ٽي نصيحتون (عالمي ادب مان چونڊ ڪھاڻي)

ٽالسٽاءِ/سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

ڪنهن زماني ۾ ”سمن“ نالي هڪڙو موچي پنهنجي ڪٽنب سان هڪ ٻنيءَ تي رهندو هو. سندس ڪمائي ايتري ته ٿوري هوندي هئي، جو پاندي پوري ڪانه پوندي هُيس، ۽ گهڻو ڪري انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو گذاريندو هو. ويچارن کي ٻه ويلا هوندا هئا ته ٽيون ويلو لنگهڻ تي ويٺا هوندا هئا. پهرڻ لاءِ رڍ جي کل جو ڪوٽ هُئن، جو زال مڙس ٻئي واري واري تي پيا پائيندا هئا. پر هاڻي ته اهو به اچي ڦاٽو هو ۽ کين نئين خريد ڪرڻ جي طاقت ڪانہ هئي. انهيءَ ڪري پيٽ کي مٺيون ڏيئي، ڪجهہ پاڇي پيا ڪندا هئا. جڏهن هنن وٽ ٽي روبيل گڏ ٿيا ۽ پنج روبيل ۽ ويھہ ڪوپڪاسن گراهڪن وٽ اوڌر به هين، تڏهن اهي ٽي روبيل کڻي پنهنجي زال جو ڪڙتو، جيڪو جوڻس شوق منجهان شاديءَ تي ٺهرايو هو، سو پهري، خريد ڪرڻ لاءِ جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري، هن ڳوٺ ڏانهن رخ رکيو. واٽ تي پھہ پچائيندو ٿي ويو تہ اجهو ٿو گراهڪن کان اوڳڙ ڪرَي، اچِي ٿو ڪڙتو ٺهرايان. پوءِ مان ۽ منهنجي زال ٻيئي ڄڻا سياري ۾ پيا پائينداسون.“

اهي پور پچائيندو، آخر اچي ڳوٺ ۾ پهتو. پهرين هڪڙي قرضيءَ جو دروازو کڙڪايائين تہ ان جي زال نڪري آئي، جنهن چيس تہ اسان کي تنهنجي پئسن جي ڏاڍي اون آهي.. منهنجو مڙس ٻاهر آهي ۽ هفتي کن کان پوءِ ايندو. اچي تہ توکي گهر ويٺَي پيسا اچي پهچائي ويندو.“
وري آيو ٻئي قرضيءَ جي در تي.. جتان بہ کيس جواب مليو تہ ”هن مهل پئسي جي ڏاڍي تنگي آهي، ۽ حال وِيھہ ڪوپڪاسن آهن، سي وٺي وڃ؛ باقي رقم بہ جنهن مهل ٿي وئي، اوڏيءَ مهل توکي گهر ويٺَي ڏئي وينداسون.“
اهو حال ڏسي، سمن ڏاڍو پريشان ٿيو. وري خيال ڪيائين تہ، ڏسان تہ من اوڌر تي کل ملي وڃي سو رڙهي اچي کلن واري سان اوڌر تي کل وٺڻ جي ڳالھ ڪيائين. کلن واري منهن گُهنجائَي چيس تہ ”ادا! وقت ڏاڍو خراب آهي، اوڌر اوڳاڙڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. چڱو ٿيندو تہ روڪ پئسا کڻي پوءِ اچي شئي پسند ڪري وٺي وڃ.“
سمن ويچاري کي ويتر ڳڻتيون کڻي ويون. لٺ پٽ تي هڻي چيائين تہ ”ها ڪهڙو وقت اچي ويو آهي! هاڻي ڪريان سو ڪريان ڇا، سياري جو سيءُ تہ اسان کي سڪائي ڇڏيندو. خير، آئون تہ وري بہ مڙس ماڻهو آهيان، پر ويچاري ’جوڊينا‘ ڪيئن ڪندي.“

