حساس دلين جو ترجمان شاعر: تاج بلوچ

محمد رمضان جوکيو

سنڌ ڌرتي جي ڪُک مان اهڙن انيڪ انسانن جنم ورتو آهي جن پنهنجي علم، ادب، ڏاهپ ۽ شعور جي سوجهري سان سڄي سماج کي روشناس ڪيو آهي. اهڙن املھہ ڪردارن منجهان تاج بلوچ پڻ هڪ آهي.

سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، صحافي، ايڊيٽر، دانشور ۽ نقاد تاج بلوچ، جنهن جو پورو نالو تاج محمد بلو (جتوئي) هو، ادبي دنيا ۾ هو تاج بلوچ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
تاج بلوچ 25 مئي 1940ع تي اتر سنڌ جي ضلعي سکر جي تعلقي پنو عاقل ۾ ڳوٺ سردار محمد مراد خان بلي ۾ جتوئي قبيلي جي هڪ زميندار ۽ تر جي چڱي مڙس نور محمد جي گهر ۾ جنم ورتو.

شناختي ڪارڊ ۽ نوڪري جي رڪارڊ مطابق تاج بلوچ جو جنم 6 اپريل 1938ع تي ٿيو. جڏهن تہ تاج بلوچ پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۽ ادبي حوالن ۾ پنهنجي تاريخ پيدائش 25 مئي 1940ع ڄاڻائي آهي. ۽ هو هر سال پنهنجو جنم ڏينهن پڻ 25 مئي تي ئي ملھائيندو هو.

تاج بلوچ بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي ڊسٽرڪٽ هاءِ اسڪول پنو عاقل مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪراچي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. جٿي هن ميٽرڪ کان انٽر تائين سنڌ مدرستہ الاسلام مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين.

تاج بلوچ پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ناڻي کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾ ٽريزي آفيسر طور ڪئي. جٿي هو 25 سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ رٽائر ٿيو.

تاج بلوچ لڳ ڀڳ 20 سالن جي عرصي تائين پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي ۾ ڪم ڪيو. هن پي ٽي وي جي مختلف پروگرامن، مخزن، سنڌ سينگار ۽ مهراڻ رنگ ۾ ڪمپئرنگ ڪئي.

تاج بلوچ اليڪٽرونڪ ميڊيا ۾ 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي جي وچ ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ڪمپئر، اسڪرپٽ رائٽر ۽ ڊرامن ۾ حصو ورتو هو. تاج بلوچ ڊگهو عرصو مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو. جنهن ۾ عوامي آواز، هلال پاڪستان، عبرت ۽ هفتيوار برسات اخبار شامل آهن. ان کان علاوه تاج بلوچ ماهوار لطيف رسالو بہ ڪڍيو.

تاج بلوچ 70 واري ڏهاڪي ۾ معروف ادبي رسالي ”سوجهرو“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن سوجهرو ٻيهر جاري ڪيو، جيڪو لڳ ڀڳ سترهن سال پابندي سان نڪرندو رهيو.
تاج بلوچ زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل رهيو. هو ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. تاج بلوچ 20 سالن تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.

تاج حساس دل شاعر آهي، سندس هر شعر احساسن سان ڀريل آهي. سندس شاعري کي جيڪڏهن حسين احساسن جو ميڙ چئجي تہ ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو.

نصير مرزا لکي ٿو تہ
”تاج جو نظم هجي يا غزل، هر صنف جو گراف ايڏو تہ حساس آهي، جو ان ۾ اسان جي پيڙا جو ذرو پرزو رڪارڊ ٿيل ٿو لڳي. ان ڪري نمائندگي جي سطح تي، تاج جي هيءَ شاعري اسان جي خوابن جي بہ سرواڻي ڪري ٿي ۽ اسان کي سجاڳ ٿيڻ لاءِ بہ اتساهي ٿي. وڏي ڳالھ تہ اسان جي لاءِ احتجاج بہ ڪرَي ٿِي ۽ وڙهي بہ ٿِي. معيار جي سطح جي جانچ ڪبي تہ هن جي فڪر ۽ شعور ۾ فني پختگي جي سڀاويڪ بہ نظر ايندي.“

”فنڪار“ جي عنوان سان سندس هي نظم ڪيڏو نہ خوبصورت ۽ احساسن سان ڀريل آهي:

آئون حساس جوانين جو غزل ريز ڪوي
منهنجي اشعار ۾ تحليل تغزل جو شراب
منهنجي اشعار ۾ سهڻن جي پسيني جي نمي

منهنجي اشعار ۾ نوخيز ڪلين جو مرڪڻ
منهنجي اشعار ۾ پاڪيزه جوانين جو خمار
منهنجي اشعار ۾ معصوم اميدن جو هجڻ

منهنجي اشعار ۾ رنگين گلن جي خوشبو
منهنجي اشعار ۾ ماکيءَ سان تناسب جو ڪمال
منهنجي اشعار ۾ آ علم و هنر جو جادو

منهنجي اشعار ۾ مدهوش جوانيون رقصان
منهنجي اشعار ۾ هي چشم غزالان جا نقوش
منهنجي اشعار ۾ عالم جو تصور شادان

منهنجا محبوب او، ايٽم جي زماني جا فرد
تنهنجي دلجوئي جي خاطر هي اٿم رنگ رچيو
تنهنجي مجروح ڪليجي تي رکي هٿڙا سرد

اهڙي انداز ۾ آهن اهي شعر لکيا
جيئن سندءِ ڏيل ڏڪارين کي ملي ڪو آٿت
ورنہ منهنجي تہ مقدر ۾ لکيا ويا شعلا

تاج بلوچ جي شاعري روح جو آواز محسوس ٿئي ٿي، اهڙو آواز جيڪو اسان جي احساسن ۽ جذبن جو آواز هجي. مطلب تہ ڪائي سٺي ڳالھ تڏهن ئي پورو اثر ڏيکاري ٿي، جڏهن اسان جي دل جي هر تار اهو ئي راڳ ڳائيندي هجي ۽ تاج بلوچ جي شاعري بہ ان ڪري ئي موثر آهي، جو هو دلين جي ئي ترجماني ڪري ٿي. هو دلين جو ترجمان شاعر آهي.

نت نئون زخم نئون درد مليو
هٿ، هٿ سان جو مليو، سرد مليو

مون تہ ڳولا ٿي ڪيون شادابيون،
پر جو چھرو مليو، زرد مليو

تاج بلوچ احساسن جي گھرائي کي ڇهڻ وارو شاعر هو، جيڪو پنهنجي ڌرتي واسين جي دلين جي پيڙا کان چڱي طرح واقف هو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي سان سندن دلين ۾ موجود دردن جي ترجماني ڪندو هو.

تاج احساسن جي گھرائي ڇهڻ وارو هو،
رنگ پوپٽ جا چپن تي ڪي ڇڏڻ وارو هو.

ايترو ترت ڪٿي آڻ مڃڻ وارو هو،
هو تہ پاڳل هو، اصولن تي مرڻ وارو هو

هن جي اکين مان پريشاني، ٽميو ٿي الڪو،
شام جو پھر جڏهن ويجهي پوڻ وارو هو

نيڻ راهن مان کڻي ڪين کڻان ها ڪڏهن،
ٿورو ڄاڻان ها، وڃِي ڪين ورڻ وارو هو

سونهن ڪمزوري برابر هئي تاج بلوچ،
پر هو ڏاهپ تي مري ساھ ڏيڻ وارو هو

سنڌي ادب کي پنهنجي زندگي جي اڌ صدي ارپيندڙ تاج بلوچ جي شاعري جا چار ڪتاب ڇپيا آهن. جنهن ۾ درد جوصحرا (شاعري) 1970، خوشبو جو زهر (شاعري) 1987، لفظن جو ماتم (شاعري) 1994، دل جزيرو اداس سپنن جو (شاعري) 2002، چچريون چچريون خواب (ڪليات) 2011 ۽ سندس شاعري جي هڪ ڪتاب لطيف نوناري (گريف ان ٽيئرس) جي نالي سان انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو.

تاج بلوچ سماجيات ۽ حالات حاضره تي پڻ ٻہ ڪتاب لکيا، جن مان هڪ اردو ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ شامل آهي. ان کان علاوه تنقيد جي موضوع تي تاج بلوچ جو ”جديد ادب جو تجزيو“ نالي سان ڪتاب لکيل آهي.

تاج بلوچ 04 جون 2020ع جي اڀاڳي شام جو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ دل جو دورو پوڻ سبب اسان کان هميشہ لاءِ وڇڙي ويو. سندس آخري آرامگاه ماڊل ڪالوني ڪراچي جي قبرستان ۾ آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close