ڏيئا ڏيئا لاٽ: جاکوڙي ڪردار٬ محمد اشرف لغاري

عبدالستار لغاري

بنگالي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور لکيو آهي، ”سج لھڻ مھل چيو ھو تہ آھي ڪو، جيڪو مون کان پوءِ دنيا کي روشني ڏئي، ڏِيئي جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنو ھو تہ آئون ڪوشش ڪندس.“

ڪنھن بہ سوسائٽي، سماج يا علائقي ۾ ماڻھوءَ جي پرک سندس ڪردار ۽ عمل مان پوندي آھي. سنڌ جي تاريخ جي تمام وڏي ماڻھو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنھنجي آتم ڪھاڻي ’ڪيئي ڪتاب‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”مون ٽنڊوالھيار جي پاسي کان ھڪ ٻانھن کنئي، گلاب لغاري جي پاسي ھڪ ڳوٺ ۾ رات پئجي وئي، ڏٺم تہ وڏن محلن ۾ رنگ برنگي بلب ٽمڪي رھيا، ڪجهہ دلاسو مليو تہ رات ھتي ئي ڪٽي صبح جو سوير نڪري ويندس، ان خيال کان ھڪ بنگلي جي ٻاھران اچي سڏ ڪيم، ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ ڪا بہ ورندي نہ ملي، پاسي ۾ جهوپڙي ھئي، اتان ھڪ ماڻھو نڪتو، چيائين ادا توکي بنگلي مان سڏ جو جواب نہ ملندو، ڪو ڪم ھجي تہ حڪم ڪر، منھنجو جھڙو حال آھي، حاضر آھيان.“

رئيس لکيو آهي تہ ”ان غريب جي جهوپڙي ۾ ترسياسن، ھن پنھنجي حال کان بہ وڌيڪ اسان جي خدمت ڪئي۔“

گلاب لغاري ۾ وڏا سج رھن ٿا، پر روشني ڏيڻ لاءِ ڪو بہ تيار ناھي، پر ڪجهہ ڏيئا اونداھي ۾ ٽمڪي رھيا آھن. گلاب لغاري جي ڀر ۾ تاريخي شھر اگهم ڪوٽ آھي، ان اگهم ڪوٽ جي پاسي ۾ ڳوٺ شير محمد لغاري ۾ ھڪ اھڙو ڪردار رھي ٿو، جنھن لاءِ شايد شيرل لغاري ھي سٽون چيون ھيون:
موھن کي بہ جيارينداسين، اگهم ڪوٽ اجارينداسين،
سنڌ جو سينو ٺارينداسين، زندہ نيٺ اروڙ ڪنداسين،
ڌرتي توسان توڙ ڪنداسين.

تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ جي تاريخ کي ھيئن سان ھنڍائيندڙ ۽ دڙن سان بيحد محبت ڪندڙ گلاب لغاري جو سگهارو آواز محمد اشرف لغاري ضلعي بدين تعلقي ماتلي جي ڳوٺ شير محمد لغاريءَ ۾ 1 مئي 1961ع تي جنم ورتو. سندس پيءُ سوڀو خان ھر ھاري ھو. محمد اشرف ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن کان وڏو آهي. ھن پرائمري تعليم پنھنجي ويجهي عزيز استاد ڪريم بخش لغاري کان ورتي، جيڪو سندس پيءُ جو سڳو ماروٽ ھو، ۽ پھرين ڏينھن کيس ڪلھي تي اسڪول کڻي ويو ھو.