اهي پور پچائيندي، اچي هڪڙي گُتي وٽ پهتو. هي تہ اڳ ۾ ئي هو پريشان، سو ٽپ ڏيئي گتي تي چڙهيو ۽ ويھہ ڪوپڪاسن جيڪي قرضيءَ وٽان مليا هئس، سي بہ کپائي ڇڏيائين. مزي سان شراب پِي، پوءِ گهر جي واٽ ورتائين. واٽ تي ڇا ڏسي تہ ديول جي اڳيان هڪڙي اڇي شئي پيئي آهي. پهريائين ڀانيائين تہ ڪو پٿر هوندو. پر وري خيال آيس تہ ايڏو وڏو پٿر اتي ڪٿان آيو! سمجهيائين تہ شايد اڇي ڳئون آهي. پر جيئن ئي ٿورو اڳتي وڌيو تہ ڏٺائين تہ منهن بہ ماڻهوءَ جهڙو اٿس- تنهن تي مُنجهي بيهي رهيو. سوچيائين تہ شايد هن کي ڪو ڦري ماري، هيئن اگهاڙو ڪري ويو آهي. انهيءَ ڪري خوف ٿيس تہ جيڪڏهن هن جي ڀرسان ويندس، تہ مون ۾ شڪ آڻيندا ۽ ڪٿي گرفتار نہ ڪري وٺن! سو مُنجهي بيهي رهيو ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃڻ لڳو. اڃا ٻہ چار وکون مس کنيائين، تہ ڏٺائين تہ اهو ماڻهو ڀت جي ٽيڪ ڇڏي، ڏانهنس وڌي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هراسجي ويو. چي، هي الائي ڪهڙو اسرار آهي. متان ڪٿي مورڳو مون تي حملو نہ ڪري. پوءِ هو سوچڻ لڳو تہ اڳتي وڌان يا بيهان. اتي وري يڪدم خيال آيس تہ اڙي سمن! هي ڇا، توکي انسان جي اولاد کي هن حال ۾ ڏسي ڪو قياس ئي نٿو پوي. تو وٽ ڪا ملڪيت تہ ڪانهي، جا ڦري کڻي ويندو. بي همت ڇو ٿيو آهين! وڌي وڃي واهر ڪرينس. خدا پاڻ ڪونہ فرمايو آهي تہ ڀلجندڙ کي دڳ لڳائڻ ثواب جو ڪم آهي. ڏسين ڪونہ ٿو تہ هي ويچارو نانگو سيءَ ۾ پيو ٿڙڪي!“
ائين دل کي آٿت ڏيندو، وڌي هن وٽ ويو. ان کي جاچي ڏسڻ سان پتو پيس جو ان کي ڪوبہ ڌڪ جو نشان نظر ڪونہ آيو. هو رڳو سيءَ جو سُڪايل هو. هن جڏهن سمن کي ڏٺو، تڏهن ڪنڌ مٿي کڻي نهاريائين. هو شڪل جو سُهڻو، قد جو قداور ۽ بدن جو ٺاهوڪو هو.. ۽ سج وانگر پئي چمڪيو.

سمن کي رحم اچي ويو، سو پنهنجو ڪوٽ لاهي، هن کي پارايائين ۽ بن جو بوٽ جيڪو کيس مرمت لاءِ مليو هو، سو بہ هن کي پارايائين، دل پئي چيس تہ جيڪر ٽوپي بہ لاهي، هن کي ڏيان، پر پوءِ خيال آيس تہ ’سيءُ‘ آهي گهڻو، جنهن ڪري ٺوڙھ کي سڪائي وجهندو، ڇو تہ آءُ بہ آهيان صفا گنجو، هن کي ته مٿي تي وري به وار آهن.

سمن هن کان پڇيو تہ ”اي دوست، ٻڌاءِ تہ سهي تہ تون آهين ڪير، ڪٿي جو ويٺل آهين ۽ تنهنجو اهڙو حال ڪيئن ٿيو آهي.“

هن وراڻيو تہ مون کي ڪا خبر ئي ڪانهي. مان هن ديس جو ئي نہ آهيان. باقي پنهنجي هن حال جو مان خود جوابدار آهيان. ٻئي ڪنهن بہ مون کي ڪونہ ستايو آهي. هيءُ مون کي منهنجي ارڏائي ۽ اڍنگائيءَ سبب سائينءَ سزا ڏني آهي.“

تنهن تي سمن چيس تہ ”ڀلا، هل تہ هلي ڪنهن اجهي هيٺ ٿيون، هتي تہ سيءُ سڪائي وجهندو. جيڪڏهن هلڻ جي همت نہ هجئي تہ هيءُ منهنجي لٺ وٺ ۽ انهيءَ جي آڌار تي پير پير ۾ کڻندو هل. پر دوست ٿورو کل تہ سهي.. خاموش ڇو آهين؟“

هاڻي اهو جوان چُريو پُريو، ۽ وک وک کڻندو، سمن سان گڏجي هلڻ لڳو. واٽ تي سمن چيس تہ ”اي جوان، انگ ۽ پيٽ تہ توکي ضرور گهرجي؟“ تنهن تي هن وراڻيو تہ ”انهن ٻنهي جي مون کي ڪا ڳڻتي ڪانهي.“ سمن کي ڏاڍو عجب لڳو تہ هي جوان ڏسڻ جو ٺاهوڪو، ڳالهائڻ بہ فضيلت وارو اٿس ۽ ڪو چور يا لچ به ڪونہ ٿو ڏسجي، پوءِ بہ هي پنهنجي باري ۾ ڪجهہ نٿو ٻڌائي. انهيءَ جو مطلب ڪهڙو!

جڏهن سڏ پنڌ ڪيائين، تڏهن سمن کي سيءُ اچي سوگهو ڪيو، ڇو تہ بت تي رڳي هڪڙي قميص هيس ۽ شراب واري گرمي بہ گهٽجي وئي هيس. گهر جي جيئن ويجهو ايندو ويو، تيئن اچي ڳڻتيءَ ورايس تہ ”هي ڇا، مان سِڱن لاءِ ويو هوس، پر موٽيس تہ ڪن بہ ڪپائي موٽيس! کَل ته کَل جي ماڳ، مرڳي هيءَ هچا وٺيو پيو وڃان. خبر ناهي تہ هاڻي ’جوڊينا‘ مون سان ڪهڙي جٺ ڪندي!“

جوڻس گهر جو سڄو ڪم ڪار لاهي ڇڏيو هو. هوءَ طبيعت جي سا تکي هوندي هئي، پر دل جي ڏاڍي صاف هئي. همٿ ۾ مردن جهڙي هئي. ٻارڙن کي کارائي پياري، گهر جي سڀ اون پلي، مڙس جي ماني چلھہ جي ڀرسان پاٽ هيٺان کڻي رکيائين. پوءِ ويٺِي سندس قميص کي ڳنڍ ٽوپو ڏيڻ، اِتي سندس دل ۾ عجيب عجيب خيال اچڻ لڳا ۽ سوچڻ لڳي تہ الائي ڇو دير ڪيائين! وري آهي بہ ويچارو اٻوجهہ، ڪير چويس تہ فلاڻي جي پڳ ۾ اُٺ تہ بہ اعتبار اچي وڃيس. سڄا اَٺ روبيل ٿيندس. ڪٿي هٽ وارو ٺڳي نہ وڃيس، شل خير سان موٽي!

