اھي بہ ڏينهن ھئا!

حڪيم محمد سعيد/عبدالستار لغاري

آئون ھڪ مذھبي گھراڻي ۾ پيدا ٿيس۔ حضرت خواجہ باقي بِالله دھلي جو ھڪ الله جو نيڪ ٻانھو ھوندو ھو، حضرت اخوند سندن سلسلي جو بزرگ ھو، منھنجو والد صاحب ان جو مريد ھو. اسان جي خاندان جو تعلق دين جي بزرگن سان رھيو آھي، ان ڪري منھنجي تعليم بہ ان انداز سان ٿي آهي. منھنجي والده صاحبہ جو خيال هو تہ منھنجي تعليم سڀ کان پھرين ديني ٿئي. پھرين ناظرہ پوءِ حفظ ۽ ان کانپوءِ ٻي تعليم، امان سانئڻ جي ڪير بہ ڳالھ ٽاري نہ سگهندو ھو. منھنجي پھرين استاد منھنجي چاچي سانئڻ ھئي، سڀ کيس چاچي سانئڻ جي نالي سان سڏيندا ھئا. مون کي اڄ ڏينھن تائين سندس نالي جي خبر نہ پئجي سگهي آھي. سندس ديندار مڙس جو نالو داروغو رحيم بخش ھو، ھو حوض قاضي دھلي جي ٿاڻي تي نگران ھو، سندس وڏو دٻدٻو ھوندو ھو، اسان کيس چاچا سائين چوندا ھئاسين.

آئون ٽن سالن جو ھئس تہ مون کي قرآن شريف جي تعليم لاءِ مدرسي ۾ ويھاريو ويو، مدرسو ڪھڙو، ھي چاچي سانئڻ جو گهر ھو، ھو شوقيہ بلڪہ ثواب جي نيت سان ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم ڏيندي ھئي. چاچا سائين وڏو ديندار ھوندو ھو، سندس گهر ۾ ھڪ وقت ماني پچندي ھئي ۽ ٻہ ويلا انھي تي گذارو ڪندا ھئا. سندن گهر جو خرچو بہ ڏکيو پورو ٿيندو ھو، ان ڪري چاچي سانئڻ ڪپڙا بہ وڪڻندي ھئي، کيس ھڪ ڀاءُ بہ ھو، جنھن جو نالو عبدالجبار ھو، جيڪو وڏو ڪاوڙيل ھوندو ھو، اسان کانئس ڊڄندا ھئاسين. اھو زمانو ڪٽ پيس (ڪپڙن جي ٽڪرن) جو دور ھو، ڪٽ پيس جا تاڪيا ٺاھيا ويندا ھئا، چاچي سانئڻ اھي تاڪيا گهرائي، وڪڻي گهر جو خرچ پکو ھلائيندي ھئي.

چاچا سائين آچر جي ڏينهن اسان ٽن چئن ٻارن کي دھلي گهمائڻ لاءِ وٺي ويندو ھو، آئون ھر گروپ ۾ شامل ھوندو ھئس. دھلي گهمڻ اسان جي تعليم جو ھڪ حصو ھو. ھر آچر تي دھلي جون مختلف جڳھون گهمندا ھئاسين.

