رسول بخش پليجو ۽ جناح (حصو ٽيون)

اياز علي

سنڌ ۾، بھرحال، هن وقت، رسول بخش پليجي کي رد ڪرڻ لاءِ جناح کي رد ڪرڻ وارو جو لاڙو ظاهر ٿيو آهي، سو، بنيادي طور، ٽن ذيلي لاڙن تي ٻڌل آهن:

(1) هڪ لاڙو انهي سنڌي ترقي پسند سياسي ڪارڪنن ۽ ليکارين جو آهي، جيڪي پنجابي-مھاجر ترقي پسندن جي ٽراٽسڪي برانڊ واري سوشلزم کان متاثر آهن. انهي لاڙي وارا سنڌي ترقي پسند مشينيت جو شڪار آهن. اهي پنھنجي هم خيال پنجابي-مھاجر ترقي پسندن وانگر مارڪسي سائنس جي قانونن ڏانھن ’ڪاپي ٽو ڪاپي‘ وارو مشيني رويو رکن ٿا. هُنن مارڪسزم کي پڙهيو ته آهي، پر ان جي روح کي سمجهيو ناهي. دراصل، هُنن کي تخليقي مارڪسزم (Creative Marxism) جو ڪو شعور ئي ناهي، ۽ اِهو ئي سبب آهي، جو اهي سمجهن ٿا، ته پاڪستان هڪ سرمائيداراڻو ملڪ آهي، ۽ ان ۾ صرف مزدورن جو طبقاتي انقلاب اچي سگهي ٿو. جڏهن ته، پاڪستان جا معروضي حقائق ان موقف کي رد ڪن ٿا؛ ڇو ته، پاڪستان جو پيداواري تاڃي پيٽو سرمائيداراڻو نه، پر جاگيرداراڻو آهي. ان طرح، پاڪستان اندر سماجي بدلاءَ واري جدوجھد ۾ بنيادي قوت هاري عوام آهي، مزدور ان جو مددگار ساٿي يا اتحادي ته بڻجي سگهي ٿو، پر پورهيت انقلاب جي بنيادي قوت بڻجي نه ٿو سگهي، جو مزدور طبقو، مڪمل طور، مضبوط ناهي ٿيو. ان جو ڪارڻ اهو آهي، ته پاڪستان ۾ سرمائيداريءَ اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي. هتي سرمائيداري پنھنجي عروج تي ناهي پھتي. اها اڃا طاقتور ۽ مضبوط ناهي ٿي. سنڌي ٽراٽسڪي ترقي پسند ان حقيقت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ ۾، جيئن ته، جناب رسول بخش پليجي انقلاب دشمن ٽراٽسڪائي نظريي خلاف وڏي فڪري ويڙهه ڪئي آهي، ۽ پنجابي-مھاجر ٽراٽسڪي ترقي پسندن ۽ سندن هم خيال سنڌي ٽراٽسڪائين جي موقعي پرست فڪري لائين جي قلعي کولي، کين پڌرو ڪري، عوام آڏو ڪمزور ڪيو آهي؛ اُن ڪري، هُنن جي، سنڌ ۾، وڏي لڙائي به رسول بخش پليجي ۽ ان جي فڪرجي خلاف آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو اهي سنڌ ۾ رسول بخش پليجي ڏانھن تعصب تي ٻڌل انتھائي غيرسنجيدو رويو رکن ٿا. اهي هُن جي جناح بابت موقف واري مامري کي اهڙي طرح سان پيش ڪن ٿا، جو ڄڻ انقلابي سياست ۾ ڪنھن غيرانقلابي اڳواڻ جي ڳالھ ڪرڻ وڏو گناهه هجي. دراصل، اهي فڪري طور کوکلا آهن. اهي پرٻُڌڙيا آهن، اهي ’ڍينڊڙا‘ آهن، اهي لڪير جا فقير آهن، اهي مونجهہ ۾ مبتلا آهن. اهي ميڪانيت جو شڪار آهن. هُنن کي جناب رسول بخش پليجي جي سياست ۽ سياسي حڪمت عمليءَ جي گھرائيءَ جي ڪا به خبر ناهي، ۽ اِهو ئي سبب آهي، جو اهي پنھنجي مونجهه، اڻ ڄاڻائي ۽ گمراهيءَ کي جھالت، ٽوڪ ۽ مفروضاتي ڳالهين ۾ تبديل ڪريو ڇڏين ٿا.

