ﺟِﻦُ ، ڏﻳﺌَﻲ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﻧڪﺮِﻱ
ڏﻳﺌَﻲ ﮐﻲ ڳُورَي ﮐﺎﺋِﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ..
ﺍﺳﺎﻥ ﺟﺎ ﺳﭝﺌﻲ ﺍﻻﺩﻳﻦَ
ﺑﻲ ﻓڪﺮﺍ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ ﺁﮬﻦ،
ڇو تہ
هُنن ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻲ ڪﺎڳرن ﻣﺎﻥ
ڏﻭڪڙ ﭠﺎﮬﮡ ﺟﻮ ﺟﺎﺩﻭ ﺳِﮑِﻲ ورتو آهي،
هنن کي هاڻ
نہ ڪنڌ نميل ماڻھن جي پرواھ آهي
۽ نہ ڪر کڻي، سينو تاڻي بيٺل کيرٿر جي..
هنن مستقبل جا هٿ وڍي
پنھنجون آڱريون گيھ ۾ ٻوڙر ڇڏيون آهن!
سردارن جي پڳن جي ورن ۾
دلالن جي مُڇن جو ور بہ شامل ٿي ويو آهي
۽ ﺟِﻦَ ﮐﻲ ﺑﻨﺪ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﻱ ﺑﻮﺗﻞ ۾
ﺟِﻦَ، ﻣﮭﺎﻧﮕﻮ ﺷﺮﺍﺏ ﭜﺮَﻱ
ﺍﻻﺩﻳﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﺪﮬﻮﺵ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ﺁﮬﻲ..
۽ ﭘﺎﮠ ﺑﺪﻣﺴﺖ ﭤِﻲ
ﺑُﮑﺌﻲ ﮬَﭕَﮁِﻲ ﺳُﻮﭔَٽ ﻭﺍﻧﮕﺮ
ﺟﺒﻠﻦ ﮐﻲ ﮔﺎﮪ ﺟﻴﺌﻦ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﻭ
۽ ﺑﻠڊﻧﮕﻦ ﺟﻮﻥ ﻭِﭠﻴُﻮﻥ ﻻﺋﻴﻨﺪﻭ
ﺍڳتي ﮄﻭڪﻴﻨﺪﻭ ﭤﻮ ﻭﭸﻲ…
ملير سندس پيٽ ۾
۽ ڄامشورو سندس واڇن ۾ آهي..
ﻫڪ ﭘﺎﺳﻲ، ﭘَﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺩﻳﺲ ڪﻮﮪِ ﻗﺎﻑ
ﺍﻟﻒ ﻟﻴﻠﻲٰ ﺟﻲ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮِﻱ
ﻣﻠﻴﺮ ﺟﻲ ﮄﺭﺗﻲﺀَ ﺗﻲ ﻟﮭِﻲ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ،
۽ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﻓﺮﺩﻭﺱ
ﺑﻴﺎﺑﺎﻥ ۽ ﺑﺮ ﭤﻲ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ…
ﻓﻄﺮﺕ ﮐﻲ ڪﺌﻨﺴﺮ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ
ﻃﺒﻴﺒﻦ ﮐﻴﺲ ﻻﻋﻼﺝ ﻗﺮﺍﺭ ڏﻳﺌﻲ
ﺩﺭ ﺗﺎﻥ ﻭﺭﺍﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ ﺁﮬﻲ،
فطرت هاڻي
کيرٿر جي هنج ۾ ڇڙيون هڻي
آخري پساھ کڻي رهي آهي..
ﻋﺪﺍﻟﺘﻦ ۽ ﺍﻳﻮﺍﻧﻦ ۾ ﻭﻳﭡﻞ
ﺩﺍﺩ ﺟﻮ ﻓﺮﻳﺎﺩ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﺍ ﺩﻳﻮﺗﺎ
ﺧﻮﺩ ﻫِﻦ ﺟِﻦ ﺁڏﻭ ﺳﺮ ﺑﺴﺠﻮﺩ ﺁﮬﻦ..
ڪُﭕﺎ ۽ ﺍﻧﮅﺍ ﻣﺎﮢﮭﻮ
ﭘﻨﮭﻨﺠﻦ ﺋﻲ ﮬﭥﻦ ﺳﺎﻥ
ﭘﻨﮭﻨﺠﺎ ﮬﭣ ﻭﮂﺍﺋَﻲ
ﮬﺎﮠ ﮬﺌﮧ ﺟﺎ ﮬﭣ ﮬﮣﻲ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ…
ﺍﻱ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻳﺲ ﺟﺎ ماڻھؤ!
ڇا ٿا سمجهو
اوڳرائيءَ تي معاملو ختم ٿي ويو!؟
ان اوڳرائيءَ جي قيمت طور
ﺍﭸﺎﻥ ﺗﮧ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﻧﺴﻠﻦ ﺟِﻲ
ﭔَﻠﻲ ﭼڙﮬﮡ ﺑﺎﻗﻲ ﺁﮬﻲ!!!