3- حيدرآباد سنڌ (7)
ان وقت سنڌ يونيورسٽي گاڏي کاتي ۾ ھوندي ھئي، جنرل ھسٽري جو شعبو پوسٽ آفيس جي سامھون ميٺارام هاسٽل ۾ ھوندو ھو. تاريخ کي جنرل ۽ مسلم ھسٽري ۾ الڳ الڳ ڪيو ويو، اھو صرف سنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيو ويو جڏھن تہ ٻين يونيورسٽين ۾ صرف ھسٽري آھي. اسان جي شعبي جو صدر ڊاڪٽر احمد بشير ھو، شعبي جو ٻيو استاد ڊاڪٽر يار محمد ھو. جنرل ھسٽري ھڪ مشڪل مضمون سمجھو ويندو هو، انڪري ھن شعبي ۾ گھٽ شاگرد ايندا هئا، جڏھن تہ مسلم ھسٽري ۾ گھڻا شاگرد ايندا هئا. مونسان ايم اي ۾ فقط پنج شاگرد ھئا. ڊاڪٽر احمد بشير ھتي اچڻ کان پھرين ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙھائيندو ھو. سندس شخصيت مونکي گھڻو متاثر ڪيو، ھو لبرل ذھن جو مالڪ ھو ۽ ھر شئي کي شڪ جي نظر سان ڏسندو هو. ھن لنڊن يونيورسٽي مان اڪبر جي مذھبي پاليسي تي پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي، انگريزي، فارسي ۽ اردو تي عبور حاصل ھيس. سندس رھائش ميٺارام هاسٽل ۾ ئي ھوندي ھئي. وڏي آواز سان ڳالھائيندو ھو، سندس گھر مان شعبي تائين آواز ايندو هو. پڙھائڻ وقت محو ٿي ويندو هو. ايم اي جي پھرين سال ۾ اسان کي يوناني تھذيب پڙھايائين. جڏھن ليڪچر شروع ڪندو ھو، تڏھن ايئن لڳندو هو تہ علم جو سيلاب ٿو وھي. ايم اي جي ٻي سال ۾ مغلن جي تاريخ پڙھايائين، جيڪو سندس مضمون ھو. جڏھن آئون ليڪچرار ٿيس تہ کيس ويجھي کان ڏٺم، ھڪ وڏي عالم جون سڀ خوبيون موجود ھيس، علمي ڪچھري ڪرڻ وقت ڪا بہ احساس برتري محسوس نہ ڪرائيندو ھو. تاريخ، ادب، لسانيات ۽ آرٽ سندس پسنديده موضوع ھوندا ھئا. ھن پنھنجي زندگي ۾ نہ گھر ٺاھيو ۽ ئي ڪو پلاٽ خريد ڪيائين، سندس ھڪڙو ئي شوق ھوندو ھو ڪتاب خريد ڪرڻ. تمام گھٽ ماڻھن سان ملندو هو، شام جو ڪتابن جي دڪانن تي ويندو هو. ان وقت حيدرآباد ۾ ڪتابن جا ڪيترائي سٺا دڪان ھوندا ھئا. مثلاً ايجوڪيشنل بڪ ڊيپو، الائيڊ، فيروز سنز، غلام علي، آزاد بڪ ڊيپو ۽ ادبيات. ھي سڀ نوان ۽ سٺا ڪتاب گھرائيندو رھندو ھو، ڏسندي ڏسندي اھي سڀ دڪان بند ٿي ويا. ان وقت استادن ۽ شاگردن جو پاڻ ۾ رشتو صرف پڙھائي جو ھوندو ھو. ڪنھن شاگرد کي ۾ اھا جرئت نہ ھئي تہ ھو پنھنجي استاد کان مارڪون پڇا ڪري. ان زماني ۾ حاضري جي شرط 70 سيڪڙو ھوندي ھئي، جنھن جي حاضري گھٽ ھوندي ھئي، ان جو فارم نہ ڀربو ھو. ھڪ دفعي ھڪ شاگرد اڳواڻ جي حاضري گھٽ ھئي، بشير صاحب فارم ڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وائس چانسلر گھرائي چيس تہ ان کي چيائين توھان لکي ڏيو، آئون فارم ڀريان ٿو. ٻين استادن بہ شاگرد اڳواڻ جي سفارش ڪئي پر ڪنھن جي نہ مڃيائين. سندس ھڪ ئي جواب ھو تہ پھرين جن شاگردن جا فارم نہ ڀريا آھن، انھن جي لاءِ اسان وٽ ڪھڙو جواب ھوندو. شاگرد اڳواڻ جو امتحاني فارم تہ نہ ڀرجي سگھيو پر اھو شاگرد اڳواڻ بشير صاحب جي وڏي عزت ڪندو هو. ھڪ دفعي ھڪ شاگرد پنھنجي ڳوٺ مان آيو تہ بشير صاحب لاءِ گيھ کڻي آيو، بشير صاحب نہ ورتو، چيائينس تہ جيڪڏھن تون ھتان پڙھي نڪري وڃين ھا ۽ پوءِ کڻي اچين ھا تہ ضرور وٺان ھا. مونکي ياد آهي شاگرد شام تائين وڻ ھيٺ گيھ سميت ويٺو ھو، پر بشير صاحب نہ ورتو سو نہ ورتو. ان وقت اھا روايت شروع ٿي چڪي هئي تہ ڪجھ استاد شاگردن کان تحفا وٺندا هئا. شايد شاگردن جو تحفي ڏيڻ پٺيان وڌيڪ مارڪن وٺڻ وارو خيال بہ نہ ھجي، ھو تحفو پنھنجي استاد جي عزت جي ڪري ڏيندا ھجن. بشير صاحب تحفو فقط ان ڪري نہ ورتو جو ھو سمجھي پيو تہ تحفي وٺڻ کانپوءِ سندس فيصلا متاثر ٿيندا. ھڪ دفعي پبلڪ سروس ڪميشن طرفان سي ايس ايس جا پرچا آيا، ڪنھن اميدوار کي خبر پئي تہ تاريخ جو پرچو بشير صاحب چيڪ پيو ڪري، اھو اميدوار سفارش کڻي بشير صاحب وٽ پھتو. اميدوار کي تہ ڪجھ نہ چيائين، پوءِ اسان کي ٻڌايائين جڏھن اھو اميدوار مون وٽ آيو ۽ پنجابي ۾ ڳالھائڻ لڳو تہ جيئن منھنجي دل ۾ سندس لاءِ ھمدردي پيدا ٿئي، کيس چيم پنھنجو رول نمبر لکي ڏي بعد ۾ ڏسندس، انکانپوءِ بشير صاحب پبلڪ سروس ڪميشن کي لکيو تہ اميدوارن کي اھا خبر ڪيئن ٿي پوي تہ سندس پرچا چيڪ ٿيڻ لاءِ ڪنھن ڪنھن وٽ پھتا آھن. ڪميشن نالو گھريو تہ بشير صاحب نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو تہ مون ان کي فيل ڪري ڇڏيو آھي، اھا سزا ڪافي اٿس. بشير صاحب ھر ڪم مڪمل ڪرڻ چاھيندو ھو، ان جو مثال سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز آهي، جيڪا ھن سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپرائي، 247صفن جي ٿيسز کي ڇپجڻ ۾ ست سال لڳي ويا، ان دوران پريس وارن سان سندس روز جھيڙو ھوندو ھو، ڇپائي جي ان عمل دوران، پريس، ڇپائي، ٽائپنگ جو ماھر ٿي چڪو ھو. ڪيترائي ڀيرا پروف پڙھڻ کانپوءِ بہ ڪا نہ ڪا غلطي رھجي ويندي