(2) ٻيو لاڙو جناب جي ايم سيد جي پيروڪارن جو آهي. اهي سمجهن ٿا، ته جيئن، ته جناب جي ايم سيد، سنڌ ۾، جناح کي رد ڪري چڪو آهي، هُن جناح جي مخالفت ڪئي ۽ هُن کي ’قادو حجام‘ جو نالو ڏنو؛ اُن ڪري، سنڌ ۾، جناح جي ڪنھن به طرح سان حمايت ڪري نه ٿي سگهجي ۽ جيڪو حمايت ڪندو، تنھن جي مخالفت ڪئي ويندي. اتفاق سان، سنڌ ۾، جناح بابت مثبت موقف رکڻ وارو ۽ ان کي سنڌ جي قومي ڪيس جي تناظر ۾ سياسي ڪارڊ طور استعمال ڪرڻ وارو رسول بخش پليجو رهيو آهي. اهم ڳالھ اها به آهي، ته هُو، سنڌ ۾، جناب جي ايم سيد جو سياسي مخالف به رهيو آهي؛ اُن ڪري، ڏٺو وڃي، ته سنڌ ۾ جيڪڏهن جي ايم سيد جي پيروڪارن طرفان جناح جي ’في سبيل الله‘ مخالفت ڪئي وڃي ٿي، ته ان جو محرڪ به رسول بخش پليجي جي مخالفت ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي. رسول بخش پليجي طرفان جي ايم سيد جي مخالفت ڪرڻ ۽ جي ايم سيد جي پيروڪارن طرفان رسول بخش پليجي ۽ جناح ٻنهي کي رد ڪرڻ وارو مامرو هڪ تضادي مامرو آهي. اهو هڪ اهڙو تضاد آهي، جيڪو صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ هوندو آهي. اهو تضاد تيستائين جاري رهندو، جيستائين صحيح، غلط کي مڪمل طور پراجِتُ نه ٿو ڪري.

