هائبرڊ دنيا ۽ انسان جو مستقبل

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

واپاري دنيا جو انسان جي بقا، صحت، يا انساني قدرن سان ڪوبه تعلق ناهي، انهيءَ ڪري سائنس جي ترقي کي واپارين پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. 20هين صدي جي آخر ۾ ماهرن وڌندڙ آبادي کي ذهن ۾ رکندي اها ڳڻتي ظاهر ڪئي ته ايندڙ اڌ صدي کان پوءِ انسان جي آبادي جڏهن 20 ارب تائين پهچي ويندي ان وقت ڌرتي تنگ ٿي پوندي، نه ته کاڌ خوراڪ پوري ٿيندي، نه وري ماحول صاف رهندو. جنهن ڪري بيماريون زور وٺنديون، خطرناڪ وائرس پيدا ٿيندا جيڪي ماڻهن کان صحت کسي وٺندا، ٻي طرف افراتفري اهڙي ٿيندي جو ماڻهو امن مان وڃائي ويهندو. ڏوھ جا ڪيترائي نمونا پيدا ٿيندا، رياستون پنهنجا قانوي عمل وڃائي ويهنديون. حالتون خطرناڪ ٿينديون، انهيءَ ڳالهه کي مد نظر رکي زراعت جي ماهرن هائبرڊ ٻج تيار ڪيا، جيڪي پيداوار وڌائن. اهڙا ڀاڻ تيار ڪيا جيڪي پيداوار کي چؤڻو ڪري ڇڏين.

21ھين صدي جي شروعات ۾ دنيا گلوبل تصور ۾ ڳنڍجي ويئي، واپار عالمي طور ملڪن ۽ سرحدن کان ٻاهر نڪري ويو، ملڪي ڪاروبار يا قومي رياستن جو وجود نالي ماتر وڃي رهيو باقي دنيا سڄي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي هٿ هيٺ اچي ويئي. سياست پنهنجي سياست سان واپاري مقصدن تحت شڪل ورتي، نظريا ختم ٿي ويا، آباديءَ شهرن طرف رخ ڪيو، اهڙي طرح وڏا شهر ماحولياتي آلودگي کي جنم ڏيڻ لڳا، فطرتي ماحول ختم ٿي ويو، ته وري ملٽي نيشنل ڪمپنين پنهنجو ڪلچر ۽ قدر متعارف ڪرايا. اهڙي طرح هائبرڊ ٻجن، هائبرڊ ڪلچر، هائبرڊ نسل جنم ورتو، دنيا ۾ اصلي ٻج آهستي آهستي ختم ٿي ويا، زميندارن وڌيڪ فضل پيدا ڪرڻ جي لالچ ۾ اصلي ٻج پوکڻ بدران هائبرڊ ٻج پوکڻ شروع ڪيا. مٿان وري جديد ڀاڻن ۽ دوائن فصل وڌايا، جنهن جو وقتي طور ته اهو نتيجو نڪتو جو زميندار خوشحال ٿي ويا، پئسو جام اچي ويو، پر نقصان اهو ٿيو جو اسان جا اصلي ۽ فطري کاڌا غائب ٿي ويا، هاڻ مشڪل سان ڪنهن زميندار وٽ ڪو اصلي ٻج هوندو، ڪيڏانهن ويا سڳداسي، جيرائي، ڪنگڻي، باسمتي، ڪانڀورا چانور، ڪيڏانهن ويئي اصلي نج ڪڻڪ، ڪيڏانهن ويون اسان جون اصلي ڀاڄيون.. وري فروٽن ۾ به اها ڪار ٿي، نقلي ٻير، نقلي زيتون، نقلي بادام، نقلي ڪيلو، صوفن جا ته هزارين قسم اچي ويا، سڀ هائبرڊ ٻج جيڪي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ٺاهين ٿيون، جن جي اجاراداري آهي، آهستي آهستي اهي ڪمپنيون ٻج پنهنجي مرضي سان وڪڻنديون، پوءِ مهانگا ڪنديون بلڪ هڪ دور ايندو جڏهن ٻجن ذريعي لڙايون لڙيون وينديون، مثال امريڪا پاڪستان کان ناراض ٿي پيو ته پاڪستان کي ٻج ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو بلڪ ايئن به ٿيندو ته ان ملڪ کي ٻج ڏيڻ تي پابندي هنئي ويندي. اهو ملڪ تباھ ٿي ويندو. بم هڻڻ يا وڙهڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ڪنهن ملڪ جو ٻج بند ڪري ڇڏيو اهو ملڪ تباھ! وري ٻيو پاسو انهن ٻجن جو اهو آهي ته انهن ۾ مختلف ڪيميڪل ملائڻ جو سلسلو ايترو وڌي ويو آهي جو هاڻ اهي کاڌا زهريلا به ٿي رهيا آهن، جن ۾ غذايت گهٽ ۽ ڦوڳ وڌيڪ پيدا ٿي رهيو آهي، ان کان پوءِ فصلن ۾ زهريليون دوائون ۽ ڪيمڪل ايترا وڌا وڃن ٿا جو اهي فصل غذا کان وڌيڪ زهر مهيا ڪري رهيا آهن، ڪجهه سالن کان پوءَ زمينون پنهنجي طاقت ختم ڪري ڇڏينديون، آهستي آهستي فصل پوکڻ جي لائق ئي نه رهنديون. هوڏانهن وري انهن زهريلن مادن جو اثر زمين جي جر تي ٿي رهيو آهي، جو زير زمين پاڻي آهستي آهستي زهريلو ٿيندو وڃي، جنهن ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي ختم ٿي رهيو آهي، اهو وقت ويو جڏهن کوهن جو پاڻي يا هينڊ پمپ جو پاڻي بهترين هوندو هو، هاڻي منجهس سنکيي جو تعداد وڌي رهيو آهي.

