته پڙهن پرڏيهه ۾ يا ملڪ جي انتهائي مهانگن درسگاهن ۾ ۽ علاج ڪرائين آغا خان يا لياقت نيشنل جهڙين اسپتالن ۾ غريب ماڻهو سرڪاري اسپتالن ۾ صبح کان شام تائين ڌڪا کائي غير  معياري دوائون وٺي واپس وري ٿو. ڪڏهن اهو چئي مريضن کي موٽايو ويندو آهي ته لاڳاپيل ڊاڪٽر اڄ نه آيو آهي وري ايندڙ هفتي او پي ڊي ۾ اچجو وري مريض هفتو انتظار ڪري او پي ڊي ۾ پهچندو ته کيس اهو چئي واپس ڪيو ويندو ته ڊاڪٽر ڪنهن سيمينار ۾ مصروف آهي يا وري چيو ويندو ته پرڏيهه ويل آهي.مطلب ته غريب لاءِ نه علاج آهي ۽ نه ئي معياري تعليم وري جي ڪو غريب خاندان جو نوجوان گهر جا ٽپڙ ۽ ڍڳا ڍور وڪڻي پڙهي به پيو ته روزگار لاءِ سالن جا سال پيو ڌڪا کائيندو.

اهڙين حالتن ۾ عوام جي سياست کان لاتعلقي فطري آهي پر جڏهن عوام کي پلاند وٺڻ لاءِ ڪا حقيقي نظرياتي ۽ عوام دوست سياسي پارٽيءَ جو پليٽ فارم ملي ويندو آهي ته پوءِ جنگجو بڻجي ميدان ۾ لهندو آهي. اهڙا ڪرڻا هاڻي چمڪندا نظر اچي رهيا آهن ۽ ان جو احساس ڪنهن حد تائين اسٽيبلشمينٽ حامي سياسي پارٽين کي به ٿي رهيو آهي. مظلوم طبقا جيڪي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي سازش سبب قوم، مذهب ۽ نسل جي بنياد تي ڇڙوڇڙ هئا اهي هاڻ هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. جنهن جو تازو مثال بحريا ٽائون خلاف احتجاج جي، سنڌ مان ٻريل چڻنگ جو لاهور ۽ اسلام آباد تائين ڀڀڙ بڻجي پهچڻ آهي. ڇو ته سرمائيدار ۽ جاگيردار جي ڪابه قوم نه هوندي آهي. اهو ته ابتو غريب ماڻهن کي قوم، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي ورهائي سندن استحصال ڪندو آهي. جنهن جو مثال بحريا ٽائون آهي. جنهن نه رڳو سنڌ جي قديم رهواسين کي تاراج ڪيو آهي پر پنجاب ۾ به ساڳي ڪرت ۾ رڌل آهي. جيڪڏهن ان جي رستا روڪ لاءِ مزاحمت نه ٿي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي به محفوظ نه رهندا. شايد بحريا ٽائون جي ظلمن ئي ملڪ جي مظلوم طبقن کي منظم ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهو احساس ڏياريو ته جيڪڏهن مظلوم رنگ، نسل، مذهب ۽ قوم جي بنياد تي ڇڙوڇڙ رهيا ته پوءِ سرمائيدار ۽  جاگيردار جي ڏاڍ، ڦرلٽ، والار  ۽ ظلم کان ڪو به محفوظ نه رهندو. ان ڪري منظم ٿيڻ بنا نجات جي ٻي ڪابه راهه نه آهي.

هاڻ جڏهن مظلوم طبقن کي اهو احساس ٿي چڪو آهي ۽ متحد ٿيڻ جي ابتدا ٿي چڪي آهي تڏهن اهو به ممڪن بڻجي چڪو آهي ته مستقبل ۾ مظلوم طبقن جي ڪا سگهاري سياسي پارٽي جنم وٺي سگهي ٿي جيڪا موجوده سياسي جمود کي ٽوڙي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي نمائندگي ڪندڙ پارٽين لاءِ للڪار بڻجي وڃي ڇو ته موجوده حالتن ۾ ٻه ڳالهيون چٽيون ٿي سامهون آيون آهن: هڪ ته موجوده روايتي خانداني توڙي اسٽيبلشمينٽ حامي سياسي پارٽين کان عوام بيزاريءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ٻي اها ڳالهه چٽي ٿي آهي ته هاڻي ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ اٿي کڙا ٿيا آهن. ضرورت فقط هڪ حقيقي جمهوري ترقي پسند پورهيت دوست سگهاري سياسي پارٽي جي آهي جيڪا مظلوم طبقن کي جدوجهد لاءِ حقيقي پليٽ فارم يا ميدان مهيا ڪري. ان ڪري جهڙي طرح مظلوم طبقن کي پنهنجن حقن ماڻڻ لاءِ منظم ٿيڻ جو احساس ٿيو آهي. ڪاش! ملڪ جي پورهيت دوست جمهوري ۽ ترقي پسند ڌرين کي به ٿئي جيڪي ڇڙوڇڙ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن. اڄ انتهائي تاريخي گهرج آهي ته اهي هڪدم منظم ٿي مظلوم طبقن جي حقيقي معنيٰ ۾ نمائندگي ۽ اڳواڻي ڪن، ٻي صورت ۾ تاريخ کين معاف نه ڪندي.

عوامي آواز جي ٿورن سان

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close