مون پنجن سالن کان پھرين قرآن شريف جو ناظرہ مڪمل ڪري ورتو، ختم قرآن شريف جي سڀ کان وڌيڪ خوشي منھنجي امان کي ٿي، کيس يقين ئي نہ پئي آيو تہ ڪو مون قرآن شريف مڪمل ڪري ورتو آهي. ھن پاڙي ۾ ھڪ آکاڙو ھوندو ھو، پھلوان ھتي ورزش ڪندا ھئا، ھي چيڪي ميٽي جو آکاڙو ھوندو ھو، مدرسي وڃڻ لاءِ رستو آکاڙي کان ھوندو ھو ان ڪري صبح شام ڪشتي ڏسڻ جي ڪري مون کي بہ پھلوان ٿيڻ جو شوق ٿيو. انھي زماني ۾ پھلوانن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي ھئي. انھن ڏينھن ۾ گاما پھلوان جي وڏي ھاڪ ھئي، گاما پھلوان کان آئون بہ گهڻو متاثر ٿيو ھئس. پھلواني جو شوق مون کي ھڪ ڏينھن آکاڙي ۾ وٺي ويو، پھرين ڏينھن مون کي استاد چيو، صبح جو سوير آکاڙي کي کھيڙي سان کوٽڻو پوندئي. اھو ڏکيو ڪم ھو، آکاڙي جي چيڪي تيل واري مٽي، وڏن ۽ ٿلھن متارن پھلوانن جي مقابلن سان ڄمي ويندي ھئي، مٽي کي نرم ڪرڻ لاءِ کوٽائي ڪرڻي پوندي ھئي. پھلواني جو پھريون سبق ھتان کان شروع ٿيو ۽ اٿ ويھ ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ئي مشقون ڪرڻيون پونديون هيون. ھي آکاڙو گهڻو مشھور نہ ھوندو ھو. انھن ڏينھن ۾ استاد ماھ رخ بيگ جو آکاڙو مشھور ھوندو ھو، جتي مون کي ڪشتي وڙھڻ جو موقعو مليو. انھن ڏينھن ۾ دھلي ۾ وڏا مقابلا ٿيندا ھئا، مقابلي ڏسڻ لاءِ ھزارين شوقين ايندا ھئا. ھڪ دفعي مون بہ اتي ھڪ مقابلو ڪيو ھو.

انھن ڏينھن ۾ ھڪ ڳالھ جهنگ ۾ باھ وانگر پکڙي ھئي تہ منگل سنگهہ پھلوان گاما پھلوان کي ڪشتي وڙھڻ جو چئلينج ڪيو آهي. منگل سنگهہ وڏو طاقتور پھلوان ھوندو ھو، گاما پھلوان منگل سنگهہ کي کلندي چيو پھرين تون منھنجي ڀاڻيجي حميد سان وڙھ، پوءِ منھنجي ڀاءُ امام بخش سان مقابلو ڪر، پوءِ مون سان ڳالھائجان. منگل سنگهہ کي پنھنجي پاڻ تي وڏو ناز ھوندو ھو، ھن سوچيو حميد تہ منھنجي اڳيان ڪجهہ بہ نہ آھي، سيڪنڊن جو کيل ٿيندو، آخرڪار معاملو طئي ٿيو تہ ڪشتي جو مقابلو دھلي ۾ ٿيندو. تاريخ مون کي ياد ناھي، ھي مقابلو دھلي ۾ ٿيو ھو، گاما پھلوان نہ آيو ھو ۽ نہ ئي امام بخش مقابلي لاءِ آيو ھو، سندن خاندان مان رحيم سلطاني ھڪ بزرگ پھلوان گاما خاندان جي نمائندگي ڪري رھيو ھو. آکاڙي ۾ ٻئي پھلوان مقابلي لاءِ لٿا، پھرين منگل سنگهہ آيو، منگل سنگهہ ھڪ ٿلھو متارو پھلوان ھو، ان جي مقابلي ۾ حميد ڪجهہ بہ نہ ھو، ايئن لڳي رھيو ھو، شينھن ۽ ٻڪري وڙھي رھيا آھن. ويٺل تماشائين تي سڪتو طاري ٿي ويو. ٻئي پھلوان آمھون سامھون ٿيا، ھڪڙي ئي جھٽڪي سان حميد پھلوان ڦڙتي سان منگل سنگهہ کي ڍيري ڪري سندس ڇاتي جي مٿان چڙھي ويھي رھيو. ان ناڪامي کان پوءِ منگل سنگهہ گاما خاندان کي ڪڏھن بہ چئلينج نہ ڪيو.

