زندگيءَ جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-21)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

23-نئون ڪردار

نقادن جو چوڻ هو تہ فلم "سگينا مھا تو” ھڪ سياسي فلم ھئي، ھن فلم کانپوءِ صحافي مون کان اڪثر سوال پڇندا هئا تہ ڇا آئون ڪنھن سياسي پارٽي ۾ شموليت ۾ دلچسپي رکان ٿو؟ ھا بلڪل، منھنجو جواب ھوندو ھو. پر سياست ۾ منھنجي شموليت صرف چونڊ مھم تائين محدود ھوندي، آئون وڏو ايوان (راجيہ سڀا)، ننڍو ايوان (لوڪ سڀا) ۾ وڃڻ ۾ دلچسپي نہ رکندو ھئس. وزيراعظم پنڊت جواھر لعل نھرو جي چوڻ تي آئون 1962ع ۾ بمبئي ۾ وي ڪي ڪرشنا جي چونڊ مھم ھلائي چڪو ھئس. پنڊت جي مونکي دھلي مان فون ڪري چيو ھو تہ ڪرشنا جي مھم چونڊ ۾ حصو وٺان. ڪرشنا جي مقابلي ۾ آچاريہ جي بي ڪرپلاڻي اليڪشن ۾ بيٺل ھو، ڪرپلاڻي انڊين نيشنل ڪانگريس جو صدر رھي چڪو هو، اختلافن جي ڪري الڳ ٿيو ھو ۽ ڪسان مزدور پرجا پارٽي جي نالي سان نئين پارٽي ٺاھيائين، بعد ۾ ھن پنھنجي پارٽي کي سوشلسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ ضم ڪري ڇڏيو. مون پنڊت جي جي حڪم جي تعميل ڪئي. آئون آغا جي ( پنھنجي پيءُ) کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ عزت پنڊت جي جي ڪندو ھئس. ڪرشنا سان ملڻ لاءِ ڪانگريس جي آفيس جوھو ھليو ويس، ڪرشنا آفيس ۾ نہ پھتو ھو، آئون ان کي سڃاڻيندو بہ نہ ھئس، پر ان جو نالو گھڻو ٻڌو ھئم، خاص طور تي اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪيل ان جي تقرير جيڪا اٺن ڪلاڪن تي مشتمل ھئي، جو وڏو چرچو ھو، جنوري 1957ع ۾ ڪيل ان تقرير ۾ ھن ڪشمير متعلق ڀارت جو موقف پيش ڪيو ھو. آئون ڪانگريس جي آفيس ۾ اڪيلو ويٺو ھئس تہ منھنجي ڀرسان ھڪ ماڻھو اچي ويھي رھيو، ھن پنھنجو نالو رجني ٻڌايو ۽ چيائين تہ گذر سفر لاءِ وڪالت ڪندو آھيان، مون ان کي ھٿ ڏيندي چيو تہ منھنجو نالو يوسف آھي پر آئون ڪجھ نہ ڪندو آھيان، ھو منھنجو جواب ٻڌي حيران ٿيو، اھو رجني پٽيل ھو، جيڪو بعد ۾ منھنجو بھترين دوست ٿي ويو. ڪرشنا ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي مونسان ايڏي محبت ۽ گرمجوشي سان مليو ڄڻ اسان ھڪٻئي کي سالن کان سڃاڻيندا ھجون. ڪرشنا رجني سان منھنجو تعارف ڪرايو، مونکي نہ سڃاڻڻ تي رجني مونکان معافي ورتي، ھن مونکي ٻڌايو تہ فلمون نہ ڏسندو آھيان، ھڪ دفعي سئنيما ويو ھئس، آفيس جا ٻيا ماڻھو بہ ان وقت اسان جي ڪمري ۾ اچي ويا ڪرشنا مسڪرائيندي انھن کي چيو تہ توھان سڀ دليپ ڪمار جو ديدار ڪرڻ آيا آھيو. ڪرشنا جلدي ڪم جي ڳالھ تي اچي ويو، ھو چاھيندو ھو تہ آئون ھن جي اليڪشن مھم ھلايان، ڇو تہ مقابلو سخت ھو، ھن مونکان پڇيو توھان اردو کانسواءِ ھندي ۽ مراٺي بہ رواني سان ڳالھائي ويندا آھيو؟ ھن مونکي چيو تہ پنڊت جي مونکي اھو ئي ٻڌايو آھي. پنڊت جي ڪرشنا کي ٻڌايو ھو تہ يوسف ڳالھائڻ ۽ ٻي کي قائل ڪرڻ ۾ وڏي مھارت رکي ٿو. ھو مختلف موضوعن تي رواني سان ڳالھائي سگھي ٿو، مون ڪرشنا کي ٻڌايو تہ ڪڏھن ڪنھن مجموعي سان مخاطب نہ ٿيو آھيان، توھان جي چونڊ مھم لاءِ جلسن ۾ خطاب ڪرڻ منھنجي لاءِ نئون تجربو ھوندو. مونکي خبر آهي تہ پنڊت جي منھنجي ڳالھائڻ واري انداز مان ڪيئن متاثر ٿيو ھو، ان جو پسمنظر ھيئن آھي، 60 جي ڏھاڪي جي آخر ۾ فلم سينسر بورڊ منھنجي فلم گنگا جمنا کي اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اھا سراسر ناانصافي ھئي ڇو تہ ٽي ڏينھن پھرين ئي بورڊ راج ڪپور جي فلم "جس ديش مين گنگا بھتي ھي” کي اين او سي جاري ڪيو هو. جڏھن تہ انھي فلم جي ڪھاڻي چورن جي چوگرد ڦري ٿي ۽ فلم ۾ تشدد بہ ڏيکاريو ويو هو، انھي ئي الزام ۾ منھنجي فلم کي روڪيو ويو هو، ان وقت جي وزير اطلاعات ڊاڪٽر بي وي ڪيسڪر کي مون نظرثاني جي اپيل ڪئي، جيڪا ھن رد ڪري ڇڏي، اخلاقيات متعلق ھن جا پنھنجا خيال ھئا، ھن منھنجي ڳالھ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مايوس ٿي آئون پنڊت جواھر لعل نھرو سان مليو ھئس. مون پنڊت سان نہ رڳو پنھنجي فلم بابت پر ٻين روڪيل فلمن بابت بہ ڳالھايو ھو. پنڊت جي گنگا جمنا فلم جو ٻيھر جائزي وٺڻ جو حڪم ڏنو. بورڊ اعلان ڪيل ريليز واري تاريخ کان ڪجھ ڏينھن پھرين ڪليئر ڏيئي ڇڏيو. گنگا جمنا سان گڏ ٻين روڪيل فلمن کي بہ اين او سي جاري ڪيو ويو. رجني پٽيل ۽ آئون ويجھا دوست ٿي ويا ھئاسين، ھو ذھين ۽ اصول پسند ھو، ھن سان باقاعدگي سان بامقصد ملاقاتون ٿينديون رهيون. 1962ع ۾ اتر بمبئي جي لوڪ سڀا جي ھن سيٽ تي چونڊ ڊرامائي صورت حال اختيار ڪري چڪي هئي، رجني مونکي جتي بہ وٺي ويندو هو، ھن جي عادت ھوندي ھئي تہ مون کي آخر ۾ ايجنڊا ٻڌائيندو هو. سڀ کان پھرين وڏو جلسو، جنھن ۾ مونکي خطاب ڪرڻو ھو، اھو ڪوپريج گرائونڊ ڏکڻ بمبئي ۾ ھيو، اسان ڪار ۾ وڃي رھيا ھئاسين، رجني مونکي چيو توھان کي اڄ وڏي مجموعي سان مخاطب ٿيئڻو آھي. مونکي ڪاوڙ اچي وئي، رجني کي چيم توکي مذاق ٿو لڳي، آئون ڪو سياستدان آھيان جو ڪنھن بہ موضوع تي ماڻھن کي پنھنجي ڳالھ تي قائل ڪري وٺندس، رجني پيار مان منھنجي ھٿ تي پنھنجو ھٿ رکيو ۽ اسان ڪڏھن ٿا چئون تہ توھان سياستدانن وانگر تقرير ڪيو. سياسي تقرير توھان سياستدانن تي ڇڏيو، توھان ماڻھن سان صرف دليپ ڪمار ٿي ڳالھايو، آئون ھن جي ڳالھ سمجھي نہ سگھيس، اسان جلسي ۾ پھچي وياسين، ماڻھن جو ھڪ وڏو انگ مونکي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آيو ھو. رجني مونکي وڏي مشڪل ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو،صورتحال جي سنگيني باعث ھو مونسان اکيون بہ نہ ملائي رھيو ھو. جلسي ۾ پھچڻ شرط ماڻھن دليپ ڪمار زندہ باد جا نعرا ھڻڻ شروع ڪيا، ھاڻي اسٽيج تي وڃي تقرير ڪرڻ لازمي ٿي ويو ھو، نعرن ۾ شدت اچي وئي ھئي. ذھن ۾ اھو منظر اچي ويو جڏھن آئون پشاور ۾ مجموعي ۾ انگريزي نظم ٻڌائيندو ھئس، اسٽيج تي بيھي مون ھڪ وڏو ساھ کنيو، تقرير جي شروعات ڪيم، آئون ڏھن منٽن تائين تقرير ڪندو رھيس، ماڻھن منھنجي تقرير کي ساراهيو، ايتريون تہ تاڙيون وڄايون، جو ٻوڙو ٿي ويس، جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ بہ ماڻھو وڃڻ لاءِ تيار نہ ھئا، رجني فاتحانه مسڪراهٽ سان مون ڏي ڏسي رھي ھو. ھاڻي آئون جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ لڳو ھئس، چونڊ جلسن ۾ ڪيل منھنجن تقريرن تي تعريفون ٿي رھيون ھيون، رشتيدار ۽ دوست ھمت افزائي ڪري رھيا ھئا. جلسن ۾ مونکي مائڪرو فون