1966ع ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ھو گورنمينٽ مڊل اسڪول صوفي آباد تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. اسڪول جي پڙھائيءَ کان پوء پنھنجي پيءُ سان ٻنيءَ جي ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائيندو ھو. ڇھون درجو پاس ڪيائين تہ صوفي آباد وارو اسڪول بند ٿي ويو، صوفي آباد جو مڊل اسڪول ملاڪاتيار ھاءِ اسڪول سان منسلڪ ھو، ان ڪري سندس پيءُ کي ڇھين جي سرٽيفڪيٽ لاءِ وڏا پنڌ ڪرڻا پيا. سرٽيفڪيٽ مليو تہ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول چمبڙ ۾ ستين ڪلاس ۾ داخلا ورتائين. ۽ پوءِ مئٽرڪ تائين چمبڙ ھاء اسڪول ۾ پڙھيو. اتي کيس علي بخش لغاري، تيرٿ داس، پرسو مل، محمد عمر سمون ۽ ٻيا بھترين استاد مليا، جن کيس تمام گهڻو اتساھيو، ۽ ايئن ھن 1976ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي.

بسن جو ڀاڙو نہ ھجڻ ڪري ھن چمبڙ کان ڳوٺ تائين ڪيترائي دفعا پنڌ بہ ڪيا. غربت سبب سندن گهر فقط ھڪ ڪچي ڪوٺي تي مشتمل ھوندو ھو، جنھن کي سندس ماءُ ’ترم جي ڪوٺي‘ سڏيندي ھئي. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڀاءُ سان گڏ اشرف لغاريءَ جي بہ شادي ڪئي وئي، اھو بہ دلچسپ واقعو ھو تہ ٻنھي ڀائرن جي شادي سندن ٻن چاچن جي نياڻين سان ٿي، ۽ کين آخر تائين اھا خبر نہ پئجي سگهي تہ ڪھڙي ڀاءُ جي شادي ڪھڙي چاچي جي ڌيءُ سان آھي.

1979ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪيائين. انٽر ڪرڻ کان پوءِ اشرف لغاري جي پيءُ سوڀي خان پنھنجي پٽ جي روزگار لاءِ مقامي وڏيرن ۽ سياستدانن وٽ نوڪري لاءِ ڪيترائي چڪر ڪاٽيا پر کيس نوڪري نہ ملي سگهي. محمد اشرف لغاري کي 1980ع ۾ ٺٽي جي شگر مل ۾ سيزنل نوڪري ملي، جتي سيڪٽر آفيس ۾ ڪم ڪندو ھو. ٻہ مھينا مس نوڪري ڪيائين تہ ساڄي اک ۾ سخت تڪليف ٿي پيس ۽ نوڪري ڇڏي ڳوٺ ھليو آيو، ڪافي علاج ڪرائڻ کان پوءِ بہ تڪليف ختم نہ ٿي، آخرڪار ان وقت جي اکين جي مشھور ڊاڪٽر مجاھد صديقيءَ کان دوا وٺڻ بعد اک جي تڪليف ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ بينائي بہ ھلي وئي.

شگر مل جي نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي والد صاحب سان گڏجي ٻني جو ڪم ڪرڻ لڳو. ٻنيءَ مان مالي حالت بھتر ٿي تہ در تي ڪجهہ ڍڳيون، مينھون ۽ ڏاندن جو جوڙو اچي ويو. 1983ع ۾ شيخ ڀرڪيو ۾ فاران شگر مل کلي تہ سندس پيءُ حاجي حسين بخش سريوال معرفت ظھور خان سريوال کي نوڪريءَ لاءِ چيو، ۽ پوءِ فيلڊ مين جي نوڪري ملي ۽ کيس ٽنڊو غلام علي سيڪٽر تي رکيو ويو.

ان وقت شگر ملن جو تعداد ٿورو ھوندو ھو ۽ ڪمند تمام گهڻو ھوندو ھو، چوويھ ڪلاڪن ۾ ٽي ٽي سؤ ٽرڪون ۽ ٽرالا ڪمند جا نڪرندا ھئا، ۽ ڪم جي گهڻائيءَ جي ڪري ڪيتريون ئي راتيون ساندھ اوجاڳو ڪرڻو پوندو ھئس. ان وقت مشھور شاعر واجد منگي ٽنڊو غلام علي مارڪيٽ ڪميٽي ۾ انسپيڪٽر ھوندو ھو، ان سان سانوڻ سنڌيءَ معرفت ملاقات ٿيس، ۽ ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. انھن گڏجاڻين ۾ مشڪور ڦلڪارو، جمن احمداڻي، شبير نظاماڻي، خير محمد خاص ۽ شيرل لغاري شريڪ ٿيندا ھئا، انھن گڏجاڻين سندس زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو آندو.