گاما پھلوان دھلي آيو تہ منھنجي ساڻس ملاقات ٿي، مون کيس چيو، آئون توهان سان مقابلو ڪرڻ چاھيان ٿو، ھو کليو ۽ ڏاڍي پيار مان 11 سالن جي محمد سعيد کي چيائين، يار ڇو منھنجي پٺيان پيو آھين، آئون ھارائڻ نٿو چاھيان. وقت گذرندو ويو، منھنجي ورزش وارو شوق جاري رھيو، آئون آکاڙي ۾ ويندو رھيس، ڪشتي وڙھندو رھيس ۽ پھلوان بہ ٿي ويس پر مشھور نہ ٿي سگهيس. آئون پھلوان ٿيان بہ ڪيئن ھا، سائين ممتاز حسين حساب سيکارڻ لڳو، سائين اقبال حسين انگريزي ۽ اردو جا سبق ڏيڻ لڳو، عربي ۽ فارسي سائين مولانا قاضي سجاد حسين پڙھائڻ لڳو، ھنن استادن منھنجو ھوش ٺڪاڻي تي لڳائي ڇڏيو ۽ اسان پھلوان ٿيڻ کان رھجي وياسين. پر استاد گاما سان ڪڏھن ڪڏھن ملاقات ٿيندي هئي تہ کيس مقابلي جو چئلينج ڪندو ھئس تہ ھو کلي ڀاڪر پائيندو ھو. گهڻو وقت گذري ويو، استاد گاما گوشہ نشين ٿي ويو، امام بخش پھلوان بہ ساڻس مصري شاھ لاھور ھليو ويو، حميد کي جالنڌر ۾ ڪنھن ذھر ڏيئي ماري ڇڏيو ۽ ايئن مستقبل جو رستم زمان ختم ٿي ويو.

پاڪستان ٺھيو تہ آئون ھتي ھليو آيس ۽ حڪيم ٿي ويس. ھڪ ڏينھن پنھنجي دواخاني تي ويٺو ھئس ڏسان تہ استاد گاما اچي رھيو آھي، آئون سندس احترام ۾ اٿي بيٺس ۽ نمي کيس ھٿ ڏنم تہ ھن پيار مان منھنجي پٺي ٺپري. ھو مريض جي حيثيت ۾ مون وٽ آيو ھو، کيس دوائون ڏنم. ھو لاھور ھليو ويو، سال کان پوءِ خبر پئي تہ استاد گاما گھڻو بيمار ٿي پيو آهي. آئون کانئس پڇڻ لاءِ مصري شاھ لاھور ويس، سندس زال منھنجي تمام گهڻي عزت ڪئي، آئون استاد گاما جي سيراندي کان ويھي رھيس. اھو استاد گاما جنھن جي پھلواني مشھور ھوندي ھئي، وڏو طاقتور ھوندو ھو، سندس خوراڪ ۾ ٻہ ڪلو بادام، ڏھ ڪلو کير ۽ پندرهن ڪلو بنا ھڏ وارو گوشت ھوندو ھو، ان جي اڳيان اڄ کير جو اڌ گلاس پيو آھي، سندس دل کير پيئڻ تي نٿي چئي ۽ اڄ ھو پنھنجي منھن تان مک ھڪلڻ کان بہ قاصر آهي. آخرڪار استاد گاما جو آخري وقت اچي ويو، دنيا جي طاقتور انسان موت کان ھارائي ويو، سندس جنازو کنيو ويو تہ لاھور جي ھر شھري جون اکيون آليون ھيون، ريڊيو پاڪستان سندس جنازي تي لائيو ڪمينٽري نشر ڪئي. اديب الملڪ نواب خواجہ محمد شفيع صاحب ڪمينٽيٽر ھو. خواجہ صاحب ماڻھن کي ڏاڍو روئاريو ھو، ۽ پوءِ منھنجي گذارش تي خواجہ صاحب گاما نالي ھڪ ڪتاب لکيو، جنھن کي مون انتھائي عقيدت ۽ احترام مان شايع ڪرايو ھو.

