ڳاڙهو ٻوڙ ۽ لک جي لعنت (ڪھاڻي)

جبار آزاد منگي

"سائين! صاحب فرمايو آهي تہ پندرھن منٽ انتظار ڪيو.” پٽيوالي چيو

"ڇو!؟”

"ڇو تہ صاحب ضروري ڪم سان آهي.” پٽيوالو آفيس اندر هليو ويو

مون کي ڪاوڙ لڳي، هيءَ ڪھڙي دوستي آهي! ڪرسي ملي اٿس تہ انتظار ٿو ڪرائي! بس سائين! شل نہ رشوت جو پيسو ڪنھن جي هوڙ کي لڳي! جي منهنجي هن دوست جھڙا آفيسر ٿيا تہ پوءِ قوم جو خير ڪونهي! مون کي قوم جي تباهيءَ جو درد جاڳي پيو.

مان نفرت جو اظهار ڪندي موبائل ۾ فيسبڪ کولي پنهنجي دوست جي رشوت وارن ڪارنامن کي وائکو ڪرڻ لاءِ اسٽيٽس لکڻ لڳس. "غريب جي پٽ کي آفيسري ڇا ملي آهي! هو پاڻ کي ڦني خان ٿو سمجهي، سڀني کي خبر آهي تہ هِن آفيس ۾ غريبن سان ظلم ٿي رهيو آهي، رشوت جي بازار گرم آهي. ماڻهن جا کاتا مٽايا وڃن ٿا، مظلوم ماڻهن سان انتھا درجي جي زيادتي ٿي رهي آهي، نيب وارن کي گذارش آهي تہ هن آفيس جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جانچ ڪن”

مون اسٽيٽس لکي پورو ڪيو ۽ پوسٽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس تہ پٽيوالي اندر سڏ ڪيو.

مان اسٽيٽس پوسٽ ڪرڻ بنا ئي آفيس اندر هليو ويس.

دوست معذرت ڪندي چيو تہ "توکان ڪهڙي ڳالھ لڪايان، سڻڀي پارٽي ويٺي هئي، پنجاھ هزار روپيا فوتي کاتي مٽائڻ جا مليا آهن، سو پيرس ان هوٽل تي هلون ٿا، ٺاهوڪو مانجهاندو ڪريون ٿا.”

آفيس مان نڪري پيرس ان هوٽل تي مختلف قسمن جي ائٽمن جي کائڻ جو مزو ورتوسين، يار دل کولي خدمت ڪئي اصل پنهنجا جوهر ڏيکاري ڇڏيائين. دوستيءَ جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيائين.

مون ماني کائڻ وقت سيلفي ڪڍي ۽ ٽيبل تي رکيل مختلف قسمن جي طعامن جي تصوير ڪڍي، فيسبڪ تي پوسٽ ڪرڻ لاءِ لکيل اڳيون لکيل اسٽيٽس ڊاهي لکيم "ڀائرن جھڙي دوست، پياري پرين، اندر جي ٺار، مَنَ گهرئي محبوب، منهنجي جاني ۽ جگر، غريبن جي همدرد، ايماندار ۽ بهادر آفيسر، دل کولي مهمان نوازي ڪئي، يارن جي يار جا اڻ ڳڻيا احسان، اهڙا دوست قوم لاءِ سرمايو هوندا آهن.”
مون فيس بڪ تي اسٽيٽس پوسٽ ڪري ڇڏيو

اندر واري انسان مون کي گهروڙي ڀونڊو ڏيندي چيو تہ "شرم نٿو اچئي؟ اڳ جيڪو لکيو هيئي، سو سچ هو، سچ کي ڊاهي ڪَچُُ ٿو لکين!؟”

يار! تنهنجو دماغ خراب آهي، تنهنجي چوڻ تي جو بہ لڳو سو بک مري ويو، هن يار هيڏي خدمت ڪئي، ان جي تعريف ۾ ٻہ جملا بہ نہ لکان ڇا!؟

"مطلب تہ تو ڳاڙهو ٻوڙ ملهايو آهي” اندر واري انسان ٻيهر ڀونڊو ڏيندي چيو

جيئن سمجهين! ٻڌ هن دور ۾ هر ماڻهو ڳاڙهو ٻوڙ ئي ملهائي رهيو آهي، هوندا ڪي جيڪي گهر جي دال مانيءَ تي گذر ڪندا هوندا!!

مون اندر واري انسان کي جواب ڏنو ۽ موٽ ۾ هن بس ايترو ئي چيو تہ "لک جي لعنت هجئي! بي نسلا!!”

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close