گڏاپ ۾ مليل سانڊي جهڙو جِيو

حسام ميمڻ

گڏاپ ۾ امر گل جي ڳوٺ اوطاق تي ماني کائي رهيا هياسين تہ هي سانڊي نما جانور اندر اوطاق ۾ گهڙي آيو ۽ مان ماني ڇڏي ڪري ان جون تصويرون ڪڍڻ لڳس. قدرت بہ ڪمال جي شيءِ آهي، جيڏانھن نظر ڦيرجي ٿي هڪ نئون ڪمال نظر اچي ٿو وڃي.

سنڌ جا جابلو علائقا، ريگستاني علائقا، سامونڊي علائقا، ڍنڍن وارا علائقا يا وري اهي علائقا جيڪي سنڌو يا ڪجهہ ننڍن ۽ وڏن واهن جي ويجهو آهن، اتي ڀانت ڀانت جا Species ملن ٿا. گڏاپ جو علائقو سر سبز تہ آهي، پر ان کي ڪجهہ پهاڙي ٽڪرين وارو سلسلو بہ آهي، ايستائين جو متارن جون قبرون بہ ناراٿر نالَي جابلو ٽَڪريءَ تي آهن.

جتي اسين ويٺا هياسين، اها اوطاق بہ جھڙوڪ هڪ قدرتي چراگاھ (Meadow) جي وچ ۾ هئي، ان ئي علائقي ۾ قديم بڙ بہ هيو، جنھن جون جٽائون ڪنهن جوڳيءَ وانگر ايتريون وڌي ويون هيون جو مختلف شاخن وٽان اهي جٽائون ڌرتيءَ تائين اچي رهيون هيون  اسان وٽ Banyan يا Fig Tree جو هڪ عجيب رومانس آهي يا مان وڻن جي رومانس ۾ رهندو آيو آهيان. گڏاپ جي هن علائقي ۾ ڪچي زمين بہ هئي پر ريتيءَ گاڏڙ، تنھنڪري اتي پهاڙي ۽ ريگستاني Species بہ کوڙ آهن.

امر کي مون چيو اهو مون کي سانڊي جو ڪو قسم ٿو لڳي، پر سانڊو ناهي، جنهن کي گرگٽ (ڪِرَئُون) بہ چيو ويندو آهي. امر گل چيو تہ ان علائقي ۾ ان نسل جي ڪرڙي نما جاندار کي "ڳوهيرو” چيو ويندو آهي. اسان وٽ ڳوھ بہ عام جام آهي، پر شھري آبادي وڌڻ جي ڪري، اها شيءِ هاڻي Countryside وارن علائقن تائين محدود ٿي وئي آهي. اها جسامت ۾ بہ سانڊي يا مڪاني انداز ۾ "ڳوهيرو” سڏجندڙ جيو کان وڏي ٿئي ٿي ۽ مون کي جيئن ته Agamas ۽ Geckos جو پتو آهي، تنهنڪري مان ان کي پنھنجي حساب سان Gecko ئي ٿي سڏيو.

سچي ڳالھ اها آهي تہ جڏهن مان هن دفعي دوستن سان گڏجي امر گل ڏي گڏاپ ويس پئي، تہ ان وقت منهنجي ذهني ڪيفيت اها هئي، تہ رڳو امر گل سان ڪچهري ڪبي، ٿڌو نئين ۽ ان تي اڏيل ٿڌو ڊيم گهمبو ۽ پوءِ واپس اچبو، پر اتي جڏهن پھتس تہ منھنجو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اتي گهڻيون ئي شيون هيون، جيڪي Capture ڪرڻ جي باوجود به ڪيپچر ڪري نہ سگهيس. انهن ۾ ڪي گل هيا، ڪي وڻ هيا، ڪي پهاڙي منظر هيا، ڪي Tracks هيا، ڪي پٿر هيا، ڪي چشما هيا، جيڪي ٿڌي نئَين کان هيٺ پهاڙي سلسلي مان وهي رهيا هيا.

