ڪجهہ تحريرون تاريخ جون امانتون ھونديون آھن، ھيءَ بہ ھڪ اھڙي ئي تحرير آھي. ھي بنيادي طور تي مرشد سائين جي ايم سيد جو ھڪ انٽرويو آھي، جيڪو مون پنھنجي دوست ارشاد احمد امين جي ھفتيوار مئگزين ’طلوع‘ لاھور لاءِ سال 1989ع ۾ ڪيو ھو. ’طلوع‘ مختصر وقت ۾ صحافتي ميدان ۾ پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاھي ھئي پر گهڻو نہ ھلي سگهيو. مرشد سائين جي ايم سيد جي انٽرويو ۾ گهڻو ڪري تاريخ تي ڳالھ ٻولھ ٿي ھئي. مرشد سائين جي ايم جو انٽرويو وٺڻ لاءِ لاھور کان ڊگهي مسافري ڪري دادو ضلعي جي ڳوٺ سن پھتو ھئس، ۽ ھن ئي ڳوٺ ۾ سياستدان ۽ سنڌي قوم پرست سيد غلام مرتضٰي شاھ ڪاظمي سان ملاقات طئي ٿيل ھئي. سيد غلام مرتضٰي شاھ ڪاظمي ھند ۽ سنڌ ۾ جي ايم سيد جي نالي سان مشهور ھو ۽ اڄ بہ آھي. سنڌي قوم پرست اڳواڻ، دانشور، اديب ۽ محقق طور مشھور آھي، سندس انھن خاصيتن کان ڪنھن کي بہ انڪار ڪونھي. منھنجي لاءِ شاھ لطيف جي ھن عاشق سان ملاقات ۽ انٽرويو ڪرڻ ڪنھن اعزاز کان گهٽ نہ ھو.
نماشام ڌاري سن پھتس تہ ھڪ وڏو جهٽڪو لڳو، معلوم ٿيو تہ سائين طبيعت جي ناسازي جي ڪري ڪراچي نڪري ويو آهي. اھو ٻڌي ڏاڍي مايوسي ٿي. مون کي غمگين ۽ مايوس ڏسي، سائين امداد محمد شاھ، سائين جي ايم سيد جي پٽ، چيو، ”ادا پريشان ڇو ٿا ٿيو، سڀاڻي آئون بہ ڪراچي ويندس، سائين سان ملاقات ڪري وٺجو، توھان کي سائين پاڻ ٽائم ڏنو آھي، ڪجهہ وقت آرام ڪيو، ماني کانپوءِ ڪچھري ڪنداسين.“ ٻي ڏينهن صبح امداد محمد شاھ سان آئون ڪراچي لاءِ نڪتس، ٺيڪ يارھين وڳي ڌاري اسان سائين وٽ حيدر منزل ڪراچي پھتاسين. ڪجهہ وقت آرام ڪرڻ کانپوءِ سائين مونکي پنھنجي ڪمري ۾ گهرايو. سائين جي بيڊروم ۾ داخل ٿيس، تہ سائين کلندي چيو، بابا منھنجي ڪري توکي ڏاڍي تڪليف ٿي، پر ڇا ڪيان، پِيري آھي، طبيعت خراب ٿيندي خبر ئي نٿي پوي. پوءِ پڇايائين، سن ۾ رھائش دوران ۽ سفر ۾ ڪا تڪليف تہ ڪانہ ٿي. چيم، نہ سائين سڀ خير ٿي ويو.
پوءِ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو.
توھان پاڪستان جي قيام لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي ۽ منظور بہ ڪرائي، ۽ پوءِ مسلم ليگ کان پنھنجون سياسي راھون الڳ ڇو ڪيون؟
سائين جواب ڏنو تہ ”آل انڊيا مسلم ليگ ۾ فيصلا جمھوري بنيادن تي نہ پر شخصي بنيادن تي ٿيندا ھئا، اختلافن جو مکيہ سبب ئي اھو ھو.“
پر ھو چون ٿا تہ توھان ڪانگريس ۽ گانڌي جي چوڻ تي مسلم ليگ کان الڳ ٿيا ھئا؟
”انھن الزامن تي وقت ڇو ضايع ڪيان، جيڪڏھن ايئن آھي بہ، تہ پوءِ آئون ڪانگريس ۾ شامل ڇو نہ ٿيس، ھي مسلم ليگ وارا پاڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن کي بہ محب وطن نٿا سمجهن، حالانڪہ انگريزن جا سڀ وفادار ھن پارٽي مان آيا. مونکي انھي ڳالھ جو احساس پاڪستان قائم ٿيڻ کان پھرين ئي ٿي چڪو ھو تہ اسان سنڌي مسلمانن وڏي غلطي ڪئي آهي.“
ڇا ايئن ئي، جيئن توھان مسجد منزل گاھ تحريڪ ۾ شامل ٿي ڪئي ھئي؟