ھٿ ۾ ڏيئي چوندا ھئا تہ ھاڻ شروع ٿيو، آئون شروع کان مطالعي جو شوقين رھيو آھيان، ڪنھن بہ موضوع تي جيڪو بہ ڪتاب ملندو هو، پڙھي وٺندو ھئس، منھنجي ڀاءُ، ڀينرون ۽ دوستن کي خبر ھئي تہ مونکي ڪتابن سان عشق آھي، ھنن کي خبر ھئي تہ مونکي ڪتاب جي تحفي تي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي، ڪتابن ۾ پڙھيل شيون اڄ چونڊ مھم جي جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ ۾ ڪم اچي رھيون ھيون. ڪرشنا اليڪشن ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي، انکانپوءِ ڪانگريس جي چونڊ مھم ھلائڻ منھنجو معمول بڻجي ويو، رجني پٽيل سان منھنجا تعلقات وڌيڪ گھرا ٿي ويا، ھو بنيادي طور تي ھڪ وڪيل ھو پر سياست بہ ڪرڻ لڳو ھو، ڪيترائي وڪيل اسان ٻنھي جا مشترڪہ دوست ھئا. ھڪ ڏينھن ڳالھين ئي ڳالھين ۾ مون رجني پٽيل کي چيو بمبئي ھڪ ڪاسمو پوليٽن شھر آھي، اتي ھڪ اھڙي جڳھ ھجڻ گھرجي، جتي ڪلاسيڪل ڊانس، ميوزڪ ۽ ادبي محفل منعقد ٿئي، وڏن اديبن ۽ شاعرن جي ڪچھري ٿئي. ھڪ سائنس مرڪز ھجڻ گھرجي، جتي سائنسي گڏجاڻيون ٿين، جيئن ايندڙ نسل کي ترغيب ملي. انھن ڏينھن ۾ اسان وٽ اسپيس ٽيڪنالاجي تي ڪم ٿي رهيو هو، پروفيسر وڪرم جي قيادت ۾ خلائي سائنس ۾ اھم پيش رفت ٿي چڪي هئي. رجني منھنجي مشوري تي سھمت ٿيو، ھن سائنس، فائن آرٽس ۽ ثقافتي مرڪز جي قيام لاءِ سفارشون تيار ڪيون، اھا 1970ع جي شروعات جي ڳالھ آهي. ملڪ جي وزيراعظم ھاڻ پنڊت جواھر لعل نھرو جي ڌيءُ اندرا گانڌي ھئي. ذڪر ڪيل سفارشون ان کي پيش ڪيون ويون. پنھنجي والد صاحب وانگر اندرا بہ فيصلا سٺا ڪندي ھئي. اسان جي ڏنل تجويزن تي ڪم ڪيو ويو، وورلي ۾ نھرو سينٽر قائم ڪيو ويو، اسان جي تجويز ڪيل نھرو سينٽر جو پيڙھ جو پٿر 2 نومبر 1972ع تي وزيراعظم اندرا گانڌي رکيو. منھنجي ۽ رجني پٽيل جي نظر ۾ سياست جو مطلب عوام جي خدمت ڪرڻ ھو. اسان اليڪشن ۾ بيھي کٽي سگھون پيا، پر اسان ان ڳالھ ۾ خوش ھئاسين تہ سيلاب، ڏڪار، زلزلا ۽ ٻين آفتن ۾ چندو گڏ ڪري حڪومت جي حوالي ڪيون. ڪنھن بہ قدرتي آفت کانپوءِ بمبئي ۾ متاثرن جي بحالي لاءِ فنڊ ريزنگ جلوس ڪڍيو ويندو هو. ماڻھو امدادي سامان کڻي ايندا هئا ۽ بدلي ۾ پنھنجي پسنديده فلم اسٽار سان ھٿ ملائيندا هئا، ان ڪري اسان ماڻھن سان انتھائي شائستگي سان پيش ايندا ھئاسين، ٻي طرف اداڪارن جي حفاظت لاءِ بندوبست بہ ڪرڻو پوندو هو، خاص طور تي ان وقت جڏھن ماڻھن کي پنھنجي پسنديده ادڪار سان ھٿ ملائڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو تہ ماڻھو بدتميزي بہ ڪندا هئا. عورت اداڪارئن جي حفاظت لاءِ ٽرڪ تي موجود اسان مردن کي محتاط رھڻو پوندو هو، ماڻھن طرفان وڏي محبت ملندي هئي، اھو سڀ ڏاڍو بھتر لڳندو هو، شام تائين امدادي سامان جو ڍير ڏسي دل کي وڏو سڪون ملندو هو، اسان سمجھندا ھئاسين تہ اسان پنھنجي حيثيت آھر پنھنجو فرض نڀايو آهي. 1980ع ۾ اسان مھاراشٽر جي تفريحي علائقي مھابلي ايشور ۾ موڪلون گذاري رھيا ھئاسين، رجني مونکي ننڊ مان اٿاري چيو تہ مون ۽ رياست مھاراشٽر جي وزير اعلي شرد چندر گوند راء توکي بمبئي جو شيرف مقرر ڪيو آھي. مون ان کي مذاق سمجھو، آئون ڪجھ چوڻ وارو ھئس تہ رجني چيو