منھنجي والده پڙھيل لکيل نہ ھئي، ھو قرآن شريف جي تلاوت بہ نہ ڪري سگهندي ھئي پر روزانو ھڪ سيپارو اکرن تي آڱر رکي ڏسندي ھئي، پر ھن پنھنجي اولاد کي پڙھايو. منھنجو والد 42 سالن جي ڄمار ۾ 1922ع ۾ گذاري ويو، سندس وفات کان پوءِ ھمدرد جو سڄو ڪاروبار امان سنڀاليو ھو. مون جڏھن قرآن شريف مڪمل ڪيو ھو تہ آمين جي ھڪ شاندار تقريب رکي وئي، ان زماني ۾ قرآن شريف پڄائڻ تي ھڪ شاندار تقريب رکي ويندي ھئي جنھن کي آمين جي تقريب سڏبو ھو. مون کي پنھنجي آمين جي تقريب اڄ بہ ياد آھي، مون کي گهوٽ وانگر تيار ڪيو ويو ھو، ھڪ خوبصورت شيرواني پارائي موڙ ٻڌو ويو ھو. ان زماني ۾ ٽي وڏيون تقريبون ٿينديون هيون، بسم الله جي تقريب يعني قرآن شريف پڙھڻ کان پھرين تقريب، آمين جي تقريب جيڪا قرآن شريف پڄائڻ تي ڪئي ويندي ھئي ۽ پھرين روزي رکڻ تي بہ وڏي تقريب ڪئي ويندي ھئي. ان زماني ۾ شادي جي ڪاڄ تي بہ ايترو خرچ نہ ٿيندو ھو، جيترو ھنن پارٽين تي خرچ ڪيو ويندو ھو. ان تقريب ۾ منھنجي امان طرفان اعلان ڪيو ويو تہ محمد سعيد ھاڻي قرآن شريف حفظ ڪندو. اعلان ٻڌندي ئي منھنجا ٺپ ٺري ويا، پر امان جي اڳيان انڪار ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نہ پئي ٿيو.

مون کي ياد آهي منھنجي وڏو ڀاءُ مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ پئي چاھيو پر ايئن نہ ٿي سگهيو. چاچي سانئڻ حوض قاضي دھلي ۾ حويلي رضيہ بيگم ۾ رھندي ھئي، اتي ھڪ وڏي مسجد ھوندي ھئي ۽ مسجد ۾ ئي مدرسو ھوندو ھو، مدرسو ھڪ انجمن تعليم القرآن ھلائيندي ھئي، چاچي سانئڻ مون کي ان مدرسي ۾ داخلا ڪرايو. ان مدرسي ۾ سيد عمر دراز علي پڙھائيندو ھو، مون کي بہ ان وٽ ويھاريو ويو. حافظ سيد عمر دراز علي صاحب جيتوڻيڪ گهڻو پيرسن نہ ھو، صدر بازار دھلي ۾ سندس گهر ھوندو ھو، انھن ڏينھن ۾ ٽرامون ھلنديون ھيون، شايد ھڪ پئسو ڀاڙو ھوندو ھو. حافظ صاحب وقت جو وڏو پابند ۽ طبيعت جو سخت ھوندو ھو، کيس مرگيءَ جي بيماري ھوندي ھئي، مھيني ۾ ھڪ دفعو کيس دورو پوندو هو. جڏھن دورو پوندو ھئس تہ اسان ڏاڍا خوش ٿيندا ھئاسين تہ ھاڻي موڪل ٿيندي، پر موڪل نہ ٿيندي ھئي.