ھئي، چوندو ھو جيستائين ھڪ بہ غلطي ھوندي نہ ڇپرائيندس، پوءِ بہ ھڪ غلطي رھجي وئي جيڪا پوءِ ھٿ سان درست ڪيائين. ٿيسز جون ويھ يا پنجويھ ڪاپيون پنھنجن خاص دوستن کي ڏنائين، آئون بہ انھن خاص دوستن مان ھيس جن کي ٿيسز ملي. ٿيسز تہ ڇپجي وئي پر ھاڻ وڪري جو مسئلو ھو. بڪ سيلر ڪميشن وڌيڪ گھرندا ھئا ۽ ڪتاب وڪڻي پوءِ پئسا ڏيندا هئا، انڪري انھن سان معاهدو نہ ٿي سگھيو، بشير صاحب چوندا ھو تہ ڪتابن کي باھ ڏيئي ڇڏيندس پر ان شرط تي نہ ڏيندس. جيتوڻيڪ ڪتابن کي باھ تہ ڏنائين پر ڪتاب کوکن ۾ رھجي ويا، مارڪيٽ ۾ نہ پھچي سگھيا ۽ نہ ئي ماڻھن کي سندس ڪم جي خبر پئي. ھو جن اصولن تي ھلندو ھو، سمجھندو ھو تہ ٻيا ايئن ھلن، پر ھڪ بدعنوان معاشري ۾ اھو ممڪن ناھي، انڪري اھڙي معاشري ۾ ھڪ ايماندار ۽ بااصول ماڻھو ھميشہ ھاري ويندو ھو. انھن اصولن جي ڪري ھن جو ڪم شايع نہ ٿي سگھيو. ھڪ دفعي ھن ٻڌايو ڪراچي جي ھڪ پبلشر مغلن جي تاريخ لکڻ جو چيو. ھن جو ارادو مغلن جي الف ليلا نالي سان ھڪ سيريز لکڻ جو ھو. ان سلسلي ۾ پھريون ڪتاب لکيائين، جنھن جو عنوان ھو، فرغانہ جو شھزادو ۽ منڊو راجپوت. ڪتاب ڇپيو، ان تي لکيل ھو، سڀ حق ۽ واسطا پبلشر وٽ محفوظ. بس ايترو ئي ڪافي ھو. ھمايون تي لکندڙ ڪتاب بہ ڦاڙي ڇڏيائين ۽ پبلشر کي چيائين تہ ھاڻي آئون تنھنجي لاءِ ڪجھ نہ لکندس. ڪتاب جي باري ۾ ھڪ ٻيو دلچسپ واقعو آھي، واجد علي شاھ جي دور جي پسمنظر ۾ ھڪ زبردست ناول لکيائين، "بي جان طوائف”. ناول جي ڪتابت حيدرآباد مان ڪرايائين، پر پسند نہ آيس، چيائين لاھور جي ڪنھن سٺي ڪاتب کان ڪتابت ڪرائيندس، لاھور وڃي معلومات ورتائين، ڪنھن پيش امام جو ڏس ڏنس. مسجد جي امام ٻن ڏينھن بعد ڪتاب جو مسودو واپس ڏيندي چيائينس: اھڙي فحش ڪتاب جي ڪتابت نٿو ڪري سگھان. اھڙي طرح اردو ۽ انگريزي ۾ جيڪو ڪجھ لکيائين، اھو مسودن جي شڪل ۾ ئي رھيو. آخري ڏينھن ۾ جڏھن پنھنجي اباڻي ڳوٺ قصور ۾ آيو تہ اتي قصور جي تاريخ لکيائين. ان جو مسودو خبر ناهي ڪيئن ھڪ پٺاڻ وٽ آيو، جيڪو نہ پاڻ ٿو ڇپائي ۽ نہ ئي ٻين کي ٿو ڇپرائڻ ڏي. منھنجي سامھون پنھنجن ٻن استادن جا مثال آھن، جن لکيو پر ڇپجي نہ سگھيو، انھن جو ڪم شايد ردي ۾ وڪامجي ويو ھجي.