(3) ٽين لاڙي جا وري ٻه قسم آهن: پھرين قسم ۾ سرمائيداري لاڙو رکندڙ اهي اخباري دانشور شامل آهن، جيڪي وچولي طبقي سان لاڳاپيل آهن. سنڌ ۾ وچولي طبقي جي اڪثريت موقعي پرست، منافق، بي اصول، ڪرپٽ ۽ جُڳاڙي آهي. اها دوغلائپ جو شڪار آهي. دراصل، سنڌ جو وچولي طبقي سان لاڳاپيل ماڻهو اڃا بااصول، ايماندار ۽ ڪميٽيڊ بڻيو ئي ناهي. وچولي طبقي جو ماڻهو، هڪ پاسي، سنڌ بابت، سنڌين بابت، قوم بابت، قومي حقن بابت ۽ قومي جدوجھد بابت وڏيون وڏيون ڳالهيون ته ڪري ٿو، ۽ اخبارن ۾ وڏا وڏا ڪالم ته لکي ٿو، پر ٻي پاسي، اهو قوم دشمن قوتن کان فائدا، مراعاتون، انعام ۽ ايوارڊ وغيره به وٺڻ ۾ ڪا قباحت محسوس نه ٿو ڪري. ان طرح، ان جو اسان وٽ بااصول نه، پر بي اصول ڪردار اُڀري ظاهر ٿيو آهي. دراصل، سنڌ جي وچولي طبقي جو اهو بي اصول، ڪرپٽ، موقعي پرست ۽ جُڳاڙي ڪردار جو نتيجو آهي، جو اڄ نه سنڌ جي قومي تحريڪ پنھنجي ڪاميابيءَ جي پد تي پھتي آهي، ۽ نه وري سنڌ قومي طرح سان گهربل ترقي ڪئي آهي. اڄ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪرپشن آهي، بدانتظامي آهي، ڇڙواڳي آهي، ادارن جي کوٽ آهي، فڪري ۽ شعوري ترقيءَ جي رفتار سُست آهي، ته ان ۾ رياست واري عوامل سان گڏ سنڌ جي وچولي طبقي جو به مجرماڻو ڪردار شامل آهي. سنڌ جو وچولو طبقو جيڪڏهن بااصول بڻجي، وڪري جي مال بڻجڻ کان انڪار ڪري ها، ۽ موقعي پرستيءَ کي رد ڪري ها، ته اڄ سنڌ جي صورتحال مختلف هجي ها. بھرحال، سنڌ جي وچولي طبقي سان لاڳاپيل اهي اخباري دانشور ۽ ڪالم نويس ڪرپٽ هجڻ سان گڏ بي حد متعصب به آهن: اهي رسول بخش پليجي جي نسبت سان به ذاتي تعصب ۽ ڪروڌ ۾ مبتلا آهن؛ ڇو ته، رسول بخش پليجو سنڌ جي ادب جو، سنڌ جي سياست جو، سنڌ جي تاريخ جو، سنڌ جي فڪر جو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جو ايڏو تہ وڏو نالو آهي، جو اهي اخباري دانشور هُن جي مقابلي ۾ ’ڊينڊڙا‘ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي، دراصل، هُن جي قداور شخصيت جي اڳيان سُسي سوڙها ٿي وڃن ٿا، ۽ اِها ئي ڳالھ هُنن کي رسول بخش پليجي سان تعصب رکڻ تي مجبور ڪري ٿي. اهڙي ريت، سنڌ ۾، اخباري دانشورن طرفان جناح بابت جيڪي لغڙائي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، تن پويان به رسول بخش پليجي سان تعصب رکڻ وارو عوامل ڪارفرما آهي. انهي تعصب تحت، اهي، سنڌ ۾، رسول بخش پليجي کي رد ڪرڻ لاءِ جناح کي رد ڪرڻ ضروري سمجهن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي، جو اهي ڪڏهن ڪڏهن امالڪ سُجاڳ ٿي پون ٿا ۽ اخبارن ۾ ٺوٺ جيڏا ڪالم لکي، اها ڳالھ ڪن ٿا، ته جناح غيرجمھوري ماڻهو هو. سنڌ جي قومي سياست ۾ هُن جي ڳالھ نه ڪرڻ گهرجي.

سوال آهي، ته اخباري دانشور، سنڌ ۾، رسول بخش پليجي کي رد ڪرڻ لاءِ جناح کي رد ڇو ٿا ڪن؟ ان جو بنيادي سبب اِهو آهي، ته جناح بابت رسول بخش پليجي وارو موقف حڪمت عمليءَ وارو موقف آهي. حڪمت عمليءَ وارا مامرا انتھائي حساس ۽ نازڪ هجن ٿا. انهن تي حملو ڪري يا انهن کي رد ڪري، مفروضاتي ڳالهيون ڦهلائڻ سان ماڻهن جي اڪثريت سولائيءَ سان گمراھ ٿئي ٿي.

اهڙي ريت، جڏهن رسول بخش پليجو سنڌ جي قومي ڪيس جي تناظر ۾ اهو چوي ٿو، ته جناح جمھوري ماڻهو هو ان ڪري، جناح وارو پاڪستان کپي، ۽ ان جي رد ۾ اخباري دانشور اهو چون ٿا، ته جناح غير جمھوري ماڻهو هو ۽ ان وارو پاڪستان نه گهرجي، ته تڏهن عام ماڻهو ويچارو مونجهاري ۾ اچي وڃي ٿو. هاڻ، جيڪڏهن رسول بخش پليجي جو پيروڪار توڙي عام ماڻهو گمراهه هجي، جناح بابت، رسول بخش پليجي جو مثبت موقف آهي، سو، تڪراري بڻيل هجي، ماڻهو ان کي غلط سمجهي، ماڻهو رسول بخش پليجي جي سياسي حڪمت عملي بابت مونجهه ۾ متبلا هجن، ته ڀلا اخباري دانشورن کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟

ٻيو ته، ان سڄي مامري ۾ رياست وارو عوامل (Factor) به شامل آهي. پاڪستان ۾ خود رياست ان ڳالھ ۾ دلچسپي رکي ٿي، ته جناح کي، ملڪي سطح تي، غيرجمھوري ماڻهو ثابت ڪيو وڃي! ان ڪم لاءِ رياست مختلف علائقن مان مختلف ٿنڪ ٽينڪ جي اهڙن ماهرن ۽ دانشورن کي پنھنجو سھولتڪار بڻائي رکيو آهي، جيڪي مختلف سببن جي بنيادن تي جناح کي پسند نه ٿا ڪن؛ اُن ڪري، هُنن کي ان ڳالھ ۾ آزاد ڇڏيو ويو آهي، ته اهي وڏي واڪي سان اها ڳالھ ڪن، ته جناح غيرجمھوري ماڻهو هو. هُن جي ۽ هُن واري پاڪستان جي ڪا به ڳالھ نه ڪئي وڃي. ان موقف کي رياست طرفان خوب همٿايو ويو آهي. دراصل، انهي موقف ذريعي رياست اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي، ته ملڪ جي مختلف صوبن ۾ قومي سوچ رکندڙ جيڪي سُجاڳ ذهن ماڻهو قومي حقن واسطي ’مضبوط مرڪز‘ کي رد ڪن ٿا، ان کي پنجابي-مھاجر بالادستيءَ جو هٿيار سمجهن ٿا، ان کي قومن جي محڪوميت جو ڪارڻ سمجهن ٿا، ۽ ان ڪري، اهي جناح واري ’محدود مرڪز‘ تي ٻڌل پاڪستان جو مطالبو ڪن ٿا، ته تن کي مختلف دانشور ذريعي اهو ٻڌائجي، ته جناح غير جمھوري ۽ مرڪزيت پسند ماڻهو هو. هُن پاڪستان ۾ غلط فيصلا ڪري، جمھوريت لاءِ پاڻ خطرا پيدا ڪيا، تنھن ڪري، ’مضبوط مرڪز‘ جي خلاف ڳالھ ڪندڙ ۽ قومن جي خودمختياريءَ جو مطالبو ڪندڙ ماڻهو (خاص طور ننڍين قومن جا سُجاڳ ذهن ماڻهو) ماٺ ڪري ويھي رهن ۽ رياست خلاف ڪا به ڳڙ ٻڙ نه ڪن.

ان پيغام ذريعي، رياست تي قابض قوتون، هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪرڻ چاهين ٿيون:

هڪ اهو ته جناح کي جيڪڏهن پاڪستان ۾ غيرجمھوري ماڻهو طور پڌرو ڪيو ويندو، ته ان سان، ان ڳالھ کي منطقي جواز ملندو، ته ملڪ جو باني جڏهن غيرجمھوري ماڻهو هو، ته پوءِ هيءَ جيڪو ملڪ تي پنجابي-مھاجر بالادست قوتن جو غيرجمھوري قبضو آهي، سو جائز آهي. ان خلاف آواز اٿڻ نه گهرجي

ٻيو اهو ته، رياست جي انهي موقف ذريعي، سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي فڪر سان سلھاڙيل قومي اڳواڻ رسول بخش پليجو، جناح بابت ۽ هُن جي پاڪستان بابت جيڪو مثبت موقف رکي، رياست ۽ ان جي بالادست قوتن تي حملو (Attack) ڪري ٿو، سو حملو جوابي حملي (Counter Attack) جي زد ۾ اچي ويندو ۽ اهو بي اثر ٿي ويندو.

آخري تجزيي ۾، اهو چئي سگهجي ٿو، ته رياست پنھنجي اسٽريٽجڪ مفادن لاءِ جناح واري مامري تي اخباري دانشورن جي سھولتڪاريءَ مان فائدو حاصل ڪيو آهي. رياست، هنن اخباري دانشورن ذريعي، سنڌ ۾، رسول بخش پليجي کي رد ڪرائڻ لاءِ جناح کي رد ڪرائڻ ضروري سمجهيو آهي