اتي در کڙڪيو ۽ جوڊينا اٿي در کوليو. مڙس سان هڪڙي اوپري ماڻهوءَ کي ڏسي، حيران ٿي ويئي، ۽ چيائينس تہ ”هيءَ ڪهڙي مصيبت پاڻ سان آندي اٿيئي؟“ في الحال تہ سمن ڪڇيس بہ ڪونہ؛ ڳالهه دل ۾ رکيائين. هو ٻئي وڃي اندر ويٺا. جوڊينا جڏهن غور سان ڏٺو، تڏهن خبر پيس تہ ڌاريو ماڻهو اگهاڙو آهي. ڪڙتو پاتل اٿس سو بہ مون وارو! سو ڳالھ سمجهہ ۾ ئي نہ ٿي آيس. چي، هن جو مطلب ڇا آهي؟ هن سمجهيو تہ اڄ سمن شايد ڪٿي ڦُرجي ويو آهي. شراب جي ڌپ جا اچي ٿي، سو شايد هن نانگي سان گڏجي؛ ڏاڍا نشا پتا ڪري؛ پئسا کپائي آيو آهي. وري آهي بہ هٿين خالي، کل بہ تہ ڪانہ اٿس!

اتي سمن رڙ ڪري زال کي چيو تہ جيڪي تيار هجي سو کڻي اچ.“ جوڊينا ڪاوڙ ۾ چيس تہ ”هتي ڪا نوڪرياڻي ويهاري ويو آهين ڇا؟ ويو هئين کل وٺڻ، سو کل تہ کل جي ماڳ اٽلو هيءَ مصيبت ساڻ گهلي آيو آهين! ڪڙتو بہ منهنجو پاتو اٿس. ڪيڏانهن ويا اهي پئسا؟ مئا ماريا. ههڙا تهڙا، هيڏي ڏي پئسا.. ڪو حياءُ شرم بہ ڪونہ ٿيئہ، جو شراب پِي مست ٿي آيو آهين گهر؟ اسين، جو هت پيا بکن ۾ پاھ  ٿيون. لٽو به پورو انگ لاءِ ڪونہ اٿئون، ۽ تون آهين، جو وتين پئسا شراب ۾ وڃائيندو!“

ويچاري سمن پئسا ڪڍي کڻي جوڊينا کي ڏنا. چيائينس تہ ”اوڌر ۾ تہ رڳو ويھہ ڪوپڪاسن مليا. سو انهن جو شراب پيتو اٿم. اجايو آپي کان ٻاهر نڪري نہ وڃ! هيءُ ويچارو غريب ديول وٽ ٿڌ ۾ پيو هو. جيڪڏهن هن کي انهيءَ حالت ۾ اتي ڇڏيو هليو اچان ها، تہ اها ڪا انسانيت آهي؟“

جوڊينا پئسا وٺي، سمن کي ويچارا ڏيندي، در ڏانهن هلي وئي. اُتي جو ميڪائيل کي ڏٺائين، سو وري مڙس تي اچي ڪاوڙي، چي، ماريا، اهو به ڪونه ويچاريئہ تہ هن اگهاڙي کي گهر ۾ اندر ڪيئن ٿو وٺي اچان، جنهن کي ڪلهي تي بہ ڪپڙو ڪونهي؛ نڪو وري ٿو ٻڌائي تہ ڪير آهيان ۽ ڪٿي جي بلا آهيان!“

سمن کيس سمجهايو تہ ”جوڊينا!، مان کيس لاچاري حالت ۾ هتي وٺي آيو آهيان. تنهنجي بہ مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي، پر هڪڙي انسان کي سيءَ ۾ سڪندو ڏسي، جيڪڏهن ان تي رحم نہ ڪيان ها، تہ خدا جي درٻار ۾ ڏوهاري ٿيان ها!“

اِتي جوڊينا ميڪائيل ڏي نهاريو ۽ هن جو نماڻو حال ڏسي، کيس بہ ڪهل آئي. هڪدم پاٽ هيٺان ماني ڪڍي، آڻي هنن جي اڳيان رکيائين. سمن ميڪائيل کي پاڻ سان گڏ ويهاري، ماني کائڻ شروع ڪئي. جوڊينا وري وڃي قميص کي ٽوپو ڏيڻ لڳي.

ظاهري تہ هن ٽوپو پئي ڏنو، پر سندس سڄو ڌيان ميڪائيل ڏي هو. ماني کائڻ کان پوءِ ميڪائيل سامت ۾ آيو. منهن مٿي ڪري، جوڊينا ڏي نهاري، مرڪي ڏنائين. جوڊينا کي دل ۾ پيار اچي ويو. يڪدم اٿي مڙس جي هڪڙي قميص ۽ هڪڙي پراڻي ڪانچ کڻي آڻي پائڻ لاءِ ڏنائينس.

