زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

8- زندگي جو اھم ترين موڙ

1942ع جي ڳالھ آهي، خميس جو ڏينهن ھو، مھينو ۽ تاريخ ياد ناھي، دادر وڃڻ لاءِ آئون چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تي بيٺو ھئس، آئون اتي ڪنھن سان ٺيڪي بابت ڳالھائي رھيو ھئس. ٺيڪو فوجي ڇانوڻي کي ڪاٺ جون کٽون سپلائي ڪرڻ جو ھو ۽ انھي لاءِ دادر ۾ ڪنھن شخص سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو ھئس. مشھور سائيڪالاجسٽ ڊاڪٽر مساني منھنجي پاسي مان لنگهيو تہ اڳيان وڌي مون ان سان پنھنجو تعارف ڪرايو. ھو بارلوسن ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو ھو. آغا جيءَ سان ڊاڪٽر مساني جي سٺي عليڪ سليڪ ھوندي ھئي. مون کان پڇيائين يوسف اڄڪلھ ڇا پيو ڪرين؟ مون ٻڌايو تہ نوڪري ڪرڻ چاھيان ٿو پر نوڪري نہ ملي تہ ڪاروبار ڪندس. چوڻ لڳو تہ آئون ھن وقت بمبئي ٽاڪيز (مشھور فلم اسٽوڊيو) جي مالڪن سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو آھيان، جيڪڏھن تون چاھين تہ مون سان گڏ ھلي سگهين ٿو، متان اتي توکي ڪو ڪم ملي پئي! آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس، بمبئي ٽاڪيز شھر کان ٻاھر ھئي. اسان ريل ذريعي اتي پھتاسين. بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو خوبصورت ۽ پرڪشش اسٽوڊيو ھو، جيڪو ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل ھو، اتي باغ مختلف قسمن جا وڻ ھئا. اسٽوڊيو جي عمارت ھڪ بنگلي وانگر لڳي رهي هئي. انتھائي وڻندڙ ۽ شاندار ماحول ھو، بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ڏسي منھنجي دل باغ بهار ٿي وئي.

بمبئي ٽاڪيز جي مالڪياڻي ديويڪاراني ھڪ انتھائي خوبصورت عورت ھئي، ھن ڊاڪٽر مساني جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ پوءِ مون ڏانهن ڏٺائين، ڊاڪٽر مساني منھنجو تعارف ڪرايو تہ ھن مون کي نمستي چيو ۽ ويھڻ لاءِ چيائين. ھوءَ مون کي مسلسل ڏسي رھي ھئي، مون کي محسوس ٿيو تہ ھو منھنجي متعلق سوچي رھي آھي. ڊاڪٽر مسانيءَ سان ڪجهہ معاملن تي ڳالھ ٻول ڪرڻ کان پوءِ ديويڪاراني مون ڏانھن نھاريو ۽ ويجهي ويٺل اميا چڪرورتي (مشھور فلم ڊائريڪٽر) سان منھنجو تعارف ڪرايو ۽ مون کان پڇيائين: توھان جي اردو ڪيئن آهي؟ منھنجي جواب کان پھريان ڊاڪٽر مساني منھنجي خاندان، اسان جي پشاور واري رھائش ۽ ھاڻي بمبئي جي رھائش جو تفصيل سان ديويڪاراني کي ٻڌايو. منھنجو تفصيلي تعارف ٻڌڻ کان پوءِ ھو سمجهي وئي تہ منھنجي اردو سٺي ھوندي. ديويڪاراني مون کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ڇا توهان اداڪار ٿيئڻ پسند ڪندؤ؟ اسان جي اسٽوڊيو طرفان توھان کي 1250 رپيا پگھار ملندو. انھي زماني ۾ 1250 رپيا تمام وڏي رقم ھئي. ھڪ لمحي لاءِ تہ مون کي ڪجهہ سمجهه ۾ نہ آيو، مون ڊاڪٽر مساني ڏانھن ڏٺو، ڄڻ چئي رهيو ھجي تہ پيشڪش قبول ڪر، موقعو نہ وڃاء. مون ديويڪاراني کي چيو تہ اھا توھان جي مھرباني آھي، جو توھان منھنجي باري ۾ سوچيو پر اداڪاري ۾ منھنجو تجربو بلڪل بہ نہ آھي. پڇيائين تہ واپار ۾ توھان جو ڪيترو تجربو آھي، مون چيو تہ تجربو تہ واپار ۾ بہ ناھي پر محنت ڪرڻ سان تجربو ٿي ويندو، چيائين تہ محنت تہ ڪرڻي ئي پوندي، پوءِ اُھا محنت فلم ۽ اداڪاري ۾ ڪيو، مون کي ھڪ پڙھيل لکيل خوبصورت نوجوان اداڪار جي ضرورت آھي، آئون ڏسان پئي تہ توھان ۾ سٺي اداڪار ٿيڻ جون صلاحيتون موجود آھن.