ڏس انڪار جي گنجائش ناھي، تنھنجي اجازت کان پھرين حڪومت خبر نشر ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن توکي تصديق ڪرڻي آهي تہ ھاڻ ئي ريڍيو کول ۽ خبر ٻڌ. واقعي ئي ھر خبر ۾ ٻڌايو پئي ويو تہ دليپ ڪمار کي بمبئي جو شيرف مقرر ڪيو ويو آهي. رجني چيو تہ ھاڻ تون جيڪڏهن انڪار ڪندين تہ منھنجي ۽ منھنجي وزير اعلي دوست جي بي عزتي ٿيندي. ھا رجني يقين ڏياريو تہ نئين ملازمت ھڪ غير سياسي عھدو آھي، ان لاءِ آفيس ۾ روز اچڻ ضروري نہ آهي، سڀ کان اھم ڳالھ تہ ملازمت تنھنجي فلمي سرگرمين ۾ رڪاوٽ نہ بڻبي. رجني اھي سڀ ڳالھيون ۽ يقين انڪري ڏياري رھيو ھو، ڇاڪاڻ آئون ڪيترائي دفعا شيرف ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪو ھئس. ڇو تہ ان وقت آئون منوج ڪمار جي فلم ڪرانتي ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس، ان کانسواءِ ذاتي مصروفيتون بہ تمام گھڻيون ھيون. شيرف مقرر ٿيڻ جي خبر ٻڌي سڀ کان پھرين منوج ڪمار مبارڪون ڏنيون ھيون، منھنجي مقرري تي ھو ڏاڍو خوش ھو، ان جي خوشي تي مونکي حيراني ٿي، ڇو تہ آئون ان جي اھم ترين فلم ڪرانتي ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس، ان جو سڄو شيڊيول طئي ٿيل ھو، منھنجي شيرف مقرر ٿيڻ جي ڪري شيڊيول متاثر ٿي پئي سگھيو، پوءِ بہ ھو خوش ھو. ھن جي خواھش ھئي تہ آئون شيرف جو حلف کڻان تہ اھو منظر فلمبند ڪيو وڃي. ھن جو چوڻ هو تہ ان لاءِ مونکي فلمبندي لاءِ راج ڀون کان باقاعدي اجازت وٺان، مھاراشٽر جي گورنر مونکان حلف کڻايو هو. ڪنھن اداڪار کي پھرين دفعا ڪنھن شھر جو شيرف مقرر ڪيو ويو ھو، توقع مطابق ان خبر وڏي ھلچل مچائي ڇڏي، شيرف جو عھدو منھنجي لاءِ انتھائي مصروف ثابت ٿيو، حلف کڻڻ کان وٺي آخري ڏينهن تائين آئون تمام گھڻو مصروف رھيس، ھر تقريب ۾ شيرف کي گھرايو ويندو هو. تقريبن جو سلسلو صبح ڏھين کان رات جي ٻارھين تائين جاري رهندو هو. منھنجو عھدو ايڏو مصروف ثابت ٿيو جو ڪپڙن بدلائڻ جو بہ ٽائم نہ ملندو هو. سائرا ان جو حل ڪڍي ورتو هو، ھن مستقل طور تي ھڪ سوٽ ڪيس گاڏي ۾ رکرائي ڇڏيو هو، جيڪو منھنجن ڪپڙن سان ڀريل ھوندو ھو، جيئن تقريبن ۾ انھن کي استعمال ڪري سگھان، ڇو تہ گھر واپس اچڻ ۽ ڪپڙا تبديل ڪرڻ جو وقت ئي نہ ملندو هو. ھڪ سال تائين آئون شيرف رھيس، ان دوران آئون وڏن وڏن اجتماعن سان مخاطب ٿيس، ماڻھن جي ذھنن ۾ اھا ڳالھ ويٺل ھئي تہ فلمي ماڻھو ٻيو ڪو ڪم نہ ٿا ڪري سگهن، آئون ان غلط فھمي کي دور ڪرڻ چاھيندو ھئس. ان دوران مون دل جي بيمارين جي ماھرن، باغباني، پولٽري فارمنگ، فارماسيوٽيڪلز جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون. فلم ڪرانتي جي شوٽنگ تمام گهڻي متاثر ٿي، پر ان لاءِ بہ ٿورو گھڻو وقت ڪڍي وٺندو ھئس. مکڻ وڪڻڻ واري ھڪ ڪمپني امل منھنجي پسمنظر ۾ پنھنجو ھڪ اشتھار ھيئن ترتيب ڏنو،” سوري پارٽنر شيرف شوٽنگ تي ويو آھي.”