سڀئي سمهي پيا، پر جوڊينا کي ننڊ اصل نہ آئي. دل ۾ چوڻ لڳي تہ ڪهڙي نہ مورک آهيان، جو ماني تہ ڏنيسونس پر ڪپڙا بہ ڪڍي آڻي ڏنامانس! هينئر تہ گهر ۾ ڪجهہ بچيو ئي ڪونھي، سڀاڻي تہ ڏاڍي تعدي ٿيندي!

سمن جيڪو سندس ڀر ۾ ستل هو، تنهن کي بہ ننڊ ڪانہ هئي. جوڊينا مڙس کي چيو تہ ”سمن! مون ماني تہ سڀ کپائي ڇڏي. سڀاڻي لاءِ تہ ڪجهہ ڪونہ بچيو آهي. هاڻي تہ ويلي تي وهڻو پوندو؟“

سمن چيس تہ ”پياري الڪو نہ ڪر! خدا رزاق آهي. جنهن ساھ ڏنو آهي، سو گراھ بہ ڏيندو. سڀاڻي جي ڳڻتي هينئر نہ ڪر. مڙئي چڱي ٿي پوندي ۽ پاسو ورائي سمهي پؤ.“
ويچاريءَ اکيون تہ گهڻئي ٻوٽيون پر ننڊ وري بہ نہ آيس. سو وري مڙس کي چوڻ لڳي، ”سمن، جوان تہ ٺاهوڪو آهي. سونهن بہ ڏاڍي اٿس.“ وري چوڻ لڳي، ”اسين تہ سڀني سان پيا چڱا هلون، پر اسان کي تہ خدا جي نالي ڪو پڇي بہ ڪونہ ٿو!“

سمن ڏاڍو ٿڪل ۽ ننڊاکڙو هو، سو چيائين تہ ”جوڊينا! خدا جي واسطي هاڻي تہ ماٺ ڪري سُمھ، منهنجي ننڊ ٿي ڦٽائين.“

صبح ٿيو، جوڊينا سويل ئي اٿي، پاڙي مان مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ ويئي. سمن ۽ ميڪائيل بہ جاڳيا هئا، پر ٻارڙن کي اڃا ننڊ هئي.

سمن ميڪائيل کان پڇيو تہ ”ميان! ڪو هنر ڄاڻين؟“ ميڪائيل وراڻيو تہ ”مون کي افسوس آهي، مان ڪوبہ ڪم ڪونہ ڄاڻان“.
تنهن تي سمن چيس تہ ”انگ ۽ پيٽ تہ سڀ ڪنهن کي کپي. جيڪڏهن تون ڪجهہ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجين تہ اهي ٻئي توکي مان ڏيندس.“
ميڪائيل وراڻيو تہ ”مان ڪم ڪرڻ لاءِ تہ هر دم تيار آهيان، پر تون مون کي اهو سيکار.“
سمن هن کي جُتين ٺاهڻ جو ڪم سيکارڻ لڳو. ميڪائيل اهو ڪم ٽن ڏينهن ۾ ئي اهڙو تہ سکي ويو، جو ڄڻ تہ سندس وڏن جو ڌنڌو ئي اُهو هو.

ٿوري وقت ۾ سندس نيڪي ۽ ناموس ايتري تہ ٿي وئي، جو پري پري جا ماڻهو بہ ڪَهي اچي سمن کي ڪم ڏيندا هئا، ۽ هو سکيو ۽ آسودو ٿيڻ لڳو.

هڪڙي ڏينهن هڪڙو وڏيرو ٻن نوڪرن سان گڏجي سمن جي در تي آيو ۽ سڏ ڪري پڇيائين تہ ”هن گهر جو مالڪ ڪٿي آهي؟“
سمن ڏانهنس وڌيو ۽ جهڪي سلام ڪيائين.
وڏيري چيس تہ ”اسان کي هڪڙو سٺو بوٽ کپي، جنهن جي سلائي سهڻي، سٺي ۽ مضبوط هجي، جيئن گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن مهينا جهلي. اهڙو بوٽ تون ٺاهي سگهندين؟ مون انهيءَ لاءِ چمڙو بہ ڏاڍو بهترين ويھ روبيل ڏيئي ورتو آهي.“

سمن، ميڪائيل کي ميڇ ڏيئي، چيو تہ ”ڪيئن ٿو ڀائين!“ هن خاطري ڏنيس ۽ وڏيري کي چيائين تہ ”سائينجن جي حڪم مطابق بوٽ تيار ڪيو ويندو. جيڪڏهن اهڙو نہ هجي ۽ توهان کي پسند نہ اچي، تہ سائينجن جيڪا سزا مقرر ڪندا اها قبول آهي.“
تنهن تي وڏيري نوڪرن کي چيو تہ ”چمڙو ڪڍي ڏيوس، ۽ منهنجو بوٽ لاهيو تہ ماپ وٺي.
سمن اڃا ماپ وٺي رهيو هو تہ وڏيري جي نظر وڃي ميڪائيل تي پئي. سمن کان پڇيائين تہ ”هي سامهون وارو جوان ڪير آهي؟“
سمن وراڻيو تہ ”سائين، هي منهنجو ڪاريگر آهي.“

