گڏاپ جا پوپٽ

حسام ميمڻ

اسان 2 سيپٽمبر تي ٿڌو ڊيم گهمڻ وياسين، سنگت ۾ شبير احمد قريشي، امر گل، شاھ محمد سڌايو، اشرف پانڌي فقير ۽ علي نواز جوکيو شامل هئا.

ڊيم تي پھتاسين تہ اتي خوبصورت منظر اسان کي ڀليڪار چيو، نھار تائين جبلن جي وچ ۾ مٽيءَ رنگو پاڻي پکڙيل هو. مان ڊيم جي سامھون واري پاسي ڊيم جي بند تان اڪيلو ئي هيٺ لهي ويس، ڇو تہ هيٺ پٿر هئا، ڀرسان ئي ڊيم جو ڏيک اهڙو هيبتناڪ هيو جو ڇا چئجي! مان پٿرن تان هيٺ ان ڪري لٿس جو ٻٻر ۾ پيلو ٻور هيو، ڀرسان ئي اڪ جو ٻوٽو، ان ۾ وري نيريون ڦليون، قدرت جو ڪمال هيو!

مان ان اڪ ۽ ٻٻر جي ڪري هيٺ لٿو هوس ، پر پڪ هئي تہ ڪا نئين ۽ ٻي شيءِ بہ هوندي يا ملندي ۽ مون کي اتي هڪ ڪاري رنگ جو پوپٽ نظر آيو، پوءِ ڏٺم تہ پوپٽن جو هڪ پورو جُهنڊ هيو، اهو منظر اکين جي آڏو آيو تہ مان حيرانگي، تجسس ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويس،  وڊيو ٺاهيم پر مزو نہ ٿيو، ڪجهه فوٽو ڪڍيا، انهن بہ مزو نہ ڏنو… ڊوائيس ايترو شاندار نہ هيو جو اهو سڀ جهٽي سگهي…

خير، دوست مٿي بيٺا هيا ۽ مون هيٺ وري هڪ ٻي شيءِ پئي ڏٺي، منهنجو خيال هو تہ هتي متان ڪٿي نانگ بہ نظر اچي وڃي، هيڏي هوڏي جهاڙين ۾ ڏٺو، پر اهڙي ڪا شيءِ نظر نہ آئي ۽ پوءِ مٿي هليو آيس

مان سوچڻ لڳس تہ اهو پوپٽ ڪهڙو آهي؟ خبر ناهي ان کي مڪاني ماڻهو ڇا چوندا آهن پر مان سمجهان ٿو ڪارو پوپٽ ئي چوندا هوندا. یقینن ڪاري ۽ اڇي رنگ جو Caterpillar هوندو، جنهن مان اهو پوپٽ ٿيو هوندو.

جيڪو ڪارو پوپٽ مون ڏٺو، اهو سڄو ڪارو هيو پر ان جي پرن جي مٿان اڇيون شيڊ سان اکين جهڙو Paint هيو، ائين ئي لڳي رهيو هيو ته ان پوپٽ جي مٿان پرن تي اکيون ٺهيل آهن.

مان کوڙ سارا پوپٽ ڏٺا آهن، ڳولهيا آهن، اسان وٽ Monarch عام جام آهي، Paper Kite Butterfly بہ عام آهي، مون ڪارا پوپٽ جام ڏٺا آهن، پر هي وري رڳو ٿڌو ڊيم جي ڀر ۾ گڏاپ ۾ نظر آيو ۽ امر گل کان انهن جي باري ۾ پڇيو تہ هن ٻڌايو هيو تہ هتي عام طور تي ان کي ڪارو پوپٽ ئي چون ٿا. سندس چوڻ هو تہ ڪاري، اڇي، پيلي ۽ نارنگي رنگ جا پوپٽ هن علائقي ۾ عام آهن.