پھرين شيرف پوءِ 2000ع کان 2006ع تائين راجيہ سڀا جو ميمبر ھوندي مون ھميشہ اھا ڪوشش ڪئي تہ پنھنجن اختيارن ذريعي وڌ کان وڌ ماڻھن جي مدد ۽ ڀلائي جا ڪم ڪيان. فنڊن جو ھميشہ بھترين استعمال ڪيم، مستحق سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن کي عطيو ڏنم، بمبئي ناسيڪ، نندا ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ روڊ ٺھرايا، سڀ کان وڌيڪ خوشي مونکي ان ڳالھ تي ٿي تہ مون بمبئي جي ڪچين آبادين ۾ صاف سٿرا ۽ جديد طرز جا واش روم تعمير ڪرايا. مونکي ياد ڪونھي تہ ڪنھن اسڪول جي قيام لاءِ رقم گھري ھجي ۽ مون انڪار ڪيو ھجي. اھا بدقسمتي آھي جو منھنجي ڪيل سٺن ڪمن جو نتيجو برو نڪتو، ھڪ سرگرم سياستدان دوست مونکان زبردستي گھر جي ويجھو ھڪ قيمتي پلاٽ ورتو، ھن واعدو ڪيو بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن اتي ھڪ زبردست پارڪ ٺھرائيندي، پر افسوس جو ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اتي ڪجھ نہ ٺھي سگھيو آھي. معاشرو جنھن کي عزت احترام ۽ وڏو مقام ڏيئي، ھن جو بہ فرض ٿيئي ٿو تہ ھو بہ معاشري کي ڪجھ نہ ڪجھ واپس ڪري. ساٿي اداڪارن کي بہ مون ھميشہ اھوئي چيو آھي تہ پنھنجي سماج جي بھتري لاءِ ڪجھ نہ ڪجھ ڪجي. آئون پنھنجي لاءِ ان ڳالھ کي الله جي رحمت سمجھان ٿو تہ آئون نابينن جي قومي انجمن جو چيئرمين رھيس ۽ انجمن جي مدد ڪيم، ھن ڪم ۾ مونکي شرڪت جي دعوت منھنجي پياري دوست وجي مرچنٽ ڏني ھئي، ھي وجي مرچنٽ اھو ئي ھو جيڪو ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رھي چڪو آھي.
نيتن بوس 1951ع ۾ پنھنجي ھڪ فلم ديدار ۾ مونکان ھڪ نابين شخص جو ڪردار ڪرائڻ چاھيندو ھو، ڪردار کي فلم جي شروعات ۾ ئي انڌو ٿيئڻو ھو، مونکي عجيب لڳو تہ نابين شخص ڪئميرا ۽ پنھنجن ساٿي اداڪارن کي ڪيئن ڏسندو؟ مون ان سلسلي ۾ محبوب صاحب سان مشورو ڪيو تہ ھن چيو تہ بمبئي جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي ويٺل ھڪ نابين فقير سان وڃي مل. محبوب صاحب چيو تہ ان انڌي فقير جو ويجھڙائي کان مشاھدو ڪر، ان جي حرڪتن تي غور ڪر، پوءِ ان کان سندس اونداهي واري زندگي بابت ڳالھ ٻولھ ڪر، مون محبوب صاحب جي مشوري تي عمل ڪيو، مون ان مشاھدي مان گھڻو ڪجھ سکيو. مان ان وقت اسٽيشن تي ويندو ھئس، جڏھن ٿوري اونداهي ھوندي ھئي يا ريل ڇٽڻ وقت ويندو ھئس، ان وقت ماڻھن کي جلدي ھوندي ھئي. فقير کي ٻيو ڪو ماڻھو غور سان نہ ڏسندو هو تہ فقير وٽ ڪير ويٺو آھي. ھڪ ڏينھن جڏھن ان وٽ ويس تہ ٻيو فقير بہ ويٺو هو، مون جڏھن ان سان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ ٻيو فقير حيران ٿيو ۽ مونکان پڇيائين تون ڪير آهين، تنھنجو آواز ان اداڪار سان ملي ٿو، جنھن جي مون ويجھڙ ۾ فلم ڏٺي آهي، آئون حيران ٿي ويس، تو ڪيئن فلم ڏٺي، جڏھن تہ تون انڌو آھين. ھن جواب ڏنو تہ فلم ڏسڻ جي نہ پر ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ھوندي آھي، ھا البتہ محسوس ڪرڻ واري دل ھجي. اسان بہ عام ماڻهو وانگر سوچڻ، روئڻ، کلڻ، سميت سڀ حواس رکندا آھيون. بس ڏسڻ واري صلاحيت کان محروم آھيون. فقير ٻڌايو تہ ھن منھنجي ھڪ فلم ورائي ورائي ڏٺي آهي، ڇو تہ کيس فلم جا مڪالما ۽ گيت بيحد پسند آھن، ان نابين شخص جي ھمت ۽ حوصلي مونکي بيحد متاثر ڪيو. نابينن سان ملڻ کانپوءِ ھڪ دفعي وجئي مرچنٽ نيشنل ايسوسيئيشن آف دي بلائينڊرز جو خيال منھنجي اڳيان رکيو، اھڙي طرح ان انڌي فقير جو چھرو منھنجي اڳيان اچي ويو. مون طئي