دک جي نہ پڄاڻي آ… (ڪھاڻي)

امر جليل

جڏهن رات جو ڳپل حصو خواب وانگر بي آواز گذري ويو، تڏهن ڦندڻ ۽ مان اخبار جي آفيس مان ٻاهر نڪري آياسين. رستا اسان جي زندگين وانگر بي رونق ٿي ويا هئا، لوهي ٿنڀن مان بجليءَ جي بلبن جون روشنيون يادگيرين وانگر دل جي غفائن کي روشن ڪري نہ سگهنديون آهن. اوندھ اٽل آهي. اوندھ مستقل آهي. اوندھ دائم آهي. روشنيون عارضي آهن. روشنيون هيڪلاين کي برداشت ڪرڻ جو بھانو آهن. اسين سڀئي اونداهين جا مسافر آهيون…

ڦندڻ پنهنجي مضبوط ۽ طاقتور ٻانھن منھنجي ڪلھي تي رکي ڇڏي. پڇيائين، ”مون کي ڪڏهن روئندي ڏٺو اٿئي؟“

وراڻيم، ”مون پٿرن کي روئندي نہ ڏٺو آهي.“

ڦندڻ جو سوال مون کي بي سبب محسوس نہ ٿيو. هو ڪجهہ ڏينهن کان اُداس اُداس آهي. هونءَ بہ، جيڪي ٻين کي کلائڻ جا هيلا ڪندا آهن، سي پنهنجا لڙڪ ڪنهن کي بہ ڏيکاري نہ سگهندا آهن. ڦندڻ اسان سڀني کي کلايو آهي. هن، اسان فقيرن جا ڪشتا ٽهڪن سان ڀري ڇڏيا آهن. جڏهن اسين کلندا آهيون، تڏهن ڪنھن کي بہ لکا پئجي نہ سگهندي آهي، تہ اسان جا ٽھڪ اڌارا آهن، جيڪي ڦندڻ اسان جي جهول ۾ وجهي ڇڏيا آهن.

ڦندڻ چيو، ”دل چاهي ٿي، تہ اڄ ، زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري دفعو روئي ڇڏيان.. ايترو روئان، جو ٻيھر روئي نہ سگهان.“

مان بيھي رهيس. منهن ورائي ڦندڻ ڏانھن ڏٺم.

ڦندڻ چيو، ”هلندو رهہ.. بيھہ نہ.“

مان هلڻ لڳس.

زندگي جڏهن بي معنيٰ، بي مقصد، ۽ بيٺل بيٺل محسوس ٿيندي آهي، تڏهن بيچين روحن جھڙا انسان هلندا رهندا آهن. لاڳيتو هلندا رهندا آهن.. پوءِ جڏهن هلندَي هلندَي هو ٿڪجي ڪري پوندا آهن، تڏهن خوابن وانگر ٽٽي پوندا آهن. ڪنهن کي بہ ياد نہ رهندا آهن.

ڦندڻ چيو، ”هلندو رهہ، منهنجا دوست، منهنجا ساٿي، هلندو رهہ… هن رات وانگر، رات جي راهين وانگر، ازلي سفر جي مسافرن وانگر هلندو رهہ… بيهه نہ!“

اسين خاموش، چپ چاپ هلندا رهياسين.

”خبر اٿئي، هوءَ مون کي روزانو هڪ خط لکندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ٻہ ٻہ خط بہ لکندي هئي،“ ڦندڻ جو آواز درد ۾ ٻڏي ويو

چيائين، ”مان سندس خطن جو جواب نہ ڏيندو هوس. پوءِ هڪ نہ ٻئي ڏينهن هن جا خط اچڻ لڳا. مون کيس جواب نہ ڏنو. پوءِ هن هفتي ۾ هڪ خط موڪلڻ شروع ڪيو، تڏهن بہ مون کيس جواب نہ ڏنو. ان کان پوءِ هن جو مهيني ۾ هڪ خط اچڻ لڳو. تڏهن بہ مون کيس جواب نہ ڏنو ۽ پوءِ، ۽ پوءِ هن خط لکڻ ڇڏي ڏنو. هن دوکي جي ديوار سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو.“

ڦندڻ کي هڪ ڇوڪري خط لکندي هئي. هوءَ هيڪلي هئي. هڪ حادثي کان پوءِ ٻنهي ٽنگن کان محتاج ٿي ويئي هئي. ٻئي ٽنگون وڃائڻ کان پوءِ سموري دنيا هن جي اکين آڏو هڪ وڏي ۽ هيبتناڪ ريگستان ۾ بدلجي ويئي. تڏهن، هن ڦندڻ جي تحرير ۽ نظرين کان متاثر ٿي کيس خط لکڻ شروع ڪيا.

”هوءَ مون کان تاج محل نہ گهرندي هئي. هوءَ مون کان منهنجي زندگيءَ جو هڪ حصو نہ گهرندي هئي. هن مون کان خوشين جي خيرات نہ گهري هئي.“

ڦندڻ جو آواز ڀڄي پيو. چيائين، ” هن مون کان ريڊيو، ٽيليويزن، رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکڻ جو طريقو پڇيو هو. ڪجهہ ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي اصلاح لاءِ عرض ڪيو هو. هن پنهنجي تحرير جي ڪمائيءَ مان عزت جي زندگي گذارڻ ٿي چاهي. پر مون سندس مدد نہ ڪئي. مان سندس هيڪلائي کان ڊڄي ويس. سندس ويران زندگيءَ ۾ ليئو پائي نہ سگهيس. مان بزدل آهيان، گيدي آهيان، ڊڄڻو آهيان.“

هو احساس جي ڄر ۾ پڄرندو رهيو. اوندهہ ۾ هلندو رهيو..

­__

اها ڇوڪري نوابشاهہ ۾ موني بازار پوسٽ آفيس ڀرسان فٽپاٿ تي مري ويئي هئي..!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close