مون جهٽ اڳ پوپٽن تي پڙهيو، ان پوپٽ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻيا کوڙ سارا پوپٽ نظر آيا پر ان جهڙو نظر نہ ٿي آيو، ڪجهہ پوپٽن جا نالا ڏيان ٿو معلومات لاءِ، انهن جا نالا بہ پوپٽ جهڙا ئي آهن، جهڙوڪ

هڪ    Black Apollo Butterfly
ٻيو       White Baumnymphe
ٽيون     Zebra Lonwing Butterfly
چوٿون   Monarch
پنجون   Paper Kite Butterfly
ڇهون    Swallowtail Butterfly
ستون    Papilio
اٺون     Dovetail Butterfly
نائون    Philaethria Dido
ڏهون    Black Butterfly
يارهون  Black-veined White Butterfly
ٻارهون   Eastern Tiger Butterfly
تيرهون   Common Jezebel
چوڏهون  Richmond Birdwing
پنڌرهون  Parthenos Sylvia
سورنهون  Indian Fritillary
سترنهون  Red Admiral
ارڙنهون  Indian Blattscmetterling
اوڻيهون   Blue White Butterfly
ويهون     Velvet Butterfly

گڏاپ مختلف قسم جي Species سان ڀريل آهي، مينهن جي موسم ۾ ”مينهن وساڙو“ Red Velvet Mite ، اڪ جا ٻوٽا Calotropis Porcera ، ٻٻر جا وڻ، پيلا گل،؛ Bougainvillea خودرو ٻوٽا يا Self Sown Plants چئون يا وري Wild Flowers يعني جنگلي ٻوٽا، مختلف گاھ ۽ قسمين قسمين يا ڀانت ڀانت جون شيون آهن. ھتي اسان کي ٿڌَي واري نئين ۾ اهڙا پٿر بہ مليا، جن تي اسٽار فش ٺھيل هئي، بلڪل اھڙو ئي گل، جھڙو اسان پلڪار سان ننڍپڻ ۾ ٺاهيندا هئاسين، ڇا اهي اسٽار فش جا فاسلز آهن؟  نہ رڳو گڏاپ جي Nature تي پر سڄي سنڌ جي هر قسم جي جيوت تي ڪم جي ضرورت آهي، هي اهو پاسو آهي، جيڪو گهڻي قدر Untouched آهي ۽ اسان ماڻهن جو ڌيان دانشوريءَ ۾ گهڻو آهي، شاعريءَ ۾ گهڻو آهي، پر Nature ۾ گهٽ!

اڃا هڪ شيءِ ٻي بہ ڏٺيسين ، جنهن کي گڌاپ ۾ ”ڳوهيرو“ چون ٿا، پر اسين اترادي ان کي سانڊي جو قسم چونداسين، ڇو تہ ان جي جسامت ۽ سائيز سانڊي جهڙي آهي، ان تي وري لکبو ۽ Red Velvet Mite تي بہ لکڻو آهي. هي هڪ شوق آهي، هيءَ قدرت سان قرابت واري ڳالھ آهي، ضروري ناهي ته هر ڪو ڌيان ڏئي سگهي، پر ان پاسي نظر ڌرڻ جي ضرورت آهي.

مٿي جيڪي پوپٽ ۽ انهن جا نالا ڏنا آهن، انهن مان ئي هڪ آهي اهو ڪارو پوپٽ جيڪو مون گڌاپ ۾ ڏٺو ۽ اسين ان کي سادي انگريزيءَ ۾ Black Butterfly بہ چئي سگهون ٿا، ڇو تہ ڪاري پرن وارا بہ گهڻائي قسم آهن پوپٽن جا… آخر ۾ تنوير عباسيءَ جو هڪ شعر ٿو ياد اچي تہ

مون تہ گل لڳايا آهن
پوپٽ پاڻ ئي آيا آهن

گڏاپ ۾ پوپٽن جا جيڪي قسم موجود آهن، انھن مان ڪجهہ جون تصويرون هتي شيئر ڪجن ٿيون

Zebra Lonwing Butterfly
Monarch
Paper Kite Butterfly
Swallowtail Butterfly
Papilio
Dovetail Butterfly
Black-veined White Butterfly

 

Eastern Tiger Butterfly

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close