وڏيري آخر ۾ وڃڻ وقت بہ سمن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”جيڪڏهن بوٽ سال کان هڪ ڏينهن بہ گهٽ هليو يا ڏنگو ڦڏو ٿي ويو، تہ ياد رک تہ جيل ڏيکاريندوسانءِ.“
اهو سڄو وقت ميڪائيل وڏيري کي ڏسندو ۽ سندس گفتگو ٻڌندو رهيو. ميڪائيل اهڙي نموني وڏيري کي ڏسي رهيو هو، ڄڻڪ وڏيري کي نہ بلڪ وڏيري جي پويان ڪو ٻيو شخص بيٺل هجي، انهيءَ کي ڏسندو هجي. ميڪائيل، نهاريندي نهاريندي، اوچتو ئي اوچتو مرڪي ڏنو، جنهن تي وڏيري چيس تہ ”اڙي بيوقوف! خبر ڪانہ ٿي پويئي تہ ڪير بيٺو آهي، جو احمقن جيان ڏند ڪڍي پيو ڏيکارين؟ خبردار ويهن روبيلن جي کل آهي، جي اها زيان ٿي تہ تنهنجي چمڙي لاهيندس.“
ميڪائيل جواب ڏنو تہ ”حضور! خاطري ڪج!“

وڏيرو بوٽ پائي وڃڻ لڳو. وڏيرو قد جو تمام ڊگهو هو، سو جيئن ئي در مان نڪتو ٿي، تيئن ئي در جي چانئٺ سان وڃي ٽڪريو. ڌڪ ڏاڍو ڪاپاري لڳو هوس، سو ڀڻ ڀڻ ڪندو، گاڏيءَ ۾ چڙهي گهر ڏانهن ويندو رهيو. سمن چيو تہ ”ڪهڙو نہ زبرو مڙس آهي! ڌڪ لڳس تہ در جي چوڙ ئي ڄڻ چڀي ويس، پر تڏهن بہ پرواھ ئي ڪانہ هُيس.“
جوڊينا اتي چيو تہ ”ڀلا، جي اڻاسا ٿي نپنا هوندا، سي اهڙا نہ ٿيندا تہ ٻيو ڇا؟ موت بہ اهڙن کان پيو پري ڀڄي.“

سمن پنهنجي ڪاريگر کي سڏي چيو تہ ”ميان! ڪم مڙئي خيال سان ڪجانءِ. کل بہ سٺي آهي ۽ مزوري بہ چڱي ملندي. وڏيرو ڏٺئہ تہ ڪهڙو نہ رڏيءَ وارو هو. ڏس متان ڪم خراب ڪري ڇڏين ۽ مصيبت مٿان اچي وڃي!“ سمن، ائين چئي، وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو. ميڪائيل بہ کل کڻي، انهيءَ کي ڪپي ڪوري لڳو بوٽ ٺاهڻ. جوڊينا، جا اُتي ئي ميڪائيل جي سامهون ويٺي هئي، تنهن جڏهن ميڪائيل کي بوٽ ٺاهيندي ڏٺو تڏهن حيران ٿي ويئي تہ هي ٺاهي ڇا ٿو!

چي، مون سڄي عمر سمن کي بوٽ ٺاهيندي ڏٺو آهي، پر هيءُ تہ ڪو نمونو ئي ٻيو آهي. وري جو کڻي ڏسي تہ سيبو بہ ڪَچو. اتي وائڙي ٿي ويئي، پر ڪڇيائين ڪونہ. هاڻي سمن بہ اچي ويو. ميڪائيل کي بوٽ ٺاهيندي ڏسي، زمين پيرن هيٺان نڪري ويس. حواس ئي گم ٿي ويس. چَي، شايد هن جو مٿو خراب ٿيو آهي. سڄا ٻارهن مهينا مون وٽ ڪمايو اٿائين، پر ڪڏهن بہ اهڙو نادانيءَ جو ڪم نہ ڪيائين. اڄ خبر ناهي تہ هن کي ڇا ٿي ويو آهي! سو چيائينس تہ ”اڙي ميڪائيل! هي ڇا پيو ٺاهين؟ تو تہ منهنجي لاءِ ظلم ڪري ڇڏيو. وڏيرو تہ منهنجي کل لاهي ڇڏيندو. مزوريءَ جا ڏھ روبيل تہ ڇٽا، پر کل جا پئسا بہ تاوڻ پيا. اهڙي کل مون کي ملندي ڪٿان؟“

ايتري ۾ ساڳيو نواب جو نوڪر آيو ۽ سمن کي چيائين تہ ”سائڻ حڪم ڏنو آهي تہ بوٽ نہ ٺاهجو. نواب صاحب گذاري ويو. اسان اڃا گهر ئي نہ پهتاسون، تہ گاڏيءَ ۾ دم ڏنائين. هاڻي انهيءَ کل مان اهڙو بوٽ ٺاهي ڏيو، جو ميت جي ڪم اچڻ جهڙو هجي.“ ميڪائيل تہ اڳ ۾ ئي بوٽ تيار ڪري رکيو هو، سو بوٽ ۽ بچيل کل کڻي وڏيري جي نوڪر کي ڏيئي روانو ڪيائين.

اِتي ميڪائيل کي ڀريا ڇھ سال گذري ويا؛ پر هن ڪڏهن بہ ڪنهن ڏانهن اک کڻي نہ نهاريو، هميشہ صبر ۾ رهندو هو. سمن کي بہ هن جي پورهئي مان ڪافي بچت هئي، ۽ هن جي هجڻ ڪري ڪم ۾ ڏاڍي هٿي اچي ويس. انهيءَ ڪري ميڪائيل کان ڪڏهن بہ نہ پڇيائين تہ ڪير آهين ۽ ڪٿي ويٺو آهين، ڇو تہ کيس ڊپ هو تہ متان ڀڄي نہ وڃي.