ٻي طرف وري هائبرڊ ڪڪڙ ۽ بيدا جيڪي گهڻي وقت کان متعارف ٿيل آهن پر هن وقت واپاري جي لالچ ۾، نفعي جي هوس ۽ حرص کيس چريو ڪري ڇڏيو آهي، هنن فارمي ڪڪڙ جي ٻچن کي جيڪا غذا ڏني وڃي ٿي، اها مئل جانورن جا هڏا، رت، چربي، ۽ ٻيا خطرناڪ ڪيميڪل وڌا وڃن ٿا، جنهن ڪري فارمي ڪڪڙ مهيني ۾ پنج تولا وارو ٻچو ٻه ڪلو ٿيو پوي، اها فارمي ڪڪڙ پاڻ ٻن پيرن تي بيهي نٿي سگهي، ان جو گوشت صرف خطرناڪ ڪيمڪل جو بوجهه هوندو آهي، وري توهان جيڪو کير پيو ٿا اهو زهريلو آهي جيڪو مينهن کي خطرناڪ آڪسوٽوسن سئي هڻي ڪڍيو وڃي ٿو، وري توهان مينهن جي غذا ڏسو ته ان ۾ به هاڻ خطرناڪ ڪيمڪل ملايا وڃن ٿا، مينهيون کير جي انهيءَ ڪم لاءِ صرف سال کن استعمال ڪري وري ڪُهي توهان کي کارايون وڃن ٿيون. جيڪو گوشت توهان کائو ٿا، اهو اڃا به خطرناڪ هوندو آهي!

توهان ٿورو غور ڪريو، پنهنجي ئي آس پاس ڏسو.. هر ماڻهو شگر جو مريض، هر روز ماڻهن کي فالج ٿين ٿا، روزانو هزارين ماڻهن کي دل جا دورا پون ٿا، ٻي طرف ماڻهو جون بڪيون اوچتو ختم ٿيو وڃن، پتي ۾ پٿري، بلڊ پريشر، نظر جو گهٽجڻ، ٻارن جو جلدي بلوغت تي پهچڻ، جهڙا واقعا عام جام آهن.

ڳالھ رڳو ايستائين ناهي، پر ملاوت جي دنيا ۾ هڪ ٻيو اهم اضافو ٿيو آهي، هاڻي چين ملڪ رٻڙ جا چانور پيو ٺاهي، رٻڙ جو اٽو پيو ٺاهي، رٻڙ جا بيدا پيو ٺاهي. جيڪي هاڻي مارڪيٽ ۾ عام جام وڪجن پيا!

هاڻي ٿورو غور ڪريو، دنيا ۾ ڪينسر تڏهن آيو آهي. جڏهن پلاسٽڪ ٺهيو آهي 1890ع جي ويجهو پلاسٽڪ ٺاهيو ويو هو. ان کان پوءِ انهيءَ ۾ ڪيترا ئي پلاسٽڪ جا قسم ٺاهيا ويا، آهستي آهستي اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ پلاسٽڪ جو عمل دخل ايترو وڌي ويو، جو پاڻي به اسان پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ رکون ٿا، مٽ جو رواج ختم ٿي ويو، فرج ۾ پاڻي جون بوتلون رکجن ٿيون، وري ٿانوَ به پلاسٽڪ جا اچي ويا، جن ۾ اڪثر گرم کاڌو اسان وجهي کائون ٿا. پلاسٽڪ جا زهريلا مادا کاڌي سان گڏجي وڃن ٿا، جيڪي صحت لاءِ هاڃي ڪار آهن.

