ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-14

گل حسن ڪلمتي

شاھ لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ سسئيءَ جي واٽَ سان ڪيل سفر

پنهونءَ جو قافلو ڪيچ کان جڏهن سنڌ طرف آيو، تہ ڪانياري ڪوٽ ۽ لياريءَ کان سونمياڻي بندر ۽ پوءِ سنگهر، پٻ جو رستو اختيار ڪري ڀنڀور ويو هئو، ۽ واپسيءَ ۾ پنهونءَ جي ڀائرن سَنگهر کان پوءِ ”ڪڇن“ وارو رستو اختيار ڪيو ۽ سسئي بہ انهيءَ واٽ تان هلي هئي.

ٻہ اڌ ٿيل جبل کان اڳتي شورداڻ جبل آهي، جنهن جي سامهون ”وندر“ ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي جابلو سلسلو آهي. نئن ۽ جبل جي وچ واري علائقي کي ”ڪڇ“ سڏبو آهي. اهو علائقو عالياڻي ٻُرن جو آهي. پراڻو رستو انهيءَ ڪڇ واري علائقي کان وندر ۽ بالاڪوٽ ڏانهن ويندو هو. جيڪي قافلا سونمياڻيءَ ويندا هئا، اُهي وندر وارو رستو اختيار ڪندا هئا.

,عالياڻي وارو ڪڇو

هتي ”ڪڇ“ يا ”ڪڇو“ مختلف نالن سان سڏجن ٿا، جيڪي هي آهن: ”موٽئي وارو ڪڇ،“ ”عاليءَ وارو ڪڇ“ ۽ ”ٿوهر ٻري وارو ڪڇ.“ سسئي بہ انهيءَ ڪڇن واري واٽ سان ”وندر“ ڏانهن وئي هئي. سڪندر اعظم جي فوجن جو بہ جيڪو رستو آهي، اهو بہ ڪجهہ مفاصلي تي انهيءَ رستي سان گڏوگڏ هلي ٿو. سنڌ مان ايندڙ يا سنڌ ڏانهن ويندڙ قافلا، جن کي سونمياڻي بندر ڏانهن وڃڻو نہ هوندو، اُهي بہ بالاڪوٽ کان سَنگهر ۽ پٻ وارو رستو اختيار ڪندا هئا. پنهونءَ جو قافلو ڪيچ کان جڏهن سنڌ طرف آيو، تہ ڪانياري ڪوٽ ۽ لياريءَ کان سونمياڻي بندر ۽ پوءِ سنگهر، پٻ جو رستو اختيار ڪري ڀنڀور ويو هئو، ۽ واپسيءَ ۾ پنهونءَ جي ڀائرن سَنگهر کان پوءِ ”ڪڇن“ وارو رستو اختيار ڪيو ۽ سسئي بہ انهيءَ واٽ تان هلي هئي.

اسان بہ انهيءَ ويران ۽ ڀڙڀانگ رستي تان ٿيندا وندر واري علائقي پهتاسين، تہ ڳوٺ اسحاق ٻرو جي ڳوٺاڻن سان ڪچهري ٿي، جن ٻڌايو تہ هاڻي هتي، جتي ”ڀمبنڙ ٻرو ڳوٺ“ آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ مسافرخانو هوندو هو. مسافر اتي اچي ترسندا هئا. پيئڻ لاءِ پاڻي ”وندر نئن“ مان هڪ ڪسيءَ (واھ) وسيلي هتي پهچائيو ويندو هو. اها جاءِ سنگهر پٻ کان 21 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ پاسي وندر نئن جي ويجهو آهي. مسافرخاني يا قافلا سراءِ جا نشان مٽجي چڪا آهن. وندر جي زرعي باغن جي ڪري پراڻو رستو ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي زرعي زمينن کان پڪا رستا ٺهي چُڪا آهن، پر وندر نئن اُڪرڻ وارو لنگهہ اڃا اهو ئي پراڻو آهي.“

وندر:
شاهه لطيف ”سسئي پنهون“ جي داستان ۾ ”وندر“ جو ذڪر 25 ڀيرا ڪيو آهي.

وِندُرِ وَرَ ڏنَام، ڪيچيَن ڪَارَڻ ڪيترا،

هُو جي وڻ وَندُر جا، ماريندا مُون کي.