ھڪ ٿي ويو ھو، ديويڪاراني ڊاڪٽر مساني کي مانجهاندي جي دعوت ڏني پر ڊاڪٽر منع ڪيو. اسان واپس اچڻ لاءِ اٿياسين. ديويڪاراني جي ڏنل پيشڪش بابت ڊاڪٽر مساني سان ڳالھ ٻولھ نہ ٿي سگهي، ريل جو گوڙ گهڻو ھو. جيڪڏھن ڳالھايون بہ ھا تہ ھڪٻئي جو آواز نہ سمجهي سگهون ھا. گهر پھچي ايوب کي سڀ ڪجهہ ٻڌايم، ھن کي يقين نہ پئي آيو، مون کي چيائين تہ توکي خبر آهي تہ مشھور اداڪار راج ڪپور کي ماھوار 170 رپيا ملندا آهن ۽ توکي ھڪ مھيني جا 1250 رپيا پيا ملن، ايئن نہ ھوندو، ھن 1250 رپيا مھيني جا نہ پر سال جا چيا ھوندا. ايوب جي ڳالھ ۾ وزن ھو ۽ مون کي بہ محسوس ٿيو تہ پگهار بابت مون کي غلط فھمي ٿي آھي. انھن ڏينھن ۾ 100 رپيا بہ وڏي رقم ھئي، پر انھن پئسن سان آغا جي جي مدد نہ ڪري سگهان ھا. آئون سڌو ڊاڪٽر مساني وٽ ويس ۽ ان کي چيم تہ 1250 ساليانو پگهار منھنجي لاءِ گهٽ آھي. ھن کي حيرت ٿي ۽ چيائين تہ اھو ساليانو نہ پر مھيني جو پگهار آھي، پر پوءِ بہ پڪ ڪيون ٿا، ھن انھي مھل ديويڪاراني کي فون ڪئي، ٽيليفون تي ڳالھائڻ دوران ھن جي کلڻ مان سمجهي ويس تہ 1250 ماھوار پگهار آھي.فون رکڻ کان پوءِ ڊاڪٽر مساني مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين جلدي وڃي ڪم سان لڳ.

جمعي جو ڏينهن ھو، نماز پڙهڻ کان پوءِ آئون فل سوٽ ۾ بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ويس. ديويڪاراني پنھنجي آفيس ۾ اڪيلي ويٺي ھئي. مرڪندي منهنجو استقبال ڪيائين ۽ چيائين تہ توھان منھنجي اسسٽنٽ مسٽر آئر سان ملو ۽ نوڪري بابت لکپڙھ ڪيو ۽ ھا جلد کان جلد ڪم جي شروعات ڪيو. توھان سڀاڻي اچو تہ دوستن سان ملاقات ڪرايان.

