ابراهيم منشي عوامي ۽ قومي شاعر (31 جولائي 2003ع وفات جي ڏينهن جي حوالي سان)

عزيزالله خاصخيلي (ميرپورخاص)

ڪي ماڻهو دنيا ۾ ٿوري وقت جي لاءِ ايندا آهن ۽ ان ئي ٿوري وقت ۾ ڀرپور زندگي جيئدا آهن، خوشيون ماڻيندا آهن ۽ خوشيون ونڊيندا آهن. ابراهيم منشي انهن مان، ئي ھڪ سنڌ جو هڪ عوامي ۽ قومي شاعر آهي جيڪو هڪ ئي وقت ۾ گھڻ پاسائين شخصيت هو، هن دوستيون نڀايون ته محبتون به ماڻيون. علم ادب ۽ سياست سان به سلهاڙيل رهيو.

ابراهيم منشي 15 جنوري 1934ع ٽنڊومحمد خان جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق منشي هو. سندس والد اسحاق منشي مولود لکندو هو ابراهيم منشي جو والد 1945ع ۾ سلهه جي بيماري وگھي گذاري ويو. ان وقت ابراهيم منشي جي عمر 11 سال هوئي، چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندو. والد صاحب جي وفات کان پوءِ هو پنهنجي پڙهائي اڳتي جاري رکي ڪونه سگھيو. تنهنڪري ابراهيم منشي پڙهائي ڇڏي، 12 سالن جي عمر ۾ هڪ گڏهه وٺي، ان تي واپار شروع ڪيو. ”ٻني جي مياڻ“ کان پلا کڻي ڳوٺن ۾ کپائڻ ۽ مختلف قسمن جو سامان ميوات، ڀاڃيون وغيره وڪڻي گذرسفر شروع ڪيو.

ابراهيم منشي 1949ع ڌاري رومانٽڪ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشي غريب طبقي سان واسطو رکندو هو پر جيئن شعور وڌندو ويس، تئين سوچ ۽ لوچ عجيب پاسا بدلايا. 1960ع ڌاران هڪ ٺيڪيدار وٺ منشي ٿي بيٺو، تنهنڪري هن تي منشي جو نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ سندس تخلص طور مشهور ٿيو.

انساني حالتن، طبقاتي ڇڪتاڻن ڏاڍ ۽ اڻ برابريءَ، ظلم ۽ تشدد، هاري زمينداري حساب ڪتاب، لچاين، بدمعاشين، ٺڳين تي ويهي سوچيندو هو ته اهي ڇو آهن…؟ اهي سوچ جو پيڙائون کيس سمهڻ ئي نه ڏينديون هيون!

ابراهيم منشي جي شاعري 1965ع کان باقاعده منظر عام تي آئي. اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. سندس شاعري جا 5 مجموما پڻ ڇپيا. ابراهيم منشي ذولفقار علي ڀٽي سان جام ويجھو رهيو ڇاڪاڻ ته 1970ع ڌاران هن جلسن ۾ شاعري پڙهڻ شروع ڪئي. قومپرستي پاٽين جي حوالي سان جلسن جوشيلي شاعري ڪري عوام کي جذباتي ڪري جوش ولولو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ تمام گھڻو سياسي طرح مشهور ٿيو. شروع ۾ سندس وابستگي جي ايم سيد سان رهي. جنهن ڪري 1970ع کان 1975ع تائين جيل جي ياترا ڪرڻي پيس.

ابراهيم منشي جيتوڻيڪ مسڪين ماڻهو هو پر سندس دوستي جو دائرو پاڪستان جي وڏن وڏن سياستدانن بغير ڪنهن لالچ جي رهيو. جيڪي هن جي دلي طرح عزت ۽ احترام ڪندا هئا. جن ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، غلام مصطفٰي جتوئي، حاڪم علي زرداري، معراج محمد خان، ذولفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، شهيد فاضل راهو،ممتاز علي ڀٽو، رسول بخش علي پليجو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان سندس محبت ۾ جڙيل هئا.

ابرهيم منشي بابت محمد ابرهيم جويي جي چوڻي آهي تہ ”هن ڌوٿي، هن عطائي، هن درياءَ دل، راڳي شاعر، پنهنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين سان اسان جون جھوليون ڀريون آهن. جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاهيون آهن. هن جي اها ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنهنجون دليون کوليون ۽ ان ۾ صدا آهي، پنهنجي ماروئن ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ قرباني ۽ ڪم جي صدا ٻڌون.“

ابراهيم منشي زندگيءَ جي آخر ۾ دل، جگر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا رهيو ۽ ڪافي ڀيرا اسپتال ۾ به داخل ٿيو. 2001ع ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي ۽ دل جا ٽي وال بند ٿي پيا. مالي وسيلا نه هجڻ جي سبب سندس دل جو آپريشن نه ٿي سگھيو. بار بار اپيل باوجود سرڪار کيس لنڊن نه اماڻيو. آخرڪار موتين جھڙو سنڌ جو عظيم شاعر 31 جولائي 2003ع تي دل بيهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ابراهيم منشي ڪير سڏائي. منشي جھڙا شاعر ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندس خال ڀرڻ مشڪل آهي.

سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيئن انسان،

وڙهندي مڙس مهان، مِٽيءَ منجھ سمايا…

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close