وندر ان دور ۾ جهنگ هوندو هئو، جتي وڏا وڻ ۽ ور هوندا هئا. هاڻي وندر سائو ستابو آهي. وندر ۾ وندر نئن وٽان لنگهہ هاڻوڪي عيسيٰ واري باغ لڳ آهي. وندر نئن کان پوءِ ٻانڌڪيءَ جو علائقو آهي. ڪنراچ ۽ ڌُڌُر وارو رستو هتان گذري ٿو. پراڻو رستو هتان سڌو ”بالاڪوٽ“ ويندو هو، پر هاڻي باغن جي ڪري اهور ستو ختم ٿي چڪو آهي.

,وندر نئين وچان گذرندڙ رستو.

انهيءَ رستي سان پير مُگر وارو مقام آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي، تہ جڏهن بالاڪوٽ تباهه ٿيو، تہ قافلا پير مُگر واري مقام واري جاءِ تي ترسندا هئا.

پير منڱر جتي ڪنھن وقت ۾ قافلا سرائي ھوندو ھو

اسان جي تحقيق يا اندازي موجب، سسئيءَ کي ستين رات وندر ۾ پئي. هوءَ بالاڪوٽ جي ڪنهن مسافرخاني يا آس پاس ڪنهن ڳوٺ ۾ رهي هوندي. اهو مفاصلو کَرپلاڻ لڪ، جتي سسئيءَ ڇهين رات گذاري هئي، 30 ڪلوميٽر آهي. بالاڪوٽ ڀنڀور کان 147 ڪلوميٽر آهي. بالاڪوٽ جو ذڪر تفصيل سان اڳ وارين قسطن ۾ ڪري آيو آهيان.

پراڻو رستو بالاڪوٽ کان ڳوٺ غلام قادر اڱاريو کان اڳتي ڀٽاڻو نيروئي ڏانهن وڃي ٿو. هاڻي آر. سي. ڊي هاءِ وي کان نئون کڙڪيرو ڌُڌُر روڊ ٺهيل آهي. پراڻو رستو ڳوٺ غلام قادر اڱاريو تائين ختم ٿي چڪو آهي.

ڀٽاڻي ۾ بالا واريون روميون

پراڻو رستو، جيڪو غلام قادر اڱاريو ڳوٺ ”ڄوڙا“ (هاڻي ڪوسٽل هاءِ وي زيرو پوائنٽ) تائين آهي، آر. سي. ڊي هاءِ وي جي ”وٽو پل“ تائين، ميلن ۾ واريءَ جا دڙا آهن. واريءَ جي ڀٽن جي ڪري اهو علائقو ”ڀٽاڻو“ سڏجي ٿو. هتي اڱاريا رهن ٿا. ڀِٽن جي ڪري انهن کي ”ڀِٽائي اڱاريا“ چون ٿا. هتي راڌن اڱارين جو پراڻو چوڪنڊي طرز جو قبرستان آهي، جنهن ۾ پٿر جون گهاڙي چٽساليءَ واريون 450 کان مٿي قبرون آهن. وڏي واٽ انهيءَ قبرستان وٽان لنگهي اڳتي ويندي هئي. واريءَ جي ڪري ڪنهن دور ۾ هن علائقي کي ”بر“ به چيو ويندو هو. شاهه لطيف سسئي پنهونءَ واري داستان ۾ 16 ڀيرا ”بر“ جو ذڪر ڪيو آهي.
”اُڀرَئو آفتاب، برهمڻ کي بَر ۾.“

بر وارو علائقو جنھن جو ذڪر ڀٽائي صاحب ڪيو آهي

اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته، سسئيءَ کي ستين رات بالاڪوٽ لڳ پئي. رات هتي رهي هوءَ صبح جو سوير رواني ٿي ۽ ”بر“ پهتي، جتي کيس سج اُڀريو. ان جي شاهدي ڀٽائيءَ سائينءَ جي مٿئين سٽ مان ملي ٿي.
پراڻو رستو هاڻوڪي آر. سي. ڊي هاءِ وي تي ٺهيل ”وٽو پل“ وٽان اڳتي لياريءَ ويندو هو. هاڻي رستي جي ڪري ماڻهو ڄوڙا (زيرو پوائنٽ) کان لياري ۽ گوادر ڏانهن سفر ڪن ٿا.
وٽو يا ڄوڙا پل؛ وندر شهر کان 25 ڪلوميٽرن تي آهي. هتان زيرو پوائنٽ 05 ڪلوميٽر آهي.



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close