ڪري ڇڏيو تہ ان راھ ۾ جيڪي بہ مشڪلاتون آيون، برداشت ڪندس، پر نابينن جي مدد ضرور ڪندس. منھنجي دل ۾ ھڪ خيال آيو تہ جيڪڏھن محنت ڪئي وڃي تہ نابينن جي ايسوسيئيشن کي مالي لحاظ کان پنھنجن پيرن تي بيھاري سگھجي ٿو. اھڙي طرح ڏسڻ کان محروم ماڻھن کي عزت ۽ وقار جي زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگھجي ٿو. خوشقسمتي سان ان سلسلي ۾ منھنجي ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز مان سٺين نمبرن سان پاس ٿيندڙ ھڪ نوجوان عورت ويرارائو مدد ڪئي. ھي عورت فنڊ ريزنگ ۽ فنڊ مئنيجمينٽ ۾ ماھر ھئي، ھن وٽ بيشمار آئيڊيا ھئا، ھن ھڪ تجويز ڏني تہ نابينن جي مدد لاءِ سال ۾ ھڪ دفعو بمبئي کان پونا تائين ھڪ خصوصي ريل ھلائي وڃي، "خصوصي امدادي ٽڪيٽ جي خريدار دليپ ڪمار سان گڏ سفر ڪيو، تصويرون ڪڍرايو ۽ ڪچھري ڪيو”. 1960ع ۾ اسان نابينن جي مدد لاءِ پھرين خصوصي ريل ھلائي، سڀ کان پھرين مون پنھنجي طرفان 50 ھزار روپين جي امداد جو اعلان ڪيو، مونکي ريل جي سفر دوران گارڊ ڪيبن کان ريل جي ٻي ڇيڙي تائين ھلڻ جو چيو ويو. ان دوران مون کي ماڻھن سان ملڻو ۽ ڪجھ ڳالھ ٻولھ بہ ڪرڻي ھئي، ھر سال ھلڻ واري ھن اسپيشل ٽرين ۾ اھو معمول مطابق جاري رھيو. ريل ۾ سائرا بہ مونسان گڏ ھوندي ھئي، ھر ڳالھ ۾ منفي پھلو سوچڻ وارن پروپگنڊا ڪئي، پر ھي سفر ڪامياب رھيو، اسان وٽ ڪافي پئسو جمع ٿي ويو ھو، اسان ان قابل ٿي وياسين تہ عالمي مارڪيٽ مان نابين شاگردن لاءِ بھترين بريل بڪس گھرائي پيا سگھون. مون کي ان خصوصي ريل جو انتظار ھوندو ھو، ڏھن سالن تائين اسان ريل ھلائيندا رھياسين، سفر دوران ماڻھن سان ويھڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، ماڻھو گھرن مان کاڌو تيار ڪري ايندا هئا. ھڪ زبردست تفريح وارو ماحول ٺھي ويندو هو، آئون ماڻھن سان انھن جي ٻولين ۾ ڳالھائيندو ھئس، ھو خوش ٿيندا هئا، انھن سادن ماڻھن منھنجون فلمون ڏٺيون ھونديون ھيون، شروع ۾ ماڻھو مونسان ۽ سائرا سان ڳالھائڻ مھل شرمائيندا ھئا، آئون جڏھن انھن سان پنھنجي ٻولي ۾ ڳالھائيندو ھئس تہ انھن جي گھبراھٽ ختم ٿي ويندي ھئي. اھي سمجھندا ھئا تہ دليپ ڪمار انتھائي سادي طبيعت وارو آھي. ھو سمجھندا ھئا تہ دليپ جي زال بہ ان وانگر سادي آھي ۽ ھميشہ ان جي پويان ھلندي آھي. آئون پنھنجن فلمي دوستن کي بہ ريل جي سفر جي دعوت ڏيندو ھئس، جيتري قدر مون کي ياد آهي "جوني واڪر” ريل جي سفر جو سڀ کان وڌيڪ مشھور مھمان ثابت ٿيو. سٺن ڪمن ۾ شريڪ ٿيڻ تي مون کي خوشي ملندي هئي، خبر ناھي اھا خوبي مون کي ورثي ۾ ملي ھئي يا ان ماحول مان ملي ھئي جتي آئون وڏو ٿيو ھئس. 1988ع جي ڳالھ آهي، مونکي پنھنجي اباڻي شھر مان ڪنھن خط لکيو، پشاور ھونئن تہ گھڻي ترقي ڪئي آھي پر اڃا تائين ھتي ڪا بلڊ بئنڪ ناھي. ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ماڻھو وڏي تڪليف ۾ آھن. فاطميد فائونڊيشن نالي ھڪ تنظيم بلڊ بئنڪ جو مرڪز قائم ڪري رھي آھي، اسان جي خواهش آھي تہ توھان بلڊ بئنڪ جو افتتاح ڪيو، ڇا توھان ان نيڪ ڪم لاءِ اچي سگھو ٿا؟ مونکي جڏھن خط مليو ان وقت پشاور ۽ اتي گذاريل وقت کي وساري چڪو ھئس، البتہ راج ڪپور ۽ آئون جڏھن ملندا ھئاسين پشاور ۾ گذاريل ڏينھن بابت ڪچھري ضرور ڪندا ھئاسين. نيڪ مقصد لاءِ مليل دعوت کي نظر انداز نہ پيو ڪري سگھان، مون سائرا سان صلاح ڪئي، سائرا چيو ان نيڪ ڪم لاءِ جيترو ٿي سگهي اھو گھٽ آھي. اسان پشاور جي دوري ۽ اتي بلڊ بئنڪ جي افتتاح جي دعوت قبول ڪري ورتي. ان وقت جنرل ضياءَ پاڪستان جو صدر ھو، ان کي جڏھن منھنجي پشاور اچڻ جي خبر پئي تہ ھن مونکي سرڪاري مھمان طور گھرائي ورتو. ھڪ ذاتي دورو ۽ بلڊ بئنڪ جي افتتاح جي ھڪ سادي دعوت ھاڻي اسٽيٽ وزٽ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو، پاڪستان جي صدر طرفان ڪنھن ڀارتي شخص کي ايڏو مقام ڏيڻ وڏو اعزاز ھو. باوجود ان جي اھو تاثر ڏنو ويو تہ آئون رياست جو سربراھ يا ڪو نمائندو ھجان، سچي ڳالھ اھا تہ ھڪ محنتي اداڪار کانسواءِ آئون ڪجھ بہ ناھيان، اھو اداڪار جيڪو محنت ۽ سٺي نصيب جي ڪري وڏو مقام حاصل ڪيو هو. تصور ڪري سگهجي ٿو تہ ان دوري جي تياري لاءِ مون ڪيڏي وڏي پئماني تي تياري ڪئي ھوندي. مونسان گڏ منھنجا ملازم، رشتيدار، گھر وارا ۽ صحافين جو ھڪ وڏو تعداد پشاور لاءِ سفر ڪرڻو ھو. تياري دوران مونکي اھو خيال ايندو هو تہ پشاور منھنجو جنم ڀومي آھي، جيڪو ڪنھن وقت ھندستان جو حصو ھو، اھو ھندستان جنھن کي آئون فخر سان پنھنجو ملڪ سمجھان ٿو. آگسٽ 1947ع ۾ آغا جي کي جڏھن خبر پئي تہ ان جي زمين ۽ جائداد ھاڻ پاڪستان ۾ آھي، يقينن کيس پريشاني ٿي ھوندي. ماڻھن جڏھن آغا جي کي چيو تہ پاڪستان وڃي پنھنجي جائداد سنڀال، تڏھن ھن چيو ھو ھاڻ اسان ڀارت ۾ رھنداسين ۽ اتي ئي دفن ٿينداسين. پشاور جي وزٽ جون تياريون بہ جاري ھيون ۽ مونکي اتي گذاريل ننڍپڻ جو وقت بہ ياد اچي رھيو ھو. مونکي ويجھن مائٽن، دوستن، پاڙي ۾ رھندڙ ماڻھن جا چھرا تصور ۾ اچي رھيا ھئا. آغا جي، امان، ڏاڏو، ڏاڏي، گھر جون محفلون، مندر جون گھنٽيون، مسجد ۾ ايندڙ آذان جو آواز، ھر شيءِ منھنجي دماغ ۾ ڦرڻ لڳي. ھڪ حسرت دل ۾ رھجي وئي، آغا جي زندہ ھجي ھا تہ پنھنجي پٽ کي ھڪ سربراھ جيترو پروٽوڪول ملندي ڏسي ھا تہ ڪيڏو خوش ٿئي ھا. دوري کان پھرين مونکي خبر پئي تہ پي آئي اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز) جي ھر پائليٽ جي اھا خواھش ھئي تہ ھو دليپ ڪمار جي فلائيٽ کڻي اچي. اسان 2 اپريل 1988ع تي بمبئي کان روانا ٿياسين. جھاز ۾ مونسان گڏ سائرا کان علاوه ملازم، رشتيدار، ويجھا دوست، صحافي ۽ ڪئميرامين گڏ ھئا، جڏھن جھاز مٿي اڏاڻو تہ پائليٽ اسان کي دل جي گھراين سان ڀليڪار ڪئي. روين مان معلوم ٿيو تہ جھاز جو سڄو عملو بي حد خوش ھو. پاڪستان جي ھڪ حصي پشاور سان منھنجو اباڻو تعلق ھجڻ ڪري پاڪستانين کي منھنجي دوري جي تمام گهڻي خوشي ٿي. ان جو اندازو پائليٽ جي گفتگو مان لڳايم. 