بھرحال، ان ٽين لاڙي جو ٻيو قسم وري اهڙن اخباري ڪالم نويسن تي ٻڌل آهي، جيڪي سنڌ ۾ رسول بخش پليجي جي موقف کي مفلوج ڪرڻ لاءِ جناح جي صرف پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ واري تڪراري پاسي تي تنقيد ڪن ٿا. سنڌ جي قومي سوال بابت جناب رسول بخش پليجي جي جا حڪمت عملي آهي، ان سان هُنن جو ڪو سروڪار ناهي. اهي’آزاد‘ آهن. اهي ’غيرجانبدار‘ آهن. اهي ’معروضيت پسند‘ آهن. اهي ڪنھن به اصول جا پابند نه آهن. اهڙي ريت، جناح تي، هُنن جي جا تنقيد آهي، سا تجريدي تنقيد آهي؛ جدلياتي تنقيد ناهي، مثال طور: جدلياتي تنقيد جو اهو بنيادي اصول آهي، ته ان ۾ ڪنھن به ڳالهه، شي يا لقاءَ جي منفي پاسي کي رد ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي مثبت پاسي کي اُڀاريو ويندو آهي، ته جئين، ان مثبت پاسي کي انسان ذات جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ ۽ ان جي ڪنھن ڪارج لاءِ استعمال ڪري سگهجي. ڪارل مارڪس جو طريقي ڪار اهڙو ئي هو. هُن پاڻ کان اڳ وارن سوشلسٽ مفڪرن سينٽ سائيمن، فوريئر، رابرٽ اووين ۽ ٻين کي مڪمل طور رد نه ڪيو هو. هُن، هُنن ڏانھن جدلياتي رويو رکيو هو. هُنن تي جدلياتي نوع واري تنقيد ڪئي هئي. دراصل، مارڪس، جدلياتي شعور سان، خيالي سوشلسٽ مُفڪرن جي ويچارن مان وڏو فائدو ورتو هو. هُنن جي مثبت پاسي کي قبول ڪيو هو ۽ سندن خيالي ڪمزور پاسي کي رد ڪيو هو. اهڙي طرح، هُو ’سائنسي سوشلزم‘ واري نظريي ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو. اهو هُن جو هڪ وڏو فڪري ڪارنامو به هو، ۽ اهو ڪارنامو هُن جدلياتي تنقيد ذريعي سرانجام ڏنو هو. بدقسمتيءَ سان، اسان جا اخباري دانشور انهي جدلياتي تنقيد واري سمجهه کان محروم آهن! اهي جناح تي جڏهن تنقيد ڪن ٿا، ته تڏهن اهي مڪمل طور تجريديت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. اهي صرف جناح جي پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ واري ڪمزور پاسي تي زور ڏين ٿا ۽ چون ٿا، ته جناح پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ غلط فيصلا ڪري، پاڻ کي غيرجمھوري ماڻهو ثابت ڪيو. برابر اهو درست آهي، ته جناح پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ڪجهه تڪراري فيصلا ڪيا، پر اهو هُن جو ڪمزور پاسو آهي، جيڪو هڪ سال جي بنهه مختصر دور تي ٻڌل آهي. (ياد رهي، ته جناح 1947ع ۾ پاڪستان ٺاهي، 1948ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.) جڏهن ته، هُن جو مثبت پاسو وڏو ۽ ڊگهو رهيو آهي، جيڪو 1906ع ۾، ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ کان وٺي 1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ واري لڳ ڀڳ 40 سالن جي عرصي تي ٻڌل آهي. هُن جو اهو پاسو هُن جي ڪمزور پاسي کان وڌيڪ طاقتور رهيو آهي. اهو هُن جو وڏو ۽ ڊگهو پاسو آهي. اهو پاسو هُن جو انتھائي مثبت