هڪڙي ڏينهن گهر جا سڀ ڀاتي جهوپڙيءَ ۾ ويٺا هئا. سمن جو پٽ دريءَ مان ٻاهر نهاري رهيو هو، ۽ ڏٺائين تہ هڪڙي مائي ٻہ ٻار ساڻ وٺيو پئي اچي. ميڪائيل کي سڏي چيائين تہ ”هي ڏس تہ سهي، هڪڙي مائي پئي اچي؛ ٻہ ٻار بہ اٿس، جن مان هڪڙو منڊڙو آهي!“ ميڪائيل يڪدم ڪم بند ڪري، دريءَ کان ٻاهر ليئو پائي ڏٺو. سمن، جو ميڪائيل کي اوچتو ڪم ڦٽو ڪري، دريءَ ڏانهن ڀڄندو ڏٺو، سو ڏاڍو حيران ٿيو. سوچيائين تہ سڄا سارا ڇھ سال مون وٽ رهيو آهي، پر ڪڏهن بہ دهلن جي آواز تي بہ رڳو ڪنڌ مٿي ڪري نہ نهاريائين. سو اڄ يڪدم هيئن ڪم ڇڏي، دريءَ ڏانهن ڀڄندو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا؟ اڃا اِهوئي ويچاري رهيو هو، تہ مائي بہ مٿان اچي نڪتي.

سمن کيڪار ڪري، مائيءَ کان پڇيو تہ ”ڪم ڪار ٻڌاءِ؟“ مائيءَ چيس تہ ”هي ٻہ جاڙا ٻار آهن، سندن پير بہ هڪ جيڏا آهن؛ پر هڪڙي ڳالھ آهي، جو هڪڙي جو هڪڙو پير ڦڏو آهي. سو ٽي پير ماپ ۾ هڪ جيڏا هجن، انهيءَ ڪري ٽن پيرن جو ڪاڇو جدا وٺو، ۽ هڪڙي مڙيل پير جي جدا ماپ وٺو.“

سمن ٻارن جي پيرن جي ماپ وٺي، مائيءَ کان پڇڻ لڳو تہ ”هن ٻار جو پير ڪيئن مُڙيو، ڄائي ڄم جو اهڙو مڙيل آهي يا پوءِ مڙيو آهي؟“ مائيءَ وراڻيو تہ ”جنهن مهل هن ٻار جي ماءُ پرڏيھ پڌاريو ٿي، تنهن مهل پاسو ورائيندي، هن ٻارڙي جي مٿان اچي پيئي، جنهن ڪري پير مڙي ويس.“
اتي سڀني مائيءَ کي غور سان ڏسندي، پڇيو تہ ”ڇا، هي ٻئي ٻار تنهنجا ڄڻيل آهن؟“
مائيءَ جواب ڏنو تہ ”نہ، هي ٻئي ٻار منهنجا سڱ ۾ ڪجهہ بہ نہ ٿين.“
تنهن تي جوڊينا پڇيس تہ ”ٻار تنهنجا بہ ناهن، تنهن هوندي بہ سندن سنڀال اهڙي ٿي ڪرين، جو ڪو پنهنجن ڄڻين جي بہ نہ ڪري!“
تنهن تي مائيءَ وراڻي ڏنيس ”جي پيٽ ڄاوا نہ اٿم تہ نپايل تہ اٿم. چوندا ڪونہ آهن تہ ڄم کان نيپاج وڌيڪ آهي، ۽ هينئر مان هنن کي ايترو گُهرندي آهيان؛ جيترو مون پنهنجي پيٽ ڄڻيل کي بہ نہ گهريو، جيڪو رب سائينءَ بخشي، پوءِ ورائي ورتو!“
تنهن تي مائيءَ کان پڇڻ لڳا تہ ”ڀلا هي ڪنهن جا ٻار آهن؟“
اتي مائيءَ هيٺيون بيان ڪري ٻڌايو؛
”اٽڪل ڇھ سال کن ٿيندا تہ منهجي پاڙي ۾ هڪڙو هاري رهندو هو. هڪڙي ڏينهن هو ڪاٺيون ڪرڻ ويو ۽ اوچتو ڪنهن وڻ تان ڪِري پيو. کيس اهڙو تہ ڌڪ لڳو، جو يڪدم مري ويو. ان جي مرڻ کان ٻہ ڏينهن پوءِ، سندس زال کي هي ٻہ جاڙا ٻار ڄاوا. ويم جي ٽئين ڏينهن صبح جو سويل مان سندس سنڀال لاءِ، ان جي گهر ويس، ته مائيءَ اڳ ۾ ئي دم ڏنو هو. مون وٺي هاءِ گهوڙا مچائي، جنهن تي پاڙي وارا ڀڄندا آيا. مون کي سڀني چيو تہ هنن يتيمن جو تہ هاڻي ٻيو ڪو وسيلو ڪونهي، توکي ٻار ٿڻين بہ آهي، انهيءَ ڪري تون ئي کڻي هنن کي نپاءِ، جيسيتائين اسين هنن جو ٻيو ڪو بلو ڪيون. مون يڪدم کڻي ٻارن کي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ هن کي بہ پنهنجي سڪيلڌي سان گڏ ٿڃ پياريم. پهريائين تہ هن جڏڙي ڏي پورو ڌيان ڪانہ ڏيندي هُيس، ڇو تہ سمجهيم تہ جلدئي مري ويندو؛ پر پوءِ وري خيال آيم تہ جيستائين جيئرو آهي، تيستائين هن جي ٿڃ روڪڻ جو مون کي ڪهڙو حق آهي. انهيءَ بي خياليءَ کي گناھ سمجهي، هن کي بہ ٻين سان گڏ ڌارائڻ لڳيس. خدا جو شان تہ ڏسو، جو ٿڻن ۾ ايترو تہ کير اچي پيو، جو ٽي ٻار پِي ڍؤ ڪندا هئا، پر پوءِ بہ کير کُٽندو ڪونہ هو. منهنجي مڙس جي ڪمائي بہ هنن جي ڀاڳين وڌي ويئي، ۽ اسان جو گذران بہ سکيو ٿيڻ لڳو.