1930ع جي ڏھاڪي جو ھڪ گنجو ڇوڪرو يوسف جيڪو بمبئي ويو هو، اڄ اڌ صدي کان پوءِ دليپ ڪمار بنجي پنھنجي شھر پشاور ۾ واپس اچي رھيو ھو. اسان ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿاسين، اسان جو قافلو جتي بہ ويندو هو، ماڻھن جو ميڙ گڏ ٿي ويندو هو. مونکي ڏسندڙن جو وڏو ميڙ گڏ ٿيڻ جي ڪري ڪنھن جڳھ تي پھچڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا هئا. پاڪستانين طرفان تمام گهڻي محبت ملي، مون سان گڏ منھنجي ڀاءُ احسن سميت سڀني کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. اسان جو پاڪستان وارو دورو انتھائي مصروف ۽ ٿڪائيندڙ ھو. جنرل ضياءَ ڪيترن ئي سرڪاري تقريبن جو اهتمام ڪيو ھو. ناشتا،مانجھاندا، رات جو مانيون ۽ چانھ جون دعوتون جو تہ ڪو ڪاٿو ئي نہ ھو، ڪيترن ئي ڏٺل جڳھن تي گھمڻ ويس، جيڪي ڪافي بدلجي چڪيون هيون، قصہ خواني بازار کان علاوه پنھنجي اباڻي گھر، اسڪول، ويجھن مائٽن سان ملاقاتون، ننڍپڻ جي دوستن سان ڪچھري، اھو سڀ ڪجھ ڏاڍو مزو آيو. منھنجي اسڪول جي زماني جي دوستن کي اھو ڄاڻي حيرت ٿي تہ مون کي انھن جا نالا ياد ھئا ۽ انھن جون شرارتون بہ مونکي ياد ھيون. بلڊنگ جي افتتاح جي موقعي تي مون جڏھن خطاب ڪيو تہ ماڻھن انتھائي گرم جوشي جو مظاهرو ڪيو. ماڻھن جي محبت ڏسي منھنجي ذھن ۾ اھو خيال آيو تہ جڏھن ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا تعلقات قائم ٿيندا، تڏھن ٻنھي ملڪن جي معيشت بھتر ٿيندي. پشاور ۾ مونکي ڪا خاص تبديلي نظر نہ آئي، اسان جو گھر ۽ گھٽيون ۽ ٻيا گھر بلڪل اھڙا ئي ھئا جھڙا اسان ڇڏيا هئا، قصہ خواني بازار ۾ چپلي ڪواب جي خوشبو ھئي. مون سان گڏ ھلڻ وارا ماڻھو ھڪ چانھ جي ھوٽل تي بيھي رھيا جيئن ئي اتي آئون چانھ پيئي سگھان. چانھ وارو نوجوان بااخلاق ھو، جيئن ان جا وڏا ھوندا ھئا. انھن ھوٽلن ۾ چانھ کير واري ھوندي ھئي يا سليماني، آئون جتان جتان گذريس ڏٺم تہ ڪجھ بہ نہ بدليو ھو. شھر جي ڪجھ علائقن ۾ جديد طرز جون عمارتون تعمير ٿي ويون هيون، رات جو گذرڻ مھل ڏٺم تہ روڊن تي خوبصورت فانوس ٻري رھيا ھئا، روڊ جي ٻنھي پاسن ڪيترائي ماڻھو بيٺل ھئا، ڪيترائي ماڻھو پوليس جو گھيرو ٽوڙي منھنجي ڪار جي اڳيان اچي بيٺا. اھي ماڻھو مونسان ملڻ آيا هئا، بيشڪ اھو ھڪ خواب جھڙو منظر ھو، مون پنھنجي مالڪ جو شڪر ادا ڪيو، جنھن مونکي ايڏي عزت ڏني ھئي. بمبئي واپسي تي مون کي ڏک واري خبر پئي تہ منھنجو پيارو دوست راج ڪپور سخت بيمار آهي ۽ دھلي جي اپالو اسپتال ۾ داخل آھي، جڏھن پشاور ويو ھئس تڏھن راج سان تفصيلي ڪچھري ڪئي ھئم، پوءِ ڪراچي وڃڻ کان پھرين فون تي ڳالھايو ھيم، دھلي ۾ آئون ھن سان ملڻ ويس. آخرڪار 2 جون 1988ع تي راج پنھنجي پالڻھار ڏي ھليو ويو، پياري دوست جي وڇوڙي مونکي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو. مارچ 1989ع ۾ آئون ٻيھر پاڪستان ويس، حڪومت پاڪستان مونکي سويلين ايوارڊ نشان امتياز ڏيئڻ جو اعلان ڪيو ھو، ھي پاڪستاني ايوارڊ برطانيہ جي آرڊر آف برٽش ايمپائر OBE جي برابر ھوندو آھي. آئون ھي ايوارڊ اڃا وٺڻ ئي نہ ويو ھئس تہ انکان پھرين پاڪستان جي مخالف شو سينا جي سربراھ بال ٺاڪري مسئلو کڙو ڪري ڇڏيو. ھن جو مطالبو ھو تہ آئون ھي ايوارڊ نہ وٺان، بال ٺاڪري منھنجي حب الوطني کي بہ چئلينج ڪيو، ان جو مونکي تمام گهڻو ڏک پهتو، مون وزير اعظم اٽل بھاري واجپائي سان ڳالھايو، وزيراعظم مونکي چيو تہ توھان کي ايوارڊ وٺڻ گھرجي، فنڪار ۽ اداڪار جغرافيائي حدن کان مٿي ھوندا آھن.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط- 20


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close