اميزان ٻيلو: ڌرتيءَ جي گولي تي حياتياتي انيڪتا وارو سڀ کان وڏو ماڳ!

خادم رند

دنيا جو سڀ کان وڏو برساتي ٻيلو اميزان (Amazon Rainforest) ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ اميزان ۽ ان جي سلامي درياھن پاران پاڻي ھيٺ آيل علائقن (River Basin) جو تمام گهڻو حصو والاري ٿو. لڳ ڀڳ 70 لک ھم چورس ڪلوميٽرن واري ايراضيءَ مان اميزان ٻيلو 55 لک ھم چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھي. اميزان ايترو تہ وڏو ٻيلو آھي جو اھو نون ملڪن تائين پکڙيل آھي، جن ۾ بوليويا، برازيل، ڪولمبيا، ايڪواڊور، فرينچ گيانا (فرانس)، گيانا، پِيرُو، سُرينام ۽ وينزويلا شامل آھن. ان ٻيلي جو سڀ کان وڏو يعني 60 سيڪڙو حصو برازيل ۾ آھي. جڏهن تہ 13 سيڪڙو پيرو ۽ 10 سيڪڙو حصو ڪولمبيا جي حدن اندر اچي ٿو.

اميزان ٻيلي کي انگريزيءَ ۾ Amazon Rainforest کان سواءِ Amazon Jnngle ۽ Amazonia بہ سڏيو ويندو آھي.

اميزان ٻيلي جي اتر ۾ گيانا جا مٿانھان جابلو علائقا (Highlands)، اولھ ۾ اينڊيز جابلو سلسلو (Andes Mountain Range)، ڏکڻ ۾ برازيل جو وچون جابلو پٽ (Centeral Plateau) ۽ اوڀر ۾ ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ (Atlantic Ocean) واقع آھن. اميزان دنيا جو وڏي ۾ وڏو درياھي پاڻي ھيٺ آيل علائقو (River Basin) آھي. اتي سڀ کان گهڻو مينھن، گهم ۽ گرمي پد بہ ملي ٿو.

حياتياتي انيڪتا (Biodiversity) جي حوالي سان اميزان دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ اھم ترين ماڳ آھي.
ارضياتي ماھرن جي اندازن موجب اميزان ٻيلو يوسين جُڳ (Eocene Era) دؤان 56 ڪروڙ کان 33 ڪروڙ 90 لک سال اڳ ڌرتيءَ تي وجود ۾ آيو. اميزان ٻيلي جي وسيع حدن اندر حياتياتي انيڪتا جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ھتي مختلف قسمن جي ساھدارن جون 30 لکن کان بہ وڌيڪ جنسون ملن ٿيون. رڳو وڻن ٻوٽن جون سورنھن ھزار جنسون (Species) ملن ٿيون ۽ وڻن جو انگ 3 ارب 90 ڪروڙن تائين ٻڌايو وڃي ٿو. کير ڏيندڙ جانورن جون 430 کان وڌيڪ جنسون ملن ٿيون، جن ۾ سڀ کان وڏو انگ چمڙن (Bats) ۽ ڪُتريندڙ جاندارن (Rodents) جو آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڪتريندڙ ساھدار ڪيپيبارا (Capybara) بہ اميزان ٻيلي ۾ ملي ٿو، جنھن جو وزن 91 ڪلوگرامن تائين ٿيندو آھي. ٻين جانورن ۾ جاگوار (Jaguar) مناتي تاپر (Manatee Tapir)، ڳاڙھو ھرڻ (Red Dear) ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ڀولڙا (Monkeys) پڻ شامل آھن. پکين جي حوالي سان بہ اميزان ٻيلو شاھوڪار آھي، ڇاڪاڻ تہ ھتي پکين جون 1300 کان مٿي جنسون ملن ٿيون. انھن مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو طوطو ھياسنٿ ميڪا (Hyacinth Macaw) بہ ھڪ آھي، جنھن جي پرن جي پکيڙ 130 کان 150 سينٽي ميٽرن تائين ٿيندي آھي. ريڙھياڪ جاندارن (Reptiles) جون اميزان ۾ 450 کان مٿي جنسون موجود آھن جن ۾ نانگ، ڪرڙين ڪُمين (Tortoises) ۽ ڪڇن (Turtles) کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي ساھدار شامل آھن. جل ٿلين جاندارن (Amphibians) جون دنيا ۾ 4000 کن جنسون ملن ٿيون، جن مان اڪيلي اميزان ۾ 427 جنسون ملن ٿيون. انھن ۾ رڳو ڏيڏرن جون 80 جنسون شامل آھن. ان کان سواءِ جيتن جا ھتي 2.5 ملين يعني اڍائي لک قسم ملن ٿا.

دنيا ۾ وڻن ٻوٽن جي وڏي ذخيري سبب اميزان ٻيلو انسانذات جي بقا لاءِ آڪسيجن مهيا ڪرڻ جو اڻ ميو ذخيرو آھي، جنھن ڪري کيس ”ڌرتيءَ جا ڦڦڙ“ جھڙي اعزازي نالي سان بہ سڏيو ويندو آھي.

اميزان ٻيلي کي جيڪڏهن انسانذات جو گڏيل ورثو چئجي تہ ان ۾ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. انساني آباديءَ ۾ بي پناھ اضافي ڪري ٿيندڙ والار ۽ مختلف سببن ڪري لڳندڙ باھيون دنيا جي ان اثاثي لاءِ ھن وقت وڏي ۾ وڏو خطرو آھن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close