ٽن سالن کان پوءِ تہ منهنجو پٽڙو تہ گذاري ويو. انهيءَ کان پوءِ تہ مان هنن کي پنهنجي ساھ سان سانڍيان ٿي، ۽ هنن کان سواءِ هڪ پل بہ رهي نٿي سگهان.“
مائي ائين چئي، ويندي رهي.

اها ڳالھ ٻڌي جوڊينا جهڙي شوخ مزاج زال جي دل بہ ڀرجي آئي، ۽ چيائين تہ ”ڪهڙي نہ قدرت جي جوڙ آهي! ماءُ پيءُ کان بہ برابر هو وڌيڪ آهي. اسان مورک ماڻهو رڳو پنهنجو پنهنجو ڪري پيا خوش ٿيون..!“

اِتي ميڪائيل اٿي سمن وٽ آيو ۽ هٿ ٻڌي چيائين تہ ”مون کان جيڪا بہ خطا ٿي هجي، تنهن لاءِ مون کي معافي ڏي. مان ڏسان ٿو تہ سائينءَ منهنجي خطا معاف ڪئي آهي، هينئر مان موٽي پنهنجي وطن ويندس.“
اُهو سڄو وقت ميڪائيل سج وانگر چمڪي رهيو هو.
اتي سمن کي پڪ ٿي ويئي تہ هيءُ ڪا ٻي شئي آهي، سو يڪدم سندس پيرن تي ڪِري پيو، ۽ چيائين تہ ”سچ پچ، تون هڪ پهتل ٻانهو آهين، ۽ توکي هاڻي اختيار آهي، جيڏانهن وڻئي اوڏانهن هليو وڃ. توسان سوال جواب ڪرڻ اجايو آهي. پر وڃڻ کان اڳ ۾ هي ٽي ڳالهيون مون کي سمجهائيندين، ته مان تنهنجو احسانمند رهندس.

پهرين تہ جڏهن مان توکي پاڻ سان وٺي آيو هوس، تہ منهنجي زال توکي ماني ٽڪي کارائي هئي ۽ توکي ڪپڙا آڻي ڏنا هئا؛ تڏهن تون مرڪيو ڇو هو؟ ٻي هيءَ تہ جڏهن وڏيرو مون وٽ آيو هو، تہ تو ٻيو ڀيرو مرڪيو هو، ۽ ٽيون ڀيرو جڏهن هيءَ مائي ٻارن سان آئي، تڏهن بہ تو مرڪيو. انھن ٽن موقعن تي مرڪڻ جو مقصد ڇا آهي؟“

ميڪائيل چيس تہ ”چڱو، هاڻي ٻڌ: مان اصل ۾ فرشتو آهيان. خدا مون کي هڪڙي ڏينهن ڪنهن عورت جو روح قبض ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. جڏهن آئون اتي پهتس تہ ٻہ ڇوڪر ان عورت جي ٻنهي پاسن کان ستل هئا. مائي منهنجي اچڻ جو مقصد سمجهي وئي، سو مون کي هٿ ٻڌي آزي نيزاري ڪري، چيائين تہ منهنجو روح قبض نہ ڪر ۽ مون کي ڪجهہ مهلت ڏي. هي يتيم ويچارا در در ڀٽڪي مري ويندا، ڇو تہ سندس پيءُ بہ ٻہ ڏينهن اڳ ۾ مري ويو آهي. پوءِ هاڻي تون ئي کڻي مون کي ٻڌاءِ تہ هنن جي پرگهور ڪير ڪندو؟ مون کي مائي تي رحم اچي ويو، سو ٻئي ٻار سندس سيني سان لڳائي واپس موٽيس. رب پاڪ، جيڪو پنهنجي ڳجهن کي پاڻ ڄاڻي ٿو، جڏهن انهيءَ جي سامهون ويس تہ مون کي ننديائين ۽ حڪم ڏنائين تہ هڪدم منهنجو فرمان بجا آڻ، ۽ انهيءَ مان تون ٽي سبق سکندين:
پهريون تہ انسان ڪنهن جي آڌار تي گذارين ٿا،
ٻيو تہ ماڻهوءَ ۾ ڇا آهي،
۽ ٽيون تہ ماڻهوءَ کي ڇا ڏنل آهي ۽ ڇا کان بيخبر آهي.
مان موٽي هيٺ آيس ۽ پنهنجي خالق جي فرمان موجب عورت جو روح قبض ڪري آسمان ڏانهن موٽيس تہ واٽ تي منهنجا پر ڪپجي ويا. روح مون کان ڇڏائجي، سڌو سائينءَ ڏانهن هليو ويو، ۽ مان زمين تي اچي ڪِريس. انهيءَ وقت سردي تمام سخت هئي، ۽ مان اگهاڙو هوس، سو سيءَ اصل سڪائي وڌم. هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيم تہ ڪٿي ڪا جاءِ ڏسڻ ۾ اچي تہ اتي وڃي پناھ وٺان. پري کان هڪڙي ديول ڏسڻ ۾ آئي. رڙهي اتي پهتس؛ تہ ڏٺم تہ انهيءَ کي ڪلف ڏنل هو. ڏاڍو عجب لڳم تہ خدا جو گهر اڄ بند ڇو آهي! مجبور ٿي، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، ويهي رهيس. ايتري ۾ پري کان ڪو ايندي ڏٺم، جنهن کي ڏسي، مون کي هراس وٺي ويو. ائين پئي چيائين تہ ”هيل ڏاڍا سيءَ پيا آهن، ٿڌ سڪائي ڇڏيو آهي. پيٽ جو پورائو ئي مس ٿو ٿئي، سو ڪپڙو ڪٿان ٿيندو!“