گڏاپ سنڌ جي فطري سونھن جي حوالي سان هڪ شاهوڪار علائقو آهي، حڪومت کي گهرجي تہ اتي ڌيان ڏي پر سوچيندو آهيان تہ جيڪي شيون سنڌ ۾ تاريخي يا قدامت جي حوالي سان شاهڪار آهن، انهن کي ئي اسين سنڀالي ناهيون سگهيا تہ نين جاين کي وري ڪٿان Establish يا Enhance ڪيو ويندو!

خير، مان واپس ان ئي جيو ڏانهن ٿو اچان، جنهن مانيءَ وقت منهنجو ڌيان ڇڪايو هو، جنھن کي مان سانڊي جو قسم يا انگريزيءَ ۾ Gecko ئي سمجهان ٿو. لفظ ڳوھ مان اهو لفظ ڳوهيرو بڻايو ويو آهي، پر ان جي ساخت ۽ جسامت جي حوالي سان يعني Structure جي حوالي سان ڪجهہ هڪجھڙائي آهي، پر اها پڪ اٿم تہ اهو ”ڳوھ“ جو ننڍو ٻچو ناهي. پر مڪاني ماڻهو اسان وٽ شين کي جيڪي پنھنجي طرفان نالا ڏيندا آيا آهن، اهي غير سائنسي آهن، اسان کي مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن اهڙين Species جا Botanical Ids ملن ۽ انهن جي Family ۽ Order جو پتو پوي تہ پوءِ انهن تي RESEARCH ڪرڻ سولو ٿي پوندو آھي.

ھن جيو جي بناوت ۾ ھن جو پڇ ھن جي قد جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو ڊگھو آھي، مصر، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ اھڙي جيوت آھي، جھڙوڪ مصر جي پاسي Sinai Agama موجود آهن، انهن جا پير ۽ هن گڏاپ واري جيو جي بناوت هڪ جھڙي آهي، پر پوءِ بہ ڪجهہ ڪجهہ فرق نظر آيو.

اسان کي افسوس آهي تہ اسان وٽ ان حوالي سان ڪو ڪم نہ ٿيو آهي، جي ٿيو بہ آهي، تہ نالي ماتر، تنهنڪري قدرت جي ڪارخاني ۾ انھن جي اهميت آهي، پر اسان وٽ انهن شين ڏانهن ڌيان ناهي ۽ اهو سچ تہ افسوسناڪ آهي!

منهنجي ذهن ۾ آيو تہ جيئن تہ هن جو پڇ ڊگهو آهي، ان ڪري مون Long Tailed Lizard جي Tag هيٺ ڳولھا ڪئي تہ پتو پيو تہ لاهور ۾ بہ اهو جيو ملي ٿو ڪنھن همراھ Flickr تي ان جي هڪ تصوير رکي هئي، پر مان هتي رڳو گڏاپ واري جيو جي تصوير رکي آهي. ياد رهي ته هڪ Research مطابق پاڪستان ۾ اهڙي جيون جا 85 قسم ملن ٿا ۽ شايد هڪ اهڙو ئي جيو سنڌ ۾ خاص ٿئي ٿو، جنهن جي بناوت ٻين کان ڪجهہ منفرد آهي، پر ان جي تصوير نہ ملي سگهي. ان جو نالو Sind Gecko آهي ۽ وڪي پيڊيا ان جي هڪ سٽ ۾ هيئن وضاحت ڏني آهي:
Crossobamon orientalis, commonly called the Sind gecko, is a species of gecko, a lizard in the family Gekkonidae. The species is endemic to South Asia.

اسان کي انھن شين تي لکڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان کي اھو پتو ھئڻ گھرجي تہ اسان جي سنڌ، اسان جي علائقي ۽ اسان جي صوبي ۾ ڪھڙي ڪھڙي جيوت موجود آھي. هي مضمون مون پنھنجي مطالعي ۽ مشاهدي آڌار لکيو آهي، اميد ٿو ڪريان تہ جن دوستن کي ان حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ آهي، اهي ضرور ان موضوع تي لکندا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close