پاسو به آهي؛ ڇو ته، هُن پنھنجي انهي ڊگهي دور ۾ ڪانگريس سان جمھوريت بابت، مرڪز بابت،آئين بابت، اقليتن بابت، صوبن بابت، هندن ۽ مسلمانن جي برابريءَ بابت زبردست جمھوري اختلاف رکيا. هُن ڪانگريس جي هڪ ’ماڻهو: هڪ ووٽ‘ واري روايتي جمھوري اصول کي رد ڪيو، جو ان کي قبول ڪرڻ سببان، گڏيل هندوستان ۾، مسلمانن سميت سمورين اقليتن مٿان هندو بالادستي قائم ٿيڻ جو امڪان هو. هُو جمھوريت پسند هو. هُو اهڙي جمھوريت جو حامي هو، جنھن ۾ منصفاڻي آئين تحت، اقليتن کي خاص مراعاتون ڏيڻ ۽ هنن کي اڪثريت جي برابر آڻڻ جو تصور هو. هُن ڪانگريس جي ’مضبوط مرڪز‘ کي به رد ڪيو هو. هُن، هڪ اهڙي ’محدود مرڪز‘ جو مطالبو ڪيو هو، جنھن ۾ صوبن جي خودمختياريءَ سان گڏ هندن ۽ مسلمانن ۾ برابري قائم ٿيڻي هئي، پر ڪانگريس، ان بنياد تي، جناح سان ڪو به ٺاهه ڪرڻ لاءَ تيار نه هئي، جنھن سببان، جناح کي نه چاهيندي به، پاڪستان ٺاهڻ واري اسڪيم ڏانھن رجوع ڪرڻو پيو. بھرحال، اهو جناح جي سياست جو هڪ وڏو مثبت پاسو رهيو آهي، اُن ڪري، هڪ ته، جدلياتي تنقيد جي اصول کان هُن جي مثبت پاسي تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کي اُڀارڻ سان هُن سان صحيح انصاف ڪري سگهجي ٿو: ۽ ٻيو ته، هُن جي سياست جو اهو مثبت پاسو سنڌ جي قومي جدوجهد کي لاجسٽڪ سپورٽ (منطقي مدد) به مھيا ڪري ٿو، پر اسان جا اخباري دانشور جناح تي تنقيد دوران هُن جي سياست جو جيڪو وڏو ۽ ڊگهو دور رهيو آهي ۽ جيڪو نھايت جمھوري ۽ مثبت رهيو آهي، ان کي، بي ايمانيءَ سان، نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ هُن جي صرف انهي تڪراري دور تي وڌيڪ زور ڏين ٿا، جيڪو پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ هڪ سال جي مختصر عرصي تي ٻڌل آهي. اها، دراصل، دانشورانه بدديانتي ۽ جدلياتي شعور کان وانجهيل تجريديت آهي، جنھن ذريعي جناح سان ڪو انصاف نه ٿو ڪري سگهجي. هُن سان جيڪڏهن انصاف ڪرڻو آهي، ته هن ڏانھن ٺوس جدلياتي رويو رکڻو پوندو. ان طرح، هُن جي مختصر تڪراري پاسي جي به ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ته وري هُن جو جيڪو مثبت ڊگهو پاسو رهيو آهي، ته ان جي به ايمانداريءَ سان اپٽار ڪرڻ گهرجي، ۽ جئين ته، جناح جو تڪراري پاسو نه، پر هُن جو مثبت پاسو، جيڪو، بنيادي طور تي، ڪانگريس سان جمھوري اختلافن تي ٻڌل هو، سنڌ جي قومي ڪيس ۽ قومي جدوجهد کي لاجسٽڪ سپورٽ ڏئي ٿو؛ اُن ڪري، سياسي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان رسول بخش پليجي، جھڙي طرح سان، سنڌ ۾ جناح جي سياست جي مثبت پاسي کي اُڀاريو، ۽ هُن جي ڪمزور پاسي کي رد ڪيو ۽ ان تي زور نه ڏنو، ته اهو سڀ ڪجهه نه رڳو جدلياتي تنقيد جي بنيادي اصول پٽاندر هو، پر اهو مارڪس جي طرز وارو هڪ سائنسي طريقي ڪار به هو، جنھن سان سنڌ جي قومي ڪيس کي فائدو مليو ٿي.