ايوب خان جڏھن فرينڊس ناٽ ماسٽر لکيو يا لکرايو، اسان جي بيوروڪريسي جلدي حرڪت ۾ اچي وئي. يونيورسٽي کي ھدايتون مليون تہ ھن ڪتاب جي ادبي، فلسفيانہ، سياسي ۽ تاريخي پھلوئن تي روشني وڌي وڃي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان ھي سيريز شروع ڪئي وئي، ھڪٻئي پٺيان پروفيسر ريڊيو تي وڃي ڪتاب جي خوبين تي ڳالھائڻ لڳا. پر بشير صاحب نہ ويو. جيڪي پروفيسر ويا ۽ ڪوڙ ڳالھايو، انھن کي ڪو بہ انعام وغيرہ نہ مليو، جيڪي نہ ويا انھن کان ڪو پڇاڻو نہ ٿيو. ان مان اھو سبق ٿو ملي تہ جيڪڏھن آمريت جي شروع کان مزاحمت ڪئي وڃي تہ ان جي رستا روڪ ڪري سگھجي ٿي. پر آمريت اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪرڻ سان اھا اڳتي وڌي ماڻھن تي مسلط ٿئي ٿي. اسان وٽ ايئن ٿيو، ماڻھو ايوب خان جي آمريت کان ڊڄي ويا ۽ ان جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪرڻ لڳا، ان جو فائدو ٻين آمرن ورتو. ان ڪري معاشري ۾ فرد جو ڪردار بدلجندو ويو. بشير صاحب تحقيق جي معاملي ۾ احتياط ڪندو هو ۽ ٻين کان بہ اھا توقع رکندو هو. انڪري بشير صاحب وٽ فقط ٻن ماڻھن پي ايڇ ڊي ڪئي. ھڪ فلپائن جو ڊي وي گاتھا نالي ھمراھ، ٻيو يامين صاحب جيڪو نواب شاھ گورنمينٽ ڪاليج جو پرنسپال ھو. يامين صاحب "سادات بارھہ” تي پنھنجو تحقيقي مقالو لکيو. بشير صاحب کيس نوابشاھ مان گھرائي حيدرآباد ۾ رھايو. ھو روز ٿيسز جو ھڪ حصو ٻڌندو هو ۽ مشورا ڏيندو هو.ڪيترائي دفعا ٻنھي ۾ منھن ماري ٿي. يامين صاحب ڪاوڙ مان اٿي ھليو ويندو ھو، ايئن لڳندو هو تہ واپس وري نہ ايندو. پر مقالو تمام شاندار لکيائين. 1974ع ۾ جڏھن ڪجھ ڏينھن لاءِ آيو تہ خبر پئي تہ ڀٽو صاحب جي حڪومت ۾ جن ماڻھن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو ھو، انھن ۾ بشير صاحب بہ شامل ھو. اھو ٻڌي ڏک ٿيو. بشير صاحب ھڪ غير متنازعہ ماڻھو ھو، ھن جي ترجيح صرف پڙھڻ ۽ پڙھائڻ ھوندو ھو. ھن کي شايد انڪري سزا ڏني وئي جو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو هو، ھن نہ دولت گڏ ڪئي نہ جائداد ٺاھي. مون جڏھن پي ايڇ ڊي جي موضوع تي ساڻس ڳالھايو تہ مونکي بيحد قيمتي مشورا ڏنائين، انڪري مونکي پي ايڇ ڊي مقالو لکڻ ۾ آساني ٿي پئي. آئون جڏھن جرمني ۾ ھئس تہ ساڻس خط ڪتابت ٿيندي رھندي ھئي، ان عرصي دوران سندس ٻار تعليم کان فارغ ٿي چڪا هئا. وڏو پٽ آرمي ۾ ميڊيڪل آفيسر ھو، جيڪو 1978ع ۾ ھڪ حادثي ۾ فوت ٿيو ھو، بشير صاحب کي وڏو صدمو رسيو ۽ ھو قصور ھليو ويو. ڪجھ مھينن کان پوءِ وري حيدرآباد