1984ع ۾ ضياءُ جي دور ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ جو واقعو پيش آيو ۽ ان واقعي تي ذوالفقار راھوجي جي ڪتاب ’سنڌ جو ڪربلا‘ پڙھڻ کان پوءِ اشرف لغاريءَ جي زندگي بدلجي وئي ۽ پوءِ قومي تحريڪ سان سلهاڙجي ويو، قومي تحريڪ سان سلھاڙجڻ کان پوءِ عبدالواحد آريسر، سيد غلام شاھ، علي نواز ٻُٽ، ھاشم کوسو، چاچا محمد علي لغاري، در محمد عالماڻي، تاج جويو، آزاد قاضي، خالق جوڻيجو، سرور سھتو، منور لغاري، آصف بالادي، ڊاڪٽر مير عالم مري سان ويجهڙائي ٿي ۽ سکڻ جو موقعو مليو. علي نواز ٻُٽ ۽ ڊاڪٽر مير عالم مري سان سندس گهاٽي دوستي ٿي.

1992ع ۾ سندس اک وري خراب ٿي پئي، جناح اسپتال ۾ اکين جي ماھر ڊاڪٽر صالح ميمڻ کي ڏيکاريائين، جنھن اک ڪڍائڻ جو چيس. ڊاڪٽر مير عالم مري ۽ علي نواز ٻُٽ عيادت لاءِ ڳوٺ آيا، ۽ ھنن جڏھن اگهم ڪوٽ جا دڙا ڏٺا تہ حيران ٿيا ۽ انھن کيس اگهم ڪوٽ جي دڙن جي بچاءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو. ڪتاب ’پور وڇوٽ محبتون‘ جو ليکڪ ۽ اڳوڻو بيورو ڪريٽ نظام الدين لغاري اشرف لغاري جو بھترين دوست ھوندو ھو، قومپرست اڳواڻ علي نواز لغاري جڏھن ٽنڊو آدم جي بم ڌماڪن ۾ گرفتار ٿيو ھو تہ ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو کانئس منھن مٽي ويا ھئا۔ اشرف لغاري ئي ھو، جنھن علي نواز لغاري جي والد صاحب ڳھڻي خان لغاريءَ کي حوصلو ڏنو ھو. علي نواز لغاريءَ جڏھن ٽئين دفعي کنڀيو ويو ھو تہ گلاب لغاري شھر ۾ بک ھڙتالي ڪئمپ اشرف لغاري جي اڳواڻي ۾ قائم ڪئي وئي، ان بک ھڙتالي ڪئمپ تي قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر بہ پھتو ھو. گلاب لغاري ۾ اشرف لغاري اڪيلو ئي ھوندو ھو، جيڪو دڪاندارن کي شٽر بند ھڙتال لاءِ چوندو ھو ۽ دڪاندار بہ ساڻس سھڪار ڪندا ھئا.