ٻيو ته، جناب رسول بخش پليجو مارڪسوادي ته هو، پر هُن سنڌ ۽ پاڪستان جي معروضي حقائق جي روشنيءَ ۾ قومي فڪر کي اوليت ڏني هئي. هُن جي اها اوليت خالص قومپرستيءَ جي قدر تي ٻڌل نه هئي؛ ڇو ته، هُو، فڪري طور، مارڪسوادي هجڻ سببان بين الاقواميت پسند به هو. اهڙي ريت، هُو مارڪس جي پورهيت بين الاقواميت (Proleterate Internationalism) جو پيروڪار هو. هُو عليحدگي پسند نه هو. هُن جو قومي فڪر يا هُن جي قومپرستي قومن سان اتحاد ڪرڻ واري هئي، قومن کان ڌار ٿيڻ واري نه هئي. دراصل، هُن جي قومپرستي دنيا جي پورهيت طبقن کي پاڻ ۾ ملائڻ واري قومپرستي هئي. هُن جي قومپرستي سامراج دشمن قومپرستي هئي، ان طرح، ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته جناب رسول بخش پليجي جي قومپرستي، جئين ته، عليحدگي جي اُبتڙ، دنيا جي قومن سان اتحاد ڪرڻ واري، پورهيت طبقن کي پاڻ ۾ ملائڻ واري ۽ گڏپ ۾ رهڻ واري قومپرستي هئي، اُن ڪري، هُن جي اها قومپرستي ’سوشلزم‘ واري مقصد کي حاصل ڪرڻ واري قومپرستي هئي. ان ’سوشلزم‘ کي تقويت پھچائي ٿي. ان ’سوشلزم‘ جي نمائندگي ڪئي ٿي. ياد رهي، ته سوشلزم واري سائنسي نظريي جو مقصد دنيا جي سمورين قومن ۽ طبقن ۾ فرق ختم ڪري، هر قسم جي ڦرلٽ ۽ استحصال جون پاڙون پٽي، انسان ذات کي اجتماعي زندگيءَ جي ڪارج ڏانھن وٺي وڃڻ آهي. ان لاءِ قومن کان ڌار ٿيڻ يا عليحدگي اختيار ڪرڻ بدران قومن سان اتحاد ڪرڻ کي ضروري سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي ريت، سنڌ ۾ جناب رسول بخش پليجي جو جيڪو قومي فڪر هو يا هُن جي جا قومپرستي هئي، سا مارڪسي فڪر سان هٿياربند هئي ۽ اهو ئي سبب هو، جو قومپرست هجڻ جي باوجود، هُن، قومپرستيءَ جي عليحدگي پسند لاڙي کي پسند نه ٿي ڪيو. هُن جا سنڌ جي هڪ وڏي سياستدان جناب جي ايم سيد سان به اختلاف ان ڪري پيدا ٿيا، جو هڪ ته، جناب جي ايم سيد قومپرستيءَ جي عليحد پسند لاڙي جو قائل هو. هُن سنڌ ديش جو نعرو هڻي، ڌار ٿيڻ جو مطالبو ڪيو هو: ۽ ٻيو ته، هُو، بنيادي طور، مارڪسوادي سياستدان به نه هو ۽ ان ڪري، هُن جو قومي فڪر، طبقاتي فڪر (سوال) سان به ڳنڍيل نه هو. جڏهن ته، جناب رسول بخش پليجو، هڪ ته، مارڪسوادي سياستدان هو: ۽ ٻيو ته، هُن سنڌ ۽ پاڪستان جي معروضي حالتن جي جبر هيٺ جنھن قومي سوال جي ڳالهه ڪئي، سو قومي سوال، هُن جي قومي سياست ۾، دراصل، جدلياتي طور، طبقاتي سوال سان به ڳنڍيل هو. ان طرح، ڏٺو وڃي، ته جناب جي ايم سيد ۽ جناب رسول بخش پليجي جي فڪر جي وچ ۾ وڏو جدلياتي تضاد موجود هو. انهي تضاد هجڻ سببان، هُنن ٻنهيءَ جو گڏ هلڻ مُمڪن نه هو ۽ اهو ئي سبب آهي، جو ٿوري وقت تائين گڏ هلڻ کانپوءِ رسول بخش پليجو، جناب جي ايم سيد کان ڌار ٿي ويو. اهڙي ريت، هُن، مڪمل طور، پنھنجو ڌار سياسي رستو ٺاهي ورتو: ٻيو ته، رسول بخش پليجي جي قومي فڪر ۽ قومپرستيءَ کي جدلياتي طرح سان نه سمجهڻ سببان ڪي عقل جا انڌا هُن تي نسل پرستيءَ جو به الزام هڻن ٿا. دراصل، هُنن کي پاڻ اِها خبر ناهي، ته قومپرستي ۽ نسل پرستي ۾ ڪھڙو بنيادي فرق آهي؟ رسول بخش پليجي جي قومپرستي نسل پرستيءَ واري قومپرستي نه، پر قومن جي آزاديءَ جو احترام ڪرڻ واري قومپرستي هئي. اهڙي طرح، هُو هڪ قوم دوست قومپرست هو. اهو برابردرست آهي، ته هُو لفظ قومپرست ۽ قومپرستيءَ جي خلاف هو؛ ڇو ته، انهن لفظن مان پرستش+ پوڄا + انڌي تقليد واري معنى نڪري ٿي، ان ڪري، هُن پاڻ کي ڪڏهن به قومپرست قرار نه ڏنو. هُو، دراصل، پنھنجي سياست ۾، پنھنجي عمل ۾، پنھنجي فڪر ۾ ۽ پنھنجي جدوجهد ۾ هڪ وڏو قوم دوست سياسي مُفڪر هو. هُو مارڪسوادي هجڻ ڪري، دنيا جي سمورين مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن سان پيار ڪرڻ وارو هڪ سُجاڳ ذهن انسان هو. هُو نه رڳو پنھنجي قوم جي خودمختيار جو مطالبو ڪندڙ هو، پر دنيا جي سمورين قومن جي خودمختياري جو احترام ڪندڙ به هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هُن عليحدگي پسند نظريي کي به رد ڪيو هو، هُن پاڪستان جي وفاق اندر سمورين قومن سان برابريءَ جي بنياد تي رهڻ واري قومي سياست کي ترجيح ڏني هئي. هُن جي سموري قومي جدوجهد هُن جي قومن جي احترام ڪرڻ واري قوم دوست فڪر جي عڪاس رهي آهي؛ اُن ڪري، هُن جي سياست لاءِ، هُن جي جدوجهد لاءِ، هُن جي فڪر لاءِ ۽ هُن جي شخصيت لاءِ نسل پرستيءَ جو لفظ استعمال ڪرڻ بڪواس ڪرڻ، هُن کي بدنام ڪرڻ ۽ هُن سان خدا ڪارڻ وير رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي؛ ڇو ته، نسل پرست ماڻهو اهو هوندو آهي، جيڪو پنھنجي قوم کي عظيم ۽ ٻين قومن کي حقير سمجهندو آهي. اهو صرف پنھنجي قوم جي مھانتا جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ ان کي ئي دنيا جي قومن تي حڪمراني ڪرڻ جو حقدار سمجهندو آهي. اهو قومن جي آزادي ۽ خودمختياري جو احترام ناهي ڪندو. اهو، بنيادي طور، قومن سان نفرت ڪرڻ واري شائونسٽ سوچ رکندوآهي. جرمنيءَ جو هٽلر (1889ع-1945ع) ان جو هڪ وڏو مثال آهي. هُن پنھنجي نسل پرست قومپرستيءَ سببان نه رڳو پنھنجي قوم کي تباهه ڪيو، پر دنيا جي ٻين ڪيترن ئي قومن کي به ناس ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو. تاريخ ۾ ان قسم جي هٽلر واري نسل پرست ۽ تنگ نظر قومپرستيءَ جي ڪا به اهميت ناهي؛ اُن ڪري، هٽلر واري نسل پرست قومپرستي ۾ ۽ جناب رسول بخش پليجي جي قومن جو احترام ڪرڻ ۽ قومن سان اتحاد ڪري، گڏجي رهڻ واري روشن خيال قوم دوست قومپرستيءَ کي هڪ بڻائي پيش ڪرڻ جھالت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

پورو ٿيو

(اياز عليءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب: ’رسول بخش پليجي جو فڪر ۽ نظريو‘ تان کنيو ويو)


رسول بخش پليجو ۽ جناح (حصو پھريون)

رسول بخش پليجو ۽ جناح (حصو ٻيو)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close