آيو، حيدرآباد ۾ ھاڻي سندس دلچسپي نہ ھوندي ھئي. ھڪ ڏينھن آئون ساڻس ملڻ ويس تہ ڪتاب کوکن ۾ بند ڪري رھيو ھو، ڏسڻ ۾ تہ مطئمن نظر اچي رھيو ھو پر اندر جھريل ھئس، بشير صاحب حيدرآباد کان قصور ھليو ويو. قصور ۾ بشير صاحب سان ھڪ دفعي ملڻ ويس، سندس گھر صرافہ بازار چينيا گھٽي ۾ ھو. سندس پاڙيسري کانئس اڻواقف ھئا، مون جڏھن کيس ڏٺو تہ ڏاڍو ڏک ٿيو، ھو گھڻو ڪمزور ٿي چڪو ھو، ڪجھ مھينن کان پوءِ سندس زال بہ وفات ڪري وئي، ٻنھي ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي، سندس ٻيو پٽ آمريڪا ۾ ھو، پاڻ سڀ کان آخري پٽ سان گڏ رھندو ھو، ان عرصي دوران سندس نظر بہ ڪمزور ٿي وئي. سندس آخري سھارو سندس اکين جي نظر ھئي، جنھن کيس زندہ رکيو ھو. مون سندس اھو ڪمرو ڏٺو، جتي الماڙين ۾ ڪتاب ترتيب سان رکيل ھئا. چوڻ لڳو مون انھن ڪتابن جي سھاري قصور ۾ ست سال گذاريا. قصور ۾ سندس مائٽ تہ رھندا ھئا پر دوست ۽ ساٿي نہ ھئا، انڪري ھو ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ويو. ٻڌايائين تہ ان عرصي دوران مون ڪجھ نہ لکيو آھي صرف مطالعو ڪيو آھي. مون جڏھن ساڻس موڪلايو تہ ڏاڍو ڏک ٿيو، ھن مونکي قصور جي خاص مٺائي ڏني. آئون جيڪو ڪجھ لکندو ھئس، کيس موڪليندو ھئس، مون لاءِ سندس راءِ اھم ھوندي ھئي، ھو منھنجي خيالن سان متفق نہ ھوندو ھو پر جيڪا شيءِ وڻندي ھئس تعريف ڪندو هو ۽ تنقيد بہ ڪندو هو. جڏھن آئون سنڌ يونيورسٽي ڇڏي لاھور آيس تہ شروعات ۾ آئون پنھنجن مسئلن جي ڪري پريشان ھئس، انڪري ساڻس نہ ملي سگھيس. ٻيو سبب اھو ھو آئون کيس ان حالت ۾ نہ ڏسي سگھان ھا، ڇو تہ سندس نظر مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي هئي ۽ خط ٻين کان لکرائيندو ھو. فيبروري 1991ع ۾ سندس ڌيءَ جو خط مليو جنھن ۾ ٻڌايو ويو ھو تہ بشير صاحب دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو آهي. خط پڙھي ڏاڍو ڏک ٿيو، بشير صاحب سان گذاريل وقت ياد اچڻ لڳو. ھڪ سادي، ايماندار ۽ عالم جو قدر نہ ڪيو ويو، ان جو ذميوار ڪير آهي. مونکي بشير صاحب سان ڪيل آخري ملاقات بہ ياد آهي، دوازي تائين ڇڏڻ آيو ھو، ٻي دفعا اچڻ ۽ ڪجھ ڏينھن پاڻ وٽ ترسڻ لاءِ چيو ھئائين. شايد مونسان ڪچھري ڪري دل جو بار ھلڪو ڪرڻ چاھيندو ھو. انکان پوءِ ھڪ دفعي قصور ويو ھئس، مونکي شھر اداس ۽ خاموش نظر آيو هو، ڄڻ ھتي منھنجو ڪجهہ وڃائجي ويو ھجي.
ھلندڙ