محمد اشرف لغاري 1990ع ۾ صحافت ۾ پير پاتو ۽ عوامي آواز اخبار ۾ ڪم ڪيائين، رپورٽنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ عوامي آواز ۽ تعمير سنڌ اخبارن ۾ باقاعدگيءَ سان لکڻ لڳو. اھو سلسلو 2002ع تائين ھليو. 2002ع فاران شگر مل ۾ رياض جاويد سلھري جي ايم ٿي آيو، ھن اچڻ سان ئي مزدورن کي ڪڍڻ شروع ڪيو، مزدورن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪيائين ۽ يونين تي پابندي وڌائين. نوڪري تان بيدخل ٿيندڙ پھرين پنجن مزدورن ۾ اشرف لغاري بہ شامل ھو، جنھن کي يونين ۾ اڳڀرو ھجڻ ۽ قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ھجڻ ڪري ٽارگيٽ ڪيو ويو ھو. اشرف لغاري جي نوڪري جي بحالي لاءِ قومپرست اڳواڻن شھيد بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين اڳواڻن ڀرپور آواز اٿاريو ھو، انھي ئي ڪري مل انتظاميا کيس بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، ۽ سال کان پوءِ مل انتظاميا سڀ مزدور ڪڍي پنھنجا من پسند ماڻھو رکيا ھئا. علائقي جي وڏي سياستدان حاجي نجم الدين سريوال بہ اشرف لغاري جي نوڪري جي بحالي لاءِ زور لڳايو ھو، پر مل انتظاميا کيس جواب ڏيئي ڇڏيو. نوڪري وڃڻ کان پوءِ اشرف لغاري وري ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لڳو. 2002ع ٿرپارڪر شگر ملز ڪوٽ غلام محمد ۾ نوڪري ڪيائين، ان دوران صحافت ۽ لکڻ جو ڪم ڇڏي ڏنائين.

اشرف لغاري اگهم ڪوٽ جي رپورٽنگ لاءِ ايندڙ ڪيترن ئي صحافين ۽ اديبن، دانشورن ۽ تاريخدانن جي رھنمائي ڪندو رھيو آھي، انھن ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر ڪليم لاشاري، ڪي ٽي اين نيوز جا عيوضي ھارون گوپانگ، سيد علي محمد راشدي، احسان اوٺو، ڊان جو مضمون نگار حسن منصور، جيو نيوز جو اعجاز زئي ۽ ٻيا شامل آهن. اشرف لغاري اڄ بہ اگهم ڪوٽ جي دڙن ۽ قبرن جي رکوالي ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻي جي کوٽ، مھانگائي ۽ ٻين سماجي مسئلن تي پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.

اشرف لغاري ڪيترائي مضمون ۽ آزاد نظم بہ لکيا آھن، سندس شاعريءَ مان ڪجهہ چونڊ آزاد نظم ڏجن ٿا.

تو مون کي بہ ھٽ جو وکر سمجھو آ،
۽ خريدڻ ٿو چاھين پنھنجي گٺل سِڪن سان..
اھا تنھنجي ڀل آهي،
تون مون کي جيلن ۾ واڙي سگهين ٿو،
تيل ڪڙھاين ۾ ڪاڙھي سگهين ٿو،
منھنجي سنڌن مان سرمو بہ ٺاھي سگهين ٿو..
۽ اھو سمورو ڏاڍ، جو تنھنجي وس آ،
مون تي آزمائي سگهين ٿو،
پر پنھنجي سوچن جو گند، منھنجي ذھن ۾ سمائي نہ سگهندين،
منھنجو ھي اوچو ڪنڌ جهڪائي نہ سگهندين.

ڀڄندو ڀرندو ٿو وڃان،
ڊھندو ڪرندو ٿو وڃان،
الائي مان ڇا آھيان،
شايد اگهم ڪوٽ جي آثارن مان
ڪو دڙو آھيان،
يا مينھوڳيءَ رُت ۾ ٿر جي واريءَ تي
ڪرندڙ ڳڙو آھيان،
رني ڪوٽ جي قلعي جو برج
يا ڪارونجهر جو پٿر آھيان..
ڇا بہ آھيان، مگر مان ختم نہ ٿيندس،
ڇو جو مان مٽيءَ جو خمير آھيان،
مان اڄوڪي سنڌ جو ضمير آھيان.

ھيءَ ڪائنات، ھڪ حسين باغ،
جنھن ۾ ھزارين لکين وڻ ٻوٽا ۽ گل،
۽ آئون انھن ۾ سڪل وڻ،
۽ سڀني سونھن جي اميدن کان وانجهيل،
خبر ناھي مالھي ڪيڏي مھل ڪاوڙجي،
مون کي پاڙان ڪپي،
ھميشہ لاءِ ختم ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close