ڪتاب تي تبصرو: آزادي

شاھد رضا

ارون ڌتي راءِ جي مضمونن جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ نوجوان ترجمي نگار ڪھاڻيڪار سردار ٻرڙي انگريزي تان ترجمو ڪيو آھي.
ارون ڌتي راءِ اھا عورت آھي جيڪا انڊيا جي حڪومت جي اکين ۾ ڪنڊو آھي، جنھن تي فوجدار ڪيس ٿا ٿين، تہ يقينن ھوءَ ھڪ منفرد ۽ بھادريءَ سان سرشار بي باڪ ليکڪا ۽ انسان آھي، ھن وٽ انسان جي هٿرادو گهڙيل سورن جي الميي جو نوحو آھي.

ترجمو سلوڻي سولي سنڌيءَ ۾ آھي، جيڪو ان پنھنجي ٻوليءَ جي رس چس سان ڀرپور بڻائي ٿو. ھن ڪتاب جي مھاڳ ۾ ھوش محمد ڀٽي صاحب لکي ٿو تہ آزاديءَ جا تصور الڳ الڳ رخ رکندڙ آھن، ماڻھو جي آزادي،
سماجي پابندين کان آزادي، شاديءَ کان آزادي. آزاديءَ جي پھلوئن کي سمجهڻ جي لاءِ اھو سمجهڻ لازمي آھي تہ ڪھڙي قسم جي آزادي؟ ھن ڪتاب ’آزاديءَ‘ جو مک پھلو، سياسي فڪر جي آزاديءَ جي ڳالھ ڪرڻ آھي.

ھن ڪتاب ۾ ٽوٽل نوَ مضمون آھن، جيڪي نيشنل ۽ انٽرنيشنل اخبارن ۾ ڇپيل يا مختلف سيمينارن ۾ پڙهيا ويا آھن ل

ارون ڌتي راءِ ھنن مضمونن ۾ پنهنجي زندگيءَ، خاندان ۽ لکڻين تي بحث ڪيو آھي.
ھندستان جي سرڪاري انگ اکرن موجب ھندستان ۾ لڳ ڀڳ ست سو ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جن مان صرف ٻاويھن کي ڀارتي آئين ۾ باقاعده طور تي تسليم ڪيو ويو آھي. جڏهن تہ وڌيڪ ۳۸ ٻوليون اھو رتبو حاصل ڪرڻ جون منتظر آھن. انھن ٻولين مان ھر ٻوليءَ جي پنھنجي ھڪ تاريخ آھي تہ ڪيئن ھن ڪنھن ٻي ٻولي تي غلبو حاصل ڪيو آھي يا پاڻ دٻجي وئي. خالص غالب ۽ فاتح رھندڙ ٻولين جو تعداد تمام گهٽ آھي. ھندي ۽ انگريزي کي دفتري ٻوليءَ جو درجو حاصل آھي، پر انھن مان ڪا بہ ٻولي، قومي ٻولي ناھي. ڀارتي آئين جي مطابق (۽ اسان کي اھا ڳالھ نوٽ ڪرڻ گهرجي تہ ڀارتي آئين انگريزيءَ ۾ لکيل آھي) انگريزي ٻوليءَ جو سرڪاري استعمال آئين جي فرمان کان پندرهن سالن کان پوءِ ، يعني 26 جنوري 1965ع تائين ختم ٿيڻو ھو ۽ ان جي جاءِ تي ديوناگري رسم الخط ۾ ٿيڻو ھو.

ھندو قومپرست حڪمران انتظاميا پنھنجي ’ھڪ قوم، ھڪ مذھب، ھڪ ٻوليءَ‘ جي تصور کي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. 1920ع جي ڏهاڪي ۾ پنھنجي قيام کان پوءِ آر ايس ايس (راشٽر سويم سيوڪ سنگهہ) جو نعرو اھو ئي آھي تہ ’ھندي، ھندو، ھندستان‘ ۽ اھا تنظيم پنھنجي قيام کان هينئر تائين ھندو قومپرستي جي holding company رھي آھي. يعني ھندو قومپرست ۽ ڌرمي سياست تي سندس مڪمل ڪنٽرول ۽ ھڪ ھٽي قائم رهي آھي.

۲۰۱۱ ۾ ڀارتي جنتا پارٽي (بِي جَي پِي) جيڪا ان وقت گجرات رياست جي اقتدار ۾ ھئي، پنھنجي چونڊيل وڏي وزير پيشو ڀائي پٽيل کي ھٽائي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي راشٽريا سويم سيوڪ سنگهہ جي اڀرندڙ تاري نريندر موديءَ کي سيٽ تي ويھاريو. فيبروري ۲۰۱۲ع ۾ گجرات ۾ گوڌار ريلوي اسٽيشن تي ھڪ ريل گاڏيءَ کي روڪيو ويو ۽ باھ بازيءَ جي واقعي ۾ 68 ھندن کي جيئرو ساڙيو ويو. بدلي جي باھ ۾ گجرات جي شھرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڏينھن ڏٺي جو ٻہ ھزار کان وڌيڪ ماڻهن کي، جن ۾ گهڻائي مسلمانن جي ھئي، ھندو ھجومن قتل ڪري ڇڏيو.