گهر رات جو دير سان موٽيس تہ امان پڇا ڪئي تہ ايتري دير ڪٿي ھئين. امان کي ٻڌايم تہ 1250 مھيني جي پگهار تي نوڪري ملي آھي، ھاڻي گهر جون سڀ پريشانيون ختم ٿي وينديون، ڀائرن ۽ ڀينرن جي تعليم، گهر جي سيڌَي سامان کان پوءِ بہ ڪافي رقم بچي پوندي. امان بہ ڄاڻڻ گهريو ٿي تہ اھا ڪھڙي نوڪري آھي، جنھن ۾ ايڏو پگهار ٿي مليو. آزادي لاءِ مختلف تحريڪون ھلي رھيون ھيون، ماڻھو پنھنجي ٻولي سان بيحد محبت ڪندا هئا، جڏھن امان کي مون اھو يقين ڏياريو تہ نوڪري منھنجي اردو ۾ بھتر ھجڻ ڪري ملي آھي تہ ھوءَ ڏاڍي خوش ٿي. منھنجي نوڪري جي خبر صرف ايوب کي ھئي، آغا جيءَ کي شروع کان ئي فلمي دنيا کان نفرت ھئي، ھن پيشي تي ھو ھميشہ طنز ڪندو ھو. ھڪ دفعي راج ڪپور جي ڏاڏي کي چيائين تہ يار افسوس آھي، تنھنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻيو ڪو ڍنگ وارو ڌنڌو نہ مليو ۽ ھو اداڪاري پيا ڪن. ٻي ڏينهن آئون پوري تياري سان بمبئي ٽاڪيز ويس. ديويڪاراني راج ڪپور ۽ اشوڪ ڪمار سان منھنجو تعارف ڪرايو، راج ڪپور مون سان ملندي چيو، يوسف تنھنجي پيءُ کي تنھنجي ھن ڪم جي خبر آھي؟ بمبئي ٽاڪيز ۾ نوڪري ملڻ منھنجي لاءِ وڏي خوشقسمتي ھئي. پھرئين ٻڌائي آيو آهيان تہ اسٽوڊيو جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ ھوندو ھو. بلڊنگ، گهٽيون، باغ، آرٽ گئلري سميت ھر شيءِ موجود ھوندي ھئي، اھي سڀ شيون مصنوعي ھونديون ھيون ۽ فلمن جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا، اھي ڪھڙي طرح استعمال ڪيا ويندا هئا، اھا خبر مون کي نہ ھئي. مون کي سڀ ڪجهہ ھتي اسٽوڊيو ۾ سکڻو ھيو. ديويڪاراني مون کي شوٽنگ دوران موجود ھجڻ جو پابند ڪيو ھو. آئون صبح سوير اسٽوڊيو کان پوءِ شوٽنگ واري ھنڌ پھچي ويندو ھئس. منھنجي فلمي دنيا ۾ اچڻ جي ڪري راج ڪپور ڏاڍو خوش ھو پر منھنجي شرميلي ھجڻ ڪري ھو پريشان ھو تہ آئون پنھنجي پاڻ کي ڪيئن ايڊجسٽ ڪري سگهندس. اشوڪ ڪمار کي آئون اشوڪ ڀاءُ چوندو ھئس، ان سان منھنجو تعلق ھميشہ پيار، محبت، عزت ۽ احترام وارو ھوندو ھو. ھو 2001ع ۾ وفات ڪري ويو. اسٽوڊيو ۾ شاھنواز خان سان ملاقات ٿي، ھن مون کي ڏسڻ سان ئي چيو تہ تون پٺاڻ آھين. بغير ڪنھن سبب جي ھروڀرو ٽھڪ ڏيندو هو، شاھنواز خان جي انھي اندازي تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. ٻئي ڏينهن ھن ساڳيون حرڪتون ورجايون ۽ مون کان پڇيائين تہ گهڻا ڀائر آھيو؟ مون جڏھن ٻڌايو 5، تڏھن چيائين 6 بہ کڻي ھجو، مون کي ڇا ڪندؤ… مون کي ھن تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي، مون ھن جي ديويڪاراني سان شڪايت ڪئي تہ ھي جاھل ھن نموني سان مون کي مسلسل تنگ ڪري رهيو آهي، ھن منھنجي شڪايت ٻڌڻ کان پوءِ ڪجهہ نہ چيو، فقط منھنجي پٺي ٺپيندي چيائين: ڪا ڳالھ ناهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. پر سمجهان ٿو تہ منھنجي غير موجودگي ۾ ھن شاھنواز خان کي ڇنڊ پٽي ھوندي، ڇو تہ ٻي ڏينهن تي شاھنواز خان مون کي ڀاڪر پائي معافي گهري ھئي. ھن اھو بہ چيو ھو تہ ڏس ميان فلمي دنيا ۾ اھو سڀ ڪجهہ ٿيندو آهي ۽ اسان سڀ ھڪ ئي تہ آھيون، ٻين لفظن ۾ تہ ھاڻي اھو سلسلو ھلندو رھندو پٽ.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close