”بلڪل مونکي ھندن خلاف مولوين جي ھن تحريڪ ۾ شامل نہ ٿيڻ گهربو ھو، انسان تجربن مان سکندو آهي، انڪري آئون ورھاڱي کان وٺي چوندو پيو اچان تہ اسان جي بقا سنڌيت ۾ آھي، اھو ئي ھڪ طريقو آهي پنھنجي تاريخ، تشخص ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ جو. ذوالفقار علي ڀٽي کي بہ مون چيو ھو تہ پنجاب جي سول ۽ ملٽري اشرافيہ توکي پنھنجن مقصدن لاءِ رستو ڏيندي پر جيئن ئي انھن جا مقصد پورا ٿيندا، ھو توکي ابدي ننڊ سمھاري ڇڏيندا. وقت ثابت ڪيو، ڀٽي کي سمجهڻ گهربو ھو، ھي ڪنھن ھڪ قوم جو ملڪ ناھي، مصنوعي طريقي سان قوم سازي جي خواھش رکندڙ اصل ۾ ورھائڻ واري راند کيڏي رھيا ھئا.“
اڇا ٺيڪ، جناح صاحب ۽ ڀٽو صاحب ڪھڙي قسم جا ماڻھو ھئا؟
سائين کليو ”شرارت کان نٿو مڙين“ ۽ پوءِ چيائين ”جناح ڪنھن جي ٻڌندو ڪونہ ھو، ڀٽو ڪنھن جي مڃيندو ڪونہ ھو. ذاتي حيثيت ۾ ٻيئي نفيس ماڻھو ھئا. ڀٽي کي وڏي ليڊر ٿيڻ جو شوق هو، جيڪڏھن چاھي ھا تہ فيڊرشن ۾ موجود قومن کي پنھنجا حق ڏيئي ڪيل گناھن جو ڪفارو ادا ڪري پئي سگهيو پر بدقسمتي سان ھن پنھنجي سياست ڀارت دشمني تي ڪئي. اڙي بابا اسان مقامي قومن ۾ صرف پنجاب جي ڪجهہ ضلعن جي ڀارت سان دشمني ٺھي ٿي ۽ سمجهہ ۾ بہ اچي ٿي، ٻيا انھي باھ ۾ ڇو سڙن. ورھاڱو ٿيو، اڳرائي ڪنھن ڪئي، ٻيئي ملڪ واڳون وارا ڳوڙھا ڳاڙين ٿا، پر تاريخ جو سچ اھو آھي تہ ورھاڱي جي خون خرابي جي ذميداري لاھور ۽ راولپنڊي جي پنجابي مسلمانن تي عائد ٿئي ٿي، اڳرائي ھنن ڪئي ھئي.“
سائين، ھاڻي انھن پراڻين ڳالھين جي ورجائڻ جو ڪھڙو فائدو؟
سائين ڪجھ لمحا خاموش رھيو ۽ پوءِ چيائين، ”سنڌين جو مستقبل سنڌو ديش ۾ آھي.“
پر سائين سنڌ تہ ھاڻي ھڪ الڳ صوبو آھي۔۔
سائين جواب ڏنو تہ، ”مون الطاف حسين کي بہ چيو ھو، سنڌي ٿي وڃ، سنڌين سان گڏجي جدوجھد ڪر، پر ھن کي ٻيو قائداعظم ٿيڻ جو جنون ھو. ھاڻي آئون صرف ۽ صرف سنڌين لاءِ سوچيان ٿو.“
سائين کي پڇيم، توھان صوفي شاھ عنايت شھيد جي فڪر جا وارث آھيو، انسانيت جي ڳالھ ڇو نٿا ڪيو؟
سائين چيو، ”سنڌي بہ انسان ئي آھن، پھرين انھن کي پنھنجا حق ملن پوءِ اسان ٻين مظلوم قومن لاءِ جدوجھد ڪنداسين.“
توھان صوفي سني ڪاظمي سيد خاندان سان تعلق رکو ٿا، پوءِ توھان ’جيئن ڏٺو آ مون‘ ڪتاب ڇو لکيو؟
”اھو منھنجي مطالعي جا نوٽس آھن، آئون ھاڻي بہ سمجهان ٿو ۽ چوان ٿو تہ مذھب کي سياست کان ڌار ھجڻ گهرجي، آئون دھريو يا لادين ناھيان، البتہ مذھب جي نالي ۾ ٿيندڙ واپار کان بدظن آھيان. آئون شعوري طور تي ان ڳالھ جو ادراڪ رکان ٿو تہ سيڪيولرزم ئي ملڪ جي سڀني طبقن کي حق ڏيئي سگهي ٿو.“
ڀلا توھان جنرل ضياءَ سان ڇو مليا؟
”آئون مليس…..!؟ اھا تہ ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي! ادا ھو مون سان ملڻ آيو ھو، جڏھن آئون اسپتال ۾ داخل ھئس، ھو منھنجي عيادت ڪرڻ آيو ھو، ھن منھنجي باري ۾ ڊاڪٽرن سان ڳالھايو ھو، ۽ ھن مونسان بہ مختصر گفتگو ڪئي ھئي، ان ملاقات ۾ سياست تي ڪا بہ ڳالھ ٻولھ نہ ٿي ھئي.“
اسان مرشد سائين جي ايم سيد جي سياست سان اختلاف ڪري سگهون ٿا، پر سندن حب الوطني کان انڪار نٿا ڪري سگهون. سنڌ جو شايد ئي ڪو پڙھيو لکيو ھجي، جنھن سائين جون تصنيفون نہ پڙھيون ھجن. مرشد سائين پنھنجو موقف دليلن ۽ شاھدن سان رکندو ھو، ھو پنھنجي ڳالھ تي آخر تائين ثابت قدم رهيو، ان لاءِ کيس وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي.