جاويد راڄپر جي ڪتاب ’بامقصد زندگيءٙ جي ڳولھا‘ تي تبصرو

وڪـي گويٙـل

ھيل تائين مون پنهنجي زندگيءٙ ۾ مختلف موضوعن سان وابستہ انيڪ ڪتاب پڙھيا آھن, اُنهن منجهان ڪجهہ ڪتابن تي ڪيل تبصرو مون اوھان جھڙن پيارن دوستن سان ونڊ ڪيو آھي, پر ڪامريڊ جاويد راڄپر جو ھي ڪتاب اُنهن جو نچوڙ آھي.

انسان ڪتاب پڙھي ٿو پنهنجي تخليقي ذھن ۾ شعور آڻڻ لاءِ ۽ اِھو واحد ڪتاب آھي, جيڪو اوھان کي شعوري زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ لاڀائتو مقصد ٻڌائي ٿو, پوءِ ڀلي اوھان مذهبي ھجو يا لامذهبي. اِن ڪتاب ۾ ھر اُھو موضوع ڏاڍي وسيع ۽ ھُنري انداز ۾ لکيل آھي, جنهن جي اوھان کي بامقصد زندگيءٙ گذارڻ ۾ اشد ضرورت پوي ٿي.

ڪامريڊ جاويد ھي تخليقي ڪتاب لکڻ ۾ ھماليا جبل تي چڙھڻ جيڏي جفاڪشي ۽ جُستجُو ڪئي آھي, ڪامريڊ کي تقريبن 10 سال کن لڳي ويا ھئا اِن ڪتاب کي ھڪ اعليٰ مقصد تي پھچائڻ لاءِ, ۽ وقت به وقت ڪجهه ضروري ترمِيمُون به ڪندو رھيو ته جيئن ڪتاب کي اڃان وڌيڪ بھتر انداز ۾ پيش ڪري سگهي. نٽشي چواڻي, "ٻيا ليکڪ جيڪا ڳالھ سموري ڪتاب ۾ ڪـندا آھن, آئون ساڳي ڳالھ ڏھن لائينن ۾ ڪندو آھيان.” ڪامريڊ جاويد به نٽشي جيان 100 ڪتابن جو مواد (زندگيءٙ بابت) ھن ھڪ ڪتاب ۾ سمجهايو آھي.

ڪامريڊ ڪتاب جي اندر زندگيءٙ جا جيڪي 16 بنيادي اصول ٻڌايا آھن, انهن تي دنيا جي عظيم ڏاھن, فلسفين ۽ سائنسدانن جو ھزارن سالن کان ڪم ٿيل آھي, ۽ ھي ڪتاب انهن جي چند فڪري ڳالهين جو مجموعو آھي. ڪتاب جو موضوع آھي "بامقصد زندگيءٙ جي ڳولھا” . ان بابت ڪامريڊ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته "انسان جي زندگيءٙ جو مقصد ڪھڙو آھي؟ ھِڪڙا چوٙن ٿا, ‘ڇوٽڪارو ۽ نِرواڻ’ ٻيا چون ٿا ‘دولت, شھرت ۽ طاقت وغيره, پر ٽيان چون ٿا ته, ‘اڃان ڪو ٻيو فٙھٙم…’ ھن ڪتاب ۾ پاڻ انهي ‘ٻي فھم’ جي ڳولھا ڪريون ٿا, ته آخر اِھو ٻيو فھم ڪھڙو ھجڻ گھرجي؟ انهي ٻي فھم بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ ھي ڪتاب لکيو آھي.

ھڪ عظيم انسان جي اِھا ذميداري آھي ته ھو پنهنجي زندگيءٙ ۽ ٻين جي زندگيءٙ کي ناياب بڻائڻ لاءِ انھي "ٻي فھم” کي حاصل ڪرڻ جي جفاڪشي ڪندو رھي, پنهنجي ۽ ٻين جي زندگيءٙ کي ايترو پُرسُڪون ۽ اٙمُن واري بڻائي جو اِھا ذات پات, رنگ نسل ۽ فِرقي وارن چڪرن کان پري ھجي. دنیا جو مٙھان ڏاھو سُقراط به چوي ٿو ته, "فيلسوفن ھن وقت تائين دنيا جي فقط تشريح ڪئي آھي, پر ڳالھ ان کي بدلائڻ جي آھي”. دنيا کي ڪير بدلائيندو؟ اھي اسان انسان آھيون جيڪي دنيا کي وڏي جُستجو ذريعي بدلائينداسين. ڇاڪاڻ ته ھتي دنيا ۾ اسان جي ڪرڻ لاءِ جام ڪم پيو آھي, ھن دنيا کي بھشت بڻائڻ لاءِ اسان کي ڪامريڊ جي ٻڌايل 16 بنيادي اصولن تي ڪم ڪرڻو پوندو. ھتي مونکي ڪتاب مجھان علامه اقبال جو ھڪ شعر ياد ٿو اچي ته;
اب میری یہاں گُذر مُمکن نہیں مُمکن نہیں،
کس قدر خاموش ہے یہ عالم، بے کاخ و کو۔
اقبال چوي ٿو ته, آدم کي جنت ۾ سُڪون نه مليو, ڇاڪاڻ ته اُتي سندس ھر خواهش, تمنا ۽ ضرورت پوري ھئي, پر ڪا جُستجو ۽ تلاش نه ھئي. تنھنڪري چيائين ته ھاڻي منهنجو ھِتي جنت ۾ رھڻ مُمڪن ناھي.

ھن ڪتاب ۾ جن 16 ڳوڙھن اصولن تي ڳالھ ٻول رکي وئي آھي, اُھي نه فقط زندگيءٙ کي بامقصد بڻائن ٿا, پر زندگيءٙ کي مُسرت پڻ بخشن ٿا. انهن اصولن ۾ زندگيءٙ سان گڏ دولت, طاقت, موت, جبر ۽ آزادي, ڏاھپ, عمل, چنڱائي, راحت ۽ خوشي, پيار, آدرشي انسان, ماديت ۽ روحانيت وغيره اچي وڃن ٿا. جاويد اھا به ڪوشش ڪئي آھي ته انهن اصولن کي پيچيدہ بڻائڻ بنا پڙھندڙن کي ھڪ چٽي مقصد تائين پھچايو آھي, ته جيئن ھرھڪ کي زندگي ھڪ محبت جو نغمو لڳي ۽ ان کي مڌُر آواز ۾ گُنگُنائي. ڪتاب ۾ جيڪي بامقصد زندگيءٙ جا اصول ٻڌايل آھن اُنهن اصولن ۾ وڌيڪ خيال فلسفي آندري ڪونت جا آھن, ۽ ڪامريڊ ان جي خيالن جو صرف تٙت ھِن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آھي, جيڪڏهن سمورا خيال اسان سان ونڊي ھا ته شايد ڪامريڊ کي ٻہ ڪتاب ٻيا لکڻا پٙون ھا. آندري ڪونت کان علاوه ڪارل مارڪس جي خيالن جي به سٺي ونڊ ڪئي آھي. ڪتاب ۾ ٻين عظيم ڏاھن جون چوڻيون, قول, سماجي ڄاڻ ۽ سمجهاڻيون پڙھڻ وٽان آھن, انهن ھڪ ٻن سٽن جي قولن ۽ سمجهاڻين ۾ اوھان کي وڏي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي, انهن منجھان ڪجهه آءُ اوھان سان ھِتي ونڊ ڪيان پيو:

اُونداھہ کان نه پر روشنيءٙ کان ڊِڄندڙ ماڻهو مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آھي. (افلاطون)

جڏهن توھان کي اِھا خبر نه ھُجي ته ڪيڏانهن پيا وڃو, تڏهن اِھو ياد ڪرڻ اٙھم آھي ته توھان ڪٿان کان آيا آھيو. (آفريقي چوڻي)

دولتمند اُھو آھي, جيڪو پاڻ گھڻو ڪجهه آ, نه ڪي اُھو, جنهن وٽ گھڻو ڪجهه آ. (ڪارل مارڪس)

خوش ماڻهو اُھو ناھي, جيڪو ٻين کي اِئين نظر اچي, پر اُھو آھي, جيڪو پاڻ کي اِئين نظر اچي. (مارسل پروسٽ)

ماڻهو اھڙو جانور آھي, جيڪو پنهنجي وڏائيءٙ جي اُڻِيل ڄار ۾ رھي ٿو. (ڪلفورڊ گيز)

مظلوم شروعاتي طور تبديليءٙ جي خواهش ۾ خود ظالم جو نقل ڪندو آھي. (پائلو فراري)

عقيدو اُھا شيءِ آھي, جيڪو اميرن کي غريبن ھٿان قتل ٿيڻ کان بچائي ٿو. (نيپولين بوناپارٽ)

عقيدو نه ھجڻ سان انساني ڄاڻ ۾ ۽ اخلاقن ۾ ڪو خاص فرق نٿو پوي. (آندري ڪونت)

ڪريڪگارڊ چيو ته, "نااميدي جو ضد عقيدو آھي” پر آندري ڪونت چيو ته, "عقيدي جو ضد نااميدي آھي”.
دنيا ۾ بُڇڙائي جي موجودگي خُدائن جي لاغرضائي کي ظاھر ڪري ٿي. (ايپيڪيورس)

ھڪ مُطمئن سُوئر کان غيرمطمئن انسان ٿيڻ بھتر آھي. (جان اسٽارٽ مل)

جڏهن توھان اڪيلا ھجو, تڏھن به نه بُرو چئو, نه ڪريو, ٻين سامهون شرم محسوس ڪرڻ بدران پاڻ آڏو شرم ڪرڻ سکو. (ڊيماقريطس)

ھر مذهب پوئين مذهب جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بھتر ثابت ٿيندو آيو آھي. (چوڻي)

ڪريڊٽ سئس گلوبل ويلٿ رپورٽ 2018 موجب, دنيا جي ڪل آبادي ساڍا ست ارب آھي, ان جو 1 سيڪڙو امير ترين سيٺين وٽ دنيا جي دولت جو 44 سيڪڙو آھي. (ڄاڻ)

گلوبل ويلٿ جي 2019 واري رپوٽ موجب, دنيا جي ڪُل دولت لڳ ڀڳ 360 کرب آمريڪي ڊالر آھي. (ڄاڻ)

فوربيز ميگزين موجب, دنيا جي ڪُل 10 ارب پتي سيٺين وٽ 801 ارب آمريڪي ڊالر آھن, جيڪي کوڙ ملڪن جي سالياني بجيٽ کان الاهي گھڻا آھن. ڌرتيءٙ تي اٽڪل 2,153 ارب پتي رھن ٿا. ۽ سڀ کان وڌيڪ آمريڪا ۾ رھن ٿا. (ڄاڻ)

جيڪي ماڻهو طاقت سان پيار ڪن ٿا, تن کي ڪڏهن به اقتدار ۾ نه ھجڻ گھرجي, ڇاڪاڻ ته اسان طاقت جي پُوڄارين جي وچ ۾ جنگ ئي ڏسنداسين. (سقراط)

اسين بي معنيٰ پيدا ڪيا ويا آھيون ۽ بي معنيٰ مرون ٿا. (سارتر)

اُھو جنهن وٽ "ڇو جيئجي” جو جواب آھي, ذري گھٽ سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگھي ٿو. (نٽشي)

جيڪڏهن توھان بھتري چاھيو ٿا ته, بدترين ڏانهن به ڀرپور نظر وجھو. (ٿامس ھارڊي)

موت زندگيءٙ ۾ سڀ کان اٙھم واقعو آھي, بھتر نموني مرڻ سکڻ, بھتر نموني جيئڻ سکڻ آھي. (اسٽائڪس)

ماڻهو موت کان ائين ئي ڊڄي ٿو, جيئن ٻار اُونداهه کان ڊڄندو آھي. (فرانسس بيڪن)

جتان زندگي شروع ٿئي ٿي, اُتان اُھا موت ڏانهن سفر شروع ڪري ٿي. (چوڻي)

جيڪو ڪامل ٿي چڪو آھي, جيڪو پٙچي راس ٿِيل آھي, سو مرڻ چاھي ٿو. جيڪو ڪچو آ, سو جيئڻ چاھي ٿو. (نٽشي)

توھان جي زندگي جيتري مُطمعن ۽ ڀرپور ھوندي موت جي ڊٙپ جي شِدت اوتري گھٽ ھوندي. (آئرون ڊي يلوم)

جڏھن به ماڻهو کي ھروڀرو ڪاوڙ يا ڪروڌ اچي ته گھڙي لاءِ قبرستان ھليو وڃي. (چوڻي)

جيڪو پنهنجي روشني پاڻ کڻي ھلي ٿو تنھنکي اُونداهه کان ڀوٙ نٿو ٿئي. (چوڻي)

جنهن گھڙي ماڻهو اوسر (چُرپُر) ڪرڻ بند ڪري ٿو, ڀلي پوءِ ان جي عمر ڪيڏي به ھجي, اُن گھڙي اُھو پوڙھو ٿيڻ شروع ڪري ٿو. (وليم جيمز)

انسانن جانورن کي ايڏو غلام بڻائي ڇڏيو آھي, جو اُھي ڪو مذھب جوڙڻ جي قابل ھجن ھا ته, انسان انهن لاءِ وڏو شيطان ھجي ھا. (چوڻي)

جيڪو به پاڻ کي ھڪ ڪيڙو بڻائي ٿو, اُھو شڪايت نه ڪري جڏهن کيس پيرن ھيٺيان لتاڙيو وڃي. (ايمانيوئل ڪانٽ)

غلاميءٙ جون زنجيرون جڏهن سونٙ لڳن تڏهن اُنهن کي ٽوڙڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي. ۽ اسان ان کي پنهنجي ملڪيت سمجھندا آھيون. (سارتر)

ٻين جي باري ۾ ڄاڻڻ ذھانت آھي, پنهنجو پاڻ کي ڄاڻڻ ڏاھپ آھي. (تائو تي چنگ)

ڄاڻڻ ۽ عمل نه ڪرڻ جو مطلب ڪجهه به نه ڄاڻڻ آھي. (جاپاني چوڻي)

ائين ناھي ته شيُون ڏکيون ھونديون آھن اِنڪري اسان ھمت ناھيون ڪندا, پر ڪڏهن ڪڏهن اسان ھمت ناھيون ڪندا انڪري ڏکيون ٿي پونديون آھن. (سينيڪا)

جيڪو ڪجهه اوھان وٽ آهي اھو جيڪڏهن اوھان کي ناڪافي لڳي ٿو ته پوءِ ڀلي اوھان وٽ سڄي دنيا ھجي پوءِ به عذاب ۾ ھوندا. (سينيڪا)

ڪاوڙ خراب ناھي, پر ڪنهن سان, ڪيڏي مھل, ڪيتري ۽ ڪيئن ڪاوڙ ڪجي, اھو وڌيڪ اھم سوال آھي. (ارسطو)

پيار کان وڌيڪ طلاق سچ تي ٻڌل ھوندي آھي. (چوڻي)

اسان ھڪ اھڙي عورت سان پيار ڪندا آھيون جيڪا ھُوءٙ نه ھوندي آھي, ۽ کيس اِنڪري ڇڏي ڏيندا آھيون جيڪا ھُوءٙ سچ پُچ ھوندي آھي. (چوڻي)

پيار ۾ ھجڻ کان, پيار مان نڪرڻ ۾ ذري گھٽ سدائين وڌيڪ سچ ھوندو آھي. (چوڻي)

ھجڻ ائين گھرجي ته انسانن سان پيار ڪيو وڃي ۽ شيُن کي استعمال ڪيو وڃي, پر ھن دنيا جو وڏو اُلميو اِھو آھي ته, انسانن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ شيُن سان پيار ڪيو وڃي ٿو. (چوڻي)

حڪومت ناانصافيءٙ کي روڪي ٿي, پر پاڻ ناانصافيءٙ ڪري ٿي. (ابن خلدون)

تجربو ٻڌائي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ اُھو ماڻهو خوش رھي ٿو, جيڪو گھڻن ماڻهن کي خوشي ڏي ٿو. (مارڪس)

انقلابي ھجڻ جي معنيٰ جٙڙ تائين وڃڻ آھي ۽ اُھا جٙڙ, انسان پاڻ آھي. (ڪارل مارڪس)
ڌِيان (meditation) سوچ جي چُپ آھي. (ڪرشنامورتي)

اسان ھوا کي حڪم نه ٿا ڏئي سگھون, پر اسان دٙري کُليل رکون. (ڪرشنامورتي)

آءُ صوفي آھيان ۽ "ڪجهه به نه” کي مٙڃان ٿو. (نٽشي)

جيڪڏهن سڀني سائنسي سوالن جا جواب مُمڪن ٿي پون, تڏهن به زندگيءٙ جا کوڙ معاملا اڻ ڇُھِيل رھندا. (وٽگينسٽائين)

منهنجي نظر ۾ سڀ کان معتبر انسان اُھو آھي, جيڪو انسان کان مٿانهين "مُقدس قُوت” کان وڙھي ٿو ۽ فتح ماڻي ٿو.
(ايڇ ايل مينڪن)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close