در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جو سنڌي) ترجمو قسط-1

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

1- آخري ڏينهن جي ڳالھ

مون کي ڏينھن ۽ تاريخ ياد نہ آھي، ھا اھو ياد آهي تہ سال 1952ع ھو ۽ گرميون ھيون. ڏينھن پنھنجو جوڀن وڃائي رھيو ھو، لھندڙ سج جا پاڇا وڌي رھيا ھئا، اسان وقت جو اندازو پاڇن کي ڏسي ڪندا ھئاسين. ان وقت گھر ۾ سڀ مٽ مائٽ گڏ ويٺا هئا. ٻاھر والد صاحب جا دوست ۽ ساٿي ويٺا هئا. سامان ٻڌجي ويو هو، ڪوٺيون ۽ ورانڊو خالي ٿي چُڪو هو، صرف ڪجهہ بيڊ رھيل ھئا، جن تي ڪجهہ ماڻھو ويٺا هئا ۽ ڪجهہ اتي بيٺا هئا. انھن ۾ منھنجي ناني منھن جهڪائي پوتي ۾ پاڻ کي لڪائي روئي رھي ھئي، شايد انھن سڀني جي دل ۾ اھو ئي سوال ھو تہ ھاڻي وڇڙي وري ڪڏھن ملنداسين؟ يا اھو سوال بہ تہ شايد ھيءَ آخري ملاقات آھي. مون کي ان وقت قطعي طور تي اھو احساس نہ ھو تہ اھا جدائي ڪيتري طويل ٿيندي يا ھميشہ لاءِ ھوندي. مون کي سفر جي بہ ڪا خوشي نہ ھئي، آئون ماڻھن جي وچ ۾ بيھي انھن جي ڏکايل چھرن کي ڏسي رھيو ھئس، جن کي وري اڃا تائين ڏسي نہ سگھيو آھيان، انھن جي اکين ۾ محبت ھئي، پنھنجائپ ھئي، چاھت ھئي ۽ جدا ٿيڻ جو ڏک بہ ھو.

مون خالي ورانڊن تي نظر وڌي ۽ آخري ڀيرو گھر کي ڏسڻ جي خواھش ٿي، خالي خالي گھر ايئن نظر آيو ڄڻ تہ اھو بہ ماتم ۾ شريڪ ھجي، آئون ان ئي ڪيفيت ۾ ھيس تہ گھر جو سامان کڄڻ لڳو، ٻاھر لاري بيٺي هئي، سامان لاري جي ڇت تي رکيو ويو. ھاڻي اسان کي وڃڻو ھو، آخري ڀيرو ڀاڪر پائي ملياسين، ماڻھو خاموشي سان روئندا رهيا، آئون بہ روئڻھارڪو ٿي گھر مان نڪتس، سامھون مٺائي جو دڪان ھو، ھتي آئون پاڙي جي ڇوڪرن سان ڪيرم کيڏندو ھئس، اھي سڀ خاموشي سان اسان کي ڏسي رھيا ھئا، مون کي ھمت نہ ٿي تہ آئون انھن سان وڃي ملان. آئون خاموشي سان وڃي لاري ۾ ويٺس. لاري ھلڻ لڳي تہ گھٽي ۾ بيٺل ماڻھو ڌنڌلا ٿيندا ويا، لاري جيئن جيئن تيزي سان اڳتي وڌي رھي ھئي، تيئن تيئن دل ۾ اھا آنڌ ماند جاڳي رھي ھئي، تہ انھن وڇڙيل پنھنجن عزيزن ۽ يارن سان وري ملي سگهندس بہ الائي نہ..؟

مون کي ياد ڪونھي تہ مون آخري ڀيرو شھر کي ڪھڙي ڪيفيت ۾ ڏٺو ھو. پر اھو ضرور آھي تہ شھر جي زندگي حسب معمول جاري ھئي، اھوئي ساڳيو گوڙ گهمسان، ماڻھو تيزي سان پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ مصروف ھئا، شھر جون عمارتون پنھنجي پنھنجي جاءِ تي موجود ھيون، بازار جي رونقن ۾ بہ ڪو فرق نہ آيو ھو، شھر ڪنھن ھڪ يا ڪجهہ ماڻھن جو ڏک محسوس ڪرڻ لاءِ تيار نہ ھو… لاري شھر کان ٻاھر نڪري وئي. مون کي بلڪل بہ ياد ڪونھي تہ مون لاري جي دري مان ٻاھر ڏٺو ھجي. منھنجي لاءِ اھو بي معنيٰ ھو. ان وقت اھو خيال نہ آيو تہ آخري دفعو انھن نظارن جو ديدار ڪري وٺان. منھنجي دل ڏک سان ڀريل ھئي، لاري ۾ برقعو پائي ويٺل منھنجي امان ڪيڏي مھل سڏڪا ڀريندي هئي.

شام جو اسان نوائي اسٽيشن تي پھتاسين، ريل آئي تہ سامان رکيو ويو، سامان تمام گهڻو ھو، رسن سان ٻڌل بسترا، ٽين ۽ لوھ جون صندوقون، سامان جون ٻوريون، ايترو سامان ھو جو پورو گاڏو ڀرجي ويو، گاڏي ۾ ويٺل ماڻھن کي تڪليف ٿي، ھڪ مسافر ڪاوڙ ۾ چيو تہ ھي ڪھڙي مصيبت آھي، ٻين ماڻھن جو بہ خيال نٿا ڪيو. اسان مان ڪنھن بہ جواب نہ ڏنو، اتي ويٺل ھڪ مسافر نرمي مان چيو تہ ادا ھنن کي ڪجهہ نہ چئو، ھي پاڪستان وڃي رھيا آھن…

ھلندڙ


Related Articles

14 Comments

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close