اڪثر اسان منرل جي نالي تي منرل کان خالي بوتل وارو پاڻي پيئون ٿا. ملڪ ۾ جيڪي به پاڻي جون بوتلون مهيا ٿين ٿيون سڀ غير معياري پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ غير معياري پاڻي آهي. هاڻي ته هر گهر ۾ ڊسپينسر اچي ويا آهن، هر محفل يا پروگرام ۾ پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ منرل نالي پاڻي موجود هوندو آهي، سائنس تحقيق ڪئي آهي ته اهو منرل واٽر بلڪل ناهي بلڪ منرل اسان کي مٽ ۾ رکيل پاڻي ۾ ملي سگهن ٿا. مٽ جي اها خاصيت هوندي آهي ته ان ۾ جيڪڏهن منرل وڌيڪ هوندا ته مٽ جي تري ۾ هليا ويندا يا وري مٽ جي سوراخن مان ٻاهر خارج ٿي ويندا جي منرل گهٽ آهن ته اهي وري مٽ ۾ داخل ٿي ويندا اهڙي طرح مَٽ جو پاڻي  صحت لاءِ وڌيڪ بهتر آهي، ان کان علاوه ٿانوَ جيڪڏهن ٺڪر جا استعمال ڪيا وڃن ته صحت لاءِ بهتر آهن، يا وري چيني جا ٿانو بهتر آهن، باقي ٿانون ۾ ڪيمڪل موجود آهن جيڪي کاڌي کي زهريلو ڪري ڇڏين ٿا.

ڳالھ اها آهي ته جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري پيئي ۽ اسان اڳتي اسان وڃون پيا، تيئن اسان زندگي جي خلاف محاذ ٺاهيون پيا. ماحولياتي آلودگي حد کان وڌي چڪي آهي، ڪاربان مونو آڪسائيڊ جهڙا زهريلا مادا ڪارخانا هوا ۾ ۽ سمنڊ ۾ ڇڏيا وڃن ٿا. گاڏين جو دونهن شهر جي ماحول کي گدلو ڪري ٿو. ڪچرن جا ڍير، گندا نالا، ماحول کي برباد ڪن ٿا. اسان جيڪو ساھ کڻون ٿا ان ۾ به زهر مليل آهي، دنيا جون ڪيتريون اهڙيون تنظيمون وقت به وقت خبردار ڪنديون رهن ٿيون ته اها روش رهي ته اسان زندگي جي راند هارائي ويهي رهنداسين، بلڪ ڪنهن سائنسدان اهو به چيو ته ويهين صدي انسان ذات جي آخري صدي آهي، هن ۾ انسان ماحول جي گدلاڻ، بيمارين ۾ نه به مري ته به ان ايترا هٿيار ٺاهيا آهن جو ڪڏهن به ڪا خطرناڪ جنگ دنيا کي سوين ڀيرا تباھ ڪري سگهي ٿي. نه صرف جنگ پر خطرناڪ سونامي، سمنڊ جا طوفان ڪڏهن به ائٽمي ريڪٽر پلانٽن کي غير محفوظ ڪري دنيا ۾ تباهي ڦهلائي سگهن ٿا.

ٻي طرف جنونيت جي فضا آهي، جنهن ۾ فرقا پرستي، حرص، لالچ، تنگ نظري، دوکو، منافقي، ضمير فروشي جهڙا اَوَگُڻ سماج ۾ ڦهلجي رهيا آهن، انسان وحشي جانور بنجي پيو آهي، مادي دنيا جي مقابلي بازي ۾ انسان مڪمل وحشي ٿي پيو آهي، وٽس ڪي به روحاني قدر ناهن، ڪي به انساني قدر ناهن، اسان ايندڙ نسل کي نه صرف زهريلا کاڌا ورثي ۾ ڏيون پيا بلڪ ماحولياتي گدلاڻ ۽ جنونيت بہ ورثي ۾ ڏئي رهيا آهيون.

دنيا ۾ نه صرف کاڌا بلڪ ڪلچر به هائبرڊ ٿي رهيو آهي، نوجوان نسل کي نه موسمن جي خبر آهي، نه مهمان نوازي جي نه همدردي جي، نه پيار جي.. هو صرف مارڪيٽ جو وکر بنجي رهجي ويو آهي، هن کي اهو سيکاريو ويو آهي ته ٻي کي استعمال ڪيئن ڪجي. ڪهڙي طرح پنهنجي مادي ترقي لاءِ ٻي کي دوکو ڏجي. نوجوان اڄڪلھ صرف ميڊيا جي ڊجٽلائيزڊ دنيا ۾ رهي ٿو. اهو ڪجهہ ڪري ٿو جيڪو ملٽي نيشنل ڪمپنيون هن کان ڪرائن ٿيون.

سوچيو وڃي ته انسان پنهنجي تباهي ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي، ايرڪ فراهم صحيح چيو هو ته فطرت انسان کي جنم ڏنو پر انسان فطرت سان ريپ ڪيو آهي، جنهن جي سزا هو ضرور ڀوڳيندو!

(سنڌ سلامت جي ٿورن سان)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close