مدرسي تعليم القرآن ۾ ھر مھيني انسپيڪشن ٿيندي ھئي، انسپيڪٽر ٻارن کان امتحان وٺندا هئا. مون پھريون حج 1927ع ۾ ڪيو ھو، انھن ڏينھن ۾ قرآن شريف حفظ ڪري رھيو ھئس، ٻن مھينن کانپوءِ حج تان موٽيو ھئس ۽ نون سالن جي ڄمار ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو ھئم، مالڪ سائين حافظ سيد عمر دراز علي کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، جنھن جي ڪوششن سان قرآن شريف حفظ ڪيو ھيم.

منھنجي پھرين استاد جنھن وٽ مون ناظرہ پڙھيو ھو، جنھن کي اسان سڀ چاچي سانئڻ سڏيندا ھئاسين، سندس گهر جو ماحول ڏاڍو دلچسپ ھوندو ھو. مون کي چٽي طرح ياد آهي، آئون جڏھن ٽن سالن جي ڄمار ۾ پھرين ڏينھن سندس گهر ويو ھئس تہ سندس گهر جي اڳيان بجري پيل ھئي، ھلڪي برسات وسي رھي ھئي، بجري ڄمي وئي ھئي، اسان سڀ ٻار بجري تي ويھي کيڏي رھيا ھئاسين. آئون ٻين ٻارن سان گڏ بجري ۾ پير وجهي مٿان ڌڪ ھڻي گهر ٺاھيا ھئا.

چاچي سانئڻ جي گهر ۾ ڪيترائي اڇا ڪبوتر پاليل ھئا، چاچو ۽ چاچي ڪبوترن جو تمام گهڻو خيال رکندا ھئا، ڪبوترن کي رات واري ماني صبح جو ٽڪرا ڪري ڏيندا ھئا، ڪبوترن کي چڳائڻ وارو اھو ماحول ڏاڍو زبردست ھوندو ھو. ۽ پوءِ آئون بہ ماني جا ٽڪرا ڪبوترن کي ڏيڻ لڳس. ھڪڙي ڏينھن چاچي سانئڻ ڪنھن ڪم سان ڪيڏانھن وئي ۽ چاچو پنھنجي ڊيوٽي تي ويل ھو. گهر ۾ اسان ٻارن کان سواءِ ٻيو ڪير بہ نہ ھو. آئون سڀني ٻارن جو سربراھ بڻجي ويو ھئس، مونکي ھڪ شرارت سُجهي، ڪبوترن جي کڏي تي ڏاڪڻ رکي، اندر ويس، سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت ڪبوتر کي جهلي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم تہ ڪبوتر منھنجي ھٿن مان ڇڏائجي ويو ۽ انھي ڪوشش ۾ سندس پڇ پٽجي پيو. آئون پريشان ٿي ويس، ھاڻي جڏھن چاچا ۽ چاچي ٻانڊي ڪبوتر جي باري ۾ پڇندا تہ کين ڪھڙو جواب ڏيندس، انھي واردات جا پندرهن سورهن ٻار اکين ڏٺا شاھد ھئا. رات گذري وئي، ٻي ڏينهن جڏھن ماما فضل مدرسي ۾ ڇڏڻ آيو تہ، چاچا ۽ چاچي ڪبوترن کي چڳائي رھيا ھئا، ڪبوترن ۾ بنا پڇ وارو ڪبوتر واضح نظر اچي رهيو ھو، آئون جڏھن چاچي سانئڻ وٽ ويجهو پھتس تہ ھن مون کان پھريون سوال ئي اھو ڪيو تہ پٽ سعيد ڪبوتر جو پڇ ڪيڏانھن ويو؟ مون ٿڌو ساھ کنيو ۽ جيڪو ڪجهہ ٿيو، سڀ ٻڌائي ڇڏيو. سچ ڳالھائڻ تي چاچي خوش تہ ٿي پر تنبيھ ڪندي چيائين تو اھو عمل ڏاڍو خراب ڪيو آهي ۽ پوءِ مون تي پابنديون لڳايون ويون پر پوءِ مون کي ڪبوتر پالڻ وارو شوق جاڳيو، حافظ ٿيڻ کان پوءِ امان سانئڻ مون کي ڪيترائي ڪبوتر وٺي ڏنا.