انسان جي اهڙي دکدائڪ حالت ڏسي، ڏاڍو دلگير ٿيس، ۽ دل ۾ چيم هيءُ ٿيو پنندڙن کان پنڻ، سو هن سکڻي کان ڪهڙي مدد گهران. انهيءَ ڪري ماٺ ۾ رهيس. هو ڏسي، ڊڄي ويو ۽ يڪدم نظرن کان اوجهل ٿي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ وري آيو ۽ پنهنجو ڪوٽ لاهي، مون کي پاتائين ۽ پاڻ سان وٺي گهر آيو. جڏهن گهر پهتاسون، تڏهن سندس جوءِ اچي مٽي. دل ۾ چيم ته انسان ۽ حيوان ۾ اجهو اهو فرق آهي! مڙس انسان تہ زال حيوان، جنهن ۾ رحم جو ذرو نہ آهي! پر پوءِ منهنجي مرڪڻ بعد هن کي ڪهل آئي، ۽ ڪپڙا آڻي ڏنائين تہ ماني بہ کارايائين. تڏهن الله جي پرتوي جي پهرين ثابتي مليم تہ انسان ۾ جيڪو املھ ماڻڪ آهي، سو آهي ’پيار‘…… وري جڏهن تنهنجي در تي اهو وڏيرو آيو هو تہ مون ڏٺو تہ منهنجو دوست سندس پٺيان ڏنڊو تيار ڪيو بيٺو آهي. سمجهيم تہ هينئر هن جي آخري گهڙي آهي، پر تڏهن بہ ڪيئن نہ هٺ ۽ وڏائي سان پيئي چيائين تہ بوٽ هڪڙو ڏينهن بہ سال کان گهٽ نہ جهلي! جي ڪٿان ٽوپو ٽٽو يا بوٽ ڏنگو ڦڏو ٿيو تہ تنهنجي کل لاهي ڇڏيندس. تڏهن مون انهيءَ تي مُرڪي ڏنو تہ انسان ڪهڙو نہ ويچارو آهي، جنهن کي رب پاڪ ٻيو سڀ ڪجهہ عطا ڪيو آهي، باقي اها ڳالھ قادر پنهنجي وس ۾ رکي آهي، جو کيس پنهنجي باري ۾ ڪا خبر ڪانہ آهي. اتي سائينءَ جي ٻئي فرمان جو پرتوو پاتم.

انهيءَ کان پوءِ جڏهن هيءَ مائي ٻن ٻارن کي پاڻ سان وٺي تنهنجي گهر آئي، تڏهن صحيح ڪيم تہ هي اهي ساڳيا ٻار آهن، جن لاءِ مون کي رحم پيو هو! تڏهن دل ۾ چيم تہ خدا جي جوڙ تہ ڏس، ڪيڏي نہ سندس حڪمت آهي! ڪهڙيءَ طرح نہ هن مائيءَ کي انهن يتيمن جو خيال ٿيو ۽ پنهنجي سڪيلڌي جيان سندن پرورش ۽ پالنا ڪيائين، ۽ مان ڪهڙو نہ مورک هوس، جو سمجهيم تہ جيڪڏهن مان ان مائيءَ جو روح رب جي فرمان موجب ڪڍي ويندس، تہ هنن يتيمن جي ڪو پرگهور لهڻ وارو ڪونہ هوندو، ۽ هي ويچارا ڏتڙجي مري ويندا! اِتي سائينءَ جي ٽئين فرمان جو پرتوو ڏٺم ته ڪنهن جي آڌار تي ماڻهو هلن ٿا، يعني رب پاڪ جي آڌار تي ۽ پوءِ مرڪي ڏنم…

جيڪا سزا منهنجي نادانيءَ سبب مون کي ڀوڳڻي هئي سا هاڻي پوري ٿي. اِتي جهوپڙي هڪدم ڦاٽي پيئي ۽ ملائڪ غائب ٿي ويو، پوءِ وري جهوپڙي پنهنجي اصلوڪي صورت اچي وئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close