اليگزينڊر فرگوسن پاران 111 سال اڳ ھڪ جوکيي شخص جي ڪڍيل تصوير!

تحقيق ۽ تحرير : جوکيو جسارت الياس سنڌي

سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي جا اصل وارث سنڌي آھن، جن ۾ سماٽ جوکيا بہ شامل آھن. پنج صديون اڳ جا رڪارڊ بہ ٻڌائين ٿا تہ جوکيا ۽ ٻيا سنڌي ھتي جا پراڻا ۽ اصلوڪا رھاڪو آھن. ان سلسلي ۾ چوڪنڊي، ۽ ناراٿر جا آثار وغيرہ ثبوت طور ٻڌائجن ٿا. اھڙو ئي ھڪ تاريخي دستاويز 1910ع جو آھي، جيڪو مشھور انگريز ليکڪ ۽ تاريخدان جان اليگزينڊر فرگوسن Alexander Ferguson (1881ع ـ 1969ع) جي ڪراچيءَ جي ھڪ سنڌي جوکئي جي ڪڍيل تصوير آھي

جان اليگزينڊر فرگوسن اھا تصوير پھرين مھاڀاري جنگ کان ڪي چار سال اڳ سنڌ گهمندي ڪڍي ھئي ۽ پنھنجي ڪتاب Muslaman Tribes of Sind (مسلمان ٽرائبس آف سنڌ) ۾ ڏني ھئي. ان ڪتاب ۾ ھن ڪراچيءَ جي جوکين سميت جن ٻين ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي، اھي سڀ سنڌي ذاتيون اڄ بہ ڪراچي ۾ رھندڙ آھن. ھن جوکئي کي The Hillman Jokhyo ڪري لکيو آھي. جنھن جي نشاندھي ڊاڪٽر سھيل انصاري ۽ انجنيئر شھرت الياس جوکيو ڪئي.

وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي خبر پئي تہ تہ اھا تصوير انگلينڊ جي ويبسائيٽ www.ebay.co.uk تي اڄ بہ 15 پائونڊن ۾ نيلام ٿي رھي آھي. اھو ھڪ تاريخي فوٽو انھن سنڌ دشمنن لاءِ ھڪ جواب آھي، جيڪي چون ٿا تہ ڪراچي سنڌ جو حصو ناھي.

مون جڏھن ڪراچي جي قديم جوکين جي ڪراچي جي ڪنھن روڊ يا رستي تي نڪتل تصويرن جي ڳولھا ڪئي، تہ مون کي ھن تصوير کان اڳ نڪتل ٻي ڪا بہ تصوير نہ ملي. ان ڪري اجرڪ ھٿ ۾ کنيل، سنڌي پڳ ٻڌل ۽ سونھاري واري ھن ڪوھستاني جوکيي جي تصوير سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪ نئون اضافو ڪيو آھي.

ھيءَ تصوير سياري ۾ نڪتل ٿي ڏسجي ڇوتہ جوکيي ھمراه کي ھڪ گرم ڪوٽ بہ پاتل آھي، جڏھن تہ سندس پٺيان نظر ايندڙ وڻن ۾ ھڪ ٻٻر جو وڻ بہ آھي، جيڪو ڪراچي ۾ ان دؤر ۾ ديسي وڻن جي شاھدي ڏي ٿو.

تڏھن ٺٽو بہ ڪراچي ۾ ھو ۽ سوين جوکيا پنھنجن مال متاع سان گڏ گذرسفر لاءِ لڏپلاڻ ڪندا رھندا ھئا. ڪراچيءَ ۾ صدي اڳ جڏھن روڊ رستا ۽ گاڏيون ڪونہ ھيون، تڏھن ماڻھو گڏھن، گهوڙن، اٺن ۽ ٻين جانورن تي سوار ٿي سفر ڪندا ھئا.

انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ سان جيتوڻيڪ جديد گاڏيون ۽ مشينون تہ عام ٿيڻ لڳيون، پر تنھن ھوندي بہ انگريز سواري لاءِ سنڌ ۾ اھي جانور ئي پسند ڪندا ھئا، جن لاءِ حڪومت تہ ھونئن بہ پر ٻيا ملڪ بہ ڪراچي ڪوھستان ۽ ان جي رھواسين کي جانور پالڻ جي حوالي سان چڱي ريت سڃاڻندا ھئا.

جيئن جتن کي اٺن جي ڪري مشھوري ملي، تيئن جوکين کي کير ۽ مکڻ جي واپار مشھور ڪيو. ملير کان مالماڙي ۽ ھاڪسبي کان ھُٻڪاڻ تائين ڪوھستان جون مختلف شيون جھڙوڪ؛ جانور، ڏٿ، کير، مکڻ، ڏڌ، کڙ ۽ ٻيون سوکڙيون برطانيہ جي گڏيل رياستن ڏانھن ائين اماڻيون وينديون ھيون، جيئن اڄ اسان ڪراچي کان ڪا سوکڙي لاھور يا ٻين شھرن ڏانھن موڪليندا آھيون. ڇوتہ ان وقت برٽش ڪالونين جي صورت ۾، ڪافي رياستون ان ۾ شامل ھيون. ھتي جا جوکيا، پالاري، جاکرا، برفت، ڪلمتي، واڍيلا، بڪڪ، واڻيا، گوندر، گبول ۽ ٻيا، انيڪ مقامي ماڻھو مٿي ڄاڻايل شين جو ڪاروبار ڪندا ھئا.

سنڌ جا ڪوھستاني ماڻھو، سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ پنھنجي ھڏ ڪاٺ سبب مضبوط سمجھيا ويندا ھئا. ان دؤر ۾ انگريز ۽ ٻيا ڌاريا سنڌين کي ڪوھستاني (ھل مين) ڪري سڏيندا ھئا. انگريزن کي ڪا مجال ئي نہ ھئي جو ھو سنڌ جي زمينن ۾ وڃي شڪار ڪن، پر سنڌي پاڻ لالچ ۾ اچي، کين دعوت ڏيئي گھرائيندا ھئا جنھن جي بدلي ۾ انگريز کين وڏا انعام ڏيندا ھئا.

ھندستان جي ورھاڱي کان پوءِ اڄ ڪراچي ۾ سنڌين کان وڌيڪ گهڻائي ڌارين جي آھي، اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي تاريخ سان غيرن جي ھٿ چراند بہ جاري آھي، جنھن جي ڪري ڪراچي ۾ سنڌين جا رکيل مختلف ماڳن ۽ عمارتن جا نالا بدلائي تاريخ ختم ڪئي پئي وڃي. ان ڏس ۾ اسان کي ڪراچي جي تاريخ محفوظ ڪري دنيا آڏو نروار ڪرڻ کپي.

ڪاوش دنيا مئگزين جي ٿورن سان

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close