مون کي پنھنجو ننڍپڻ اڄ بہ ياد آھي، جڏھن اسان ٽيئي ڀائر گهر کان ٻاھر نڪرندا ھئاسين تہ وڏو ڀاءُ حڪيم عبدالحميد اڳيان ھوندو ھو، آئون ۽ ٻيو نمبر ڀاءُ عبدالوحيد پٺيان ھوندا ھئاسين، آئون ڪوشش ڪندو ھئس تہ پٺيان ساڄي پاسي کان ھجان، آئون ڪوچہ ڪاشغري بازار سيتارام کان ھمدرد دواخاني تائين پنھنجا قدم ٺيڪ انھي جڳھ تي رکڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس، جتي وڏو ڀاءُ رکندو ھو، وڏي ڀاءُ جون وکون بہ وڏيون ھونديون ھيون ۽ آئون ننڍو ۽ وکون بہ ننڍيون، ان ڪري مون کي وڏا ٽپ ڏيڻا پوندا هئا. زندگي ۾ ڪوشش ڪئي اٿم تہ ڀاءُ جي نقش قدم تي ھلان. اڄ جڏھن پنھنجي قدمن جي نشانن جو جائزو وٺان ٿو تہ خبر پوي ٿي تہ ڀاءُ منھنجي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو آھي، منھنجي تربيت خاطر ھن نہ ڄاڻ پاڻ کي ڪھڙين شين کان محروم رکيو آھي. ڀاءُ کي منھنجي تربيت جو اونو ھوندو ھو.