ھندستان ۾ جيڪي ماڻھو نريندر مودي يا سندس حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا يا احتجاج ڪن ٿا تہ مٿن مختلف قسمن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. انھن حالتن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا روشن خيال ئي آھن، جيڪي ھندستان ۾ ٿاڦيل ان گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي خلاف پنھنجو آواز بلند ڪن ٿا، جن مان ارون ڌتي راءِ بہ ھڪ آھي.

ارون ڌتي راءِ ڀارت جي اقليتي برادرين مسلم، دلتن ۽ سياسي، سماجي تحريڪن مائو وادي ۽ نڪسل واڙي تي لکيو آھي. سموري ملڪ ۾ ھزارين ماڻھو جيلن ۾ آھن، انھن ۾ غريب ۽ پوئتي پيل ماڻھو بہ آھن، جيڪي پنھنجن گهرن، پنھنجين زمينن، پنھنجي عزت ۽ وقار کي بچائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آھن. ھي اھي ماڻھو آھن، جن تي غداري ۽ ٻيا به کوڙ ڪوڙا الزام لڳي چڪا آھن ۽ جيڪي بغير ڪنھن عدالتي ڪارروائيءَ جي ٽولن جي صورت ۾ قيد خانن ۾ بي يارو مددگار پيا آھن

ھن ڪتاب ۾ ارون ڌتي راءِ ڪشمير جي حالت تي ايمانداري سان لکيو آھي ۽ ڪشمير جي ڪيس جي سٺي نموني ترجماني ڪئي آھي. ليکڪا پيج نمبر 89 ۾ لکي ٿي تہ دنيا ۾ ايراضيءَ جي حساب سان سڀ کان وڌيڪ فوج ڪشمير ۾ مقرر آھي، جتي ھڪ اندازي مطابق پنج لک ڀارتي فوج موجود آھي. انٽيليجنس بيورو، ريسرچ اينالائيز ونگ يعني را ۽ نيشنل انٽيليجنس ايجنسي سان گڏ متحده فوج، يعني بحري فوج، بارڊر سيڪورٽي فورس، سينٽرل ريسزو پوليس فورس ۽ ظاهر آھي تہ ڄمون ڪشمير جي پوليس بہ.. ھتي ھر ھڪ ڳجهو ادارو پنھنجي پنھنجي ڄاڻ گڏ ڪندو آھي، ھتي ماڻھو مخبرن، ٻيڻن ۽ ٽيڻن دلالن جي خوف ۾ مبتلا رھندا آھن، جيڪو پراڻي ھم ڪلاسيءَ کان ويندي خاندان جي ڀاتيءَ مان بہ ٿي سگهي ٿو.

ھر گذرندڙ ڏينھن آر ايس ايس ڀارتي رياست جي ھر اداري تي پنھنجي گرفت اڳ کان مضبوط ڪندي پئي وڃي. حقيقت تہ اھا آھي جو ھاڻ نوبت ھن نقطي يا مقام تائين پھچي وئي آھي جو ھيءَ تنظيم گهٽ يا وڌ خود رياست جو درجو حاصل ڪري چڪي آھي.

ڪشمير کان علاوه آسام جي رياست ۾ ڇا ٿي رهيو آھي، ڪتاب ۾ تاريخي حوالي سان تفصيل ذڪر ڪيو ويو آھي. اين آر سي جو ھي مطالبو بہ انھي منفرد، پريشان ڪندڙ ۽ منجهيل تاريخ جو نتيجو آھي. پھريون اين آر سي 1951ع ۾ ٺاھيو ويو جنھن ۾ ترميم جو مطالبو شاگردن جي قيادت ھيٺ آسامي قوم پرست تحريڪ جي نتيجي ۾ سامھون آيو، جيڪا 1979ع ۽ 1985ع جي وچ ۾ پنھنجي عروج تي هئي، جنھن سان گڏوگڏ ھڪ عسڪريت پسند تحريڪ بہ ھلي رھي ھئي.

ڪتاب ۾ تفصيل سان ان ڳالھ جو جائزو ورتو ويو آھي تہ ڀارت ۾ ڇا پيو ٿئي، سياسي سماجي ۽ خاص صحافت جنھن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ھڪ مخصوص گروپ جي شڪل ۾ ڪري رھيا آھن.

ھي ڪتاب شاگردن ۽ صحافين کي پڙھڻ گهرجي. ھن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اھو معلوم ٿيندو تہ سچ لکڻ سان ڪھڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان ھجي يا ھندستان، ڪجهہ مخصوص سياسي پارٽيون پنھنجي ذاتي ايجنڊا تي ڪم ڪري ڪروڙين انسانن جي زندگي دوزخ ڪري رھيون آھن اتي مون کي ھندستان جي مشھور ترقي پسند شاعر جاويد اختر صاحب جو مشھور شعر ياد اچي ٿو:
ایشور اللہ تیرے جہاں میں نفرت کیوں ہے، جنگ ہے کیوں؟
تیرا دل تو بہت بڑا ہے، انسان کا دل تنگ ہے کیوں۔۔۔!!؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close