ھتي ھڪ واقعو ياد پيو اچي، 1934ع جي ڳالھ آهي، رمضان جو مھينو ھو، تمام گهڻي گرمي ھئي، مسجد مان جيئن ئي آذان ٻڌم، ڀڄندو گهر آيس، دسترخوان تي وڏو ڀاءُ، والده، ڀينرون ويٺل ھيون، خبر ناھي ڀاءُ عبدالوحيد ڪھڙي حرڪت ڪئي، آئون ٽھڪن ۾ پئجي ويس، آئون ٽھڪن ۾ ئي ھئس تہ اچانڪ ھڪ زوردار ٿڦڙ منھنجي ڳل تي لڳي، اھا وڏي ڀاءُ جي ٿڦڙ ھئي، جنھن منھنجا چوڏنھن طبق روشن ڪري ڇڏيا. ڀاءُ نصيحت ڪندي چيو تہ دسترخوان جا بہ ڪجهہ آداب ھوندا آھن، اتي جڏھن ويھجي تہ ٽھڪ نہ ڏجن. مون سڄي زندگي ڀاءُ جي ھٿان صرف ٻہ دفعا مار کاڌي آھي، ھڪ 1934ع ۾ ۽ ٻيو جڏھن 1927ع ۾ جڏھن حج تي وڃي رھيا ھئاسين. ھڪ ڏينھن شام جو مون نئون سليپر خريد ڪيو، سليپر ۾ چمڪ گهڻي ھئي، آئون ڏاڍو خوش ٿيس ۽ اتان ئي سڌو ھمدرد منزل ويس، ڀاءُ دواخانو بند ڪرڻ لاءِ اٿي رھيو ھو، آئون جيئن ڏاڪڻيون چڙھي رھيو ھئس تہ منھنجي نئين سليپر مان وڏا آواز اچي رھيا ھئا، ڀاءُ آواز ٻڌو تہ پھرين سليپر جي وڏي تعريف ڪيائين، پوءِ چيائين ادا زمين تي ھلڻ مھل عاجزي اختيار ڪجي، ماڻھو ھلي تہ جوتن جو آواز نہ اچي. جڏھن چوڏھن سالن جو ٿيس تہ ھڪ ڏينھن ڀاءُ مون کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ پنھنجي ويجهي ويھاريائين، ھن منھنجي چوڏھن سالن جي زندگي ۾ ٻہ دفعا ھڪ ھڪ ٿڦڙ ھنئي ھئي، اھا ڳالھ ٻڌائيندي مون کي ڏاڍو شرم پيو اچي تہ ٻنھي دفعا منھنجو پيشاب وھي ويو هو، ھاڻي جو گهرايو ھئائين، تہ منھنجو ساھ مٺ ۾ اچي ويو، ٿڦڙ کان وڌيڪ ڊپ پيشاب وھڻ جو ھو، پر ايئن نہ ٿيو، ان ڏينھن ڀاءُ جو رويو ڏاڍو بھترين ھو، چيائين، ميان سعيد تو رانديون بہ سڀ کيڏي چڪو آھين، ھاڻي ڪھڙو ارادو اٿئي، رڳو رانديون کيڏندو رھندين يا پڙھڻ لکڻ جو بہ ڪو ارادو آھي. ڏاڍو ڊپ پئي ٿيم پر انھي سوال تي حيراني ٿيس، سوچيم تہ قرآن شريف حفظ ڪرڻ بہ ڪو وڏو ڪارنامو نہ ٿيو، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي پڙھڻ بہ ڪا وڏي ڳالھ نہ ٿي، آخر ڀاءُ اڃا ٻيو ڇا ٿو چاھي، مون محسوس ڪيو تہ منھنجي دل ۾ بغاوت پيدا ٿي آھي. ڀاءُ منھنجي دل ۾ پيدا ٿيندڙ خيالن کي پڙھي ورتو، چيائين ھا تو گهڻو پڙھيو آھي، رانديون بہ گهڻيون کيڏيون آھن، مون توکي موٽر ڪار ھلائيندي بہ ڏٺو آهي، مون کي اھا بہ خبر آھي تہ تو گذريل سال ڊرائيونگ لائسنس بہ وٺي ڇڏيو آهي. توکي بيلا روڊ تي موٽرسائيڪل ھلائيندي بہ ڏٺو آهي پر يار منھنجي راءِ اھا آھي تہ وڏو ماڻھو ٿيڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجھ پڙھڻو باقي آھي، ان ڪري پڙھائي ۽ راند ٻئي گڏ نٿا ھلي سگهن. ھاڻي اھو فيصلو توکي ڪرڻو آهي تہ راند يا پڙھائي.

آئون فٽبال راند ۾ ڪافي ماھر ٿي چڪو ھئس، دھلي ينگ ۾ کيڏي چڪو ھئس، حافظ رشيد جيڪو ھندستان جو سڀ کان وڏو فارورڊ مڃيو ويندو ھو، حافظ ڪرامت جن لاءِ مشھور ھو تہ جيڪڏهن حافظ رشيد گڏ ھجن تہ مخالف ٽيم تي رڳو گول ڪن، عقيل جيڪڏهن وچ ميدان تان ڪڪ ھڻي تہ گول ڪيپر جي مجال ئي ناھي گول بچائي سگهي، آئون انھن رانديگرن سان کيڏندو رھڻ چاھيندو ھئس. ۽ آئون ھندستان جي سڀ کان وڏي فٽبال ٽيم محمڊن اسپورٽنگ ۾ کيڏڻ جا سانباها ڪري رھيو ھئس. ڀاءُ کي چيم، آئون سوچي سڀاڻي جواب ڏيندس ۽ ٻي ڏينھن مون ڀاءُ سان واعدو ڪيو تہ سڀاڻي ٻڌائيندس. ان ھڪ ڏينھن ۾ مون ڀڄ ڊڪ ڪري محمڊن اسپورٽنگ جي رُڪنيت حاصل ڪري ورتي ۽ ھڪ ٻن مئچن جي منظوري بہ ملي وئي، ٻي ڏينھن ڀاءُ کي چيم، ادا مون سڀ رانديون ڇڏي پڙھڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ۽ پوءِ مون سڀ رانديون ڇڏي ڏنيون، سنڌ جو شطرنج چئمپين بڻجڻ کانپوءِ آل انڊيا شطرنج چئمپين ٿيڻ جي تياري ڪري رھيو ھئس، انھي تان بہ ھٿ کنيم.

ڀاءُ منھنجي داخلا دھلي جي طيبہ ڪاليج ۾ ڪرائڻ پئي چاھي پر اتي 16 سال کان گهٽ ڄمار واري شاگرد کي داخلا نہ ڏني ويندي ھئي،. داخلا نہ ملي. دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس تہ ھڪ سال کيڏڻ لاءِ ملي ويو، ھاڻي ڊيورنڊ فٽبال مئچ کيڏي وٺندس ۽ فرسٽ ڪلاس فٽبال رانديگر جو نالو بہ ملي ويندو، پر ڀاءُ جي ھڪ دوست حڪيم مولوي ظھير علي مدد ڪئي، داخلا لاءِ ٽيسٽ ٿي، اھو ڏاڍو خراب ٿيو جو آئون پھريون نمبر اچي ويس، حالانڪ مون ڄاڻي واڻي پيپر خراب ڪيو ھو پر پوءِ بہ پھريون نمبر اچي ويس. طيبہ ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي، ڪاليج ۾ سڀ کان گهٽ ڄمار وارو شاگرد ھئس، منھنجي پڙھائي شروع ٿي، رانديون سڀ ختم ٿي ويون. گهر اچي وڏي حسرت سان بيڊمنٽن جي ريڪٽ کي ڏسندو ھئس، موٽر سائيڪل جنھن کي لانگ جمپن لاءِ ڪم آڻيندو ھئس، ھاڻي ان تي سوار ٿي طيبہ ڪاليج وڃڻ لڳس. ھاڻي اسان ٻئي ڀائر صبح کان شام تائين گڏ ويھندا ھئاسين، صنعتي مسئلا ھوندا ھئا، روح افزا جو موضوع ھوندو ھو، صافي تي ڳالھائيندا ھئاسين، سنڪارا جي فارمولا تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ھئي ۽ شام جو خانداني مسئلن تي ڪچھري ٿيندي ھئي.

آئون جڏھن ڏھ يارنھن سالن جو ھئس تہ وڏي ڀاءُ دھلي ۾ ھڪ جائيداد ورتي، اھا جائداد ھن پنھنجي نالي ڪئي، ان وقت آئون جائيداد جي اھميت کان واقف نہ ھئس، منھنجي ھڪ مائٽ منھنجا ڪن ڀريا تہ توھان ٻہ ڀائر آھيو، جائداد ۾ تنھنجو حصو بہ ھجڻ گهرجي، تنھنجي ڀاءُ تنھنجو حق کاڌو آھي. مون ناداني ۾ اھا ڳالھ اچي امان سان ڪئي، امان ڪجھ نہ ڪڇي، مھيني کانپوءِ خبر پئي تہ ڀاءُ خريد ڪيل جائداد وڪڻي ڇڏي آھي ۽ انھي رقم مان زمين ورتي آھي، جيڪا ھن پنھنجي ڀاءُ محمد سعيد جي نالي تي ڪئي آھي. امان ڀاءُ کي ٻڌايو ھو ۽ ھن سڀ ڪجھ منھنجي نالي ڪري ڇڏيو. ڀاءُ منھنجي تربيت لاءِ پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو، اڄ منھنجي جيڪا ٿوري گھڻي عزت آھي، اھو سڀ ڪجھ منھنجي ڀاءُ جي ڪري آھي، محمد سعيد کي حڪيم محمد سعيد ڪرڻ وارو منھنجو ڀاءُ ھو.

ماھوار امرتا جي ٿورن سان.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close