اسپيس يا خلا ۾ ايترو گهٽ گرمي پد ڇو هوندو آهي؟

الفت حسين پتافي

جڏهن سنڌ ۾ پنجاھ ڊگريز گرمي پد هوندو آهي، ان وقت صرف ويھ ڪلوميٽر مٿي ڪاٽو پنجاھ ڊگريز گرمي پد هوندو آهي، يا اوهان جڏهن جھاز جو سفر ڪندا آهيو ته جھاز تقريبن ڏھ ڪلوميٽر مٿي اڏندو آهي ۽ جھاز جي ٻاهران گرمي پد ڪاٽو ٽيھ ڊگريز هوندو آهي، اهو سڀ ڪئين ۽ ڇو؟

اهو ان ڪري جو جيڪڏهن ڪا شئي سج جي روشني کي جذب يا absorb ڪري ٿي ته ان کان پوءِ اهو جسم ان روشني کي radiate يا خارج ڪندو آهي، جنهن ڪري گرمي محسوس ٿيندي آهي.
برفاني علائقن ۾ گرمي پد گهٽ صرف ان ڪري نه آهي هوندو جو اتي برف ھوندي آھي، پر برف سج جي روشني کي جذب ناهي ڪندي بلڪه reflect ڪندي آهي.

ان اصول تحت ڌرتي تي برف وارا علائقا، جئين انٽارڪٽيڪا کنڊ، گرين لينڊ، ڪئناڊا ۽ روس جا اتريان علائقا يا مجموعي طور تي جتي گليشيئر هوندا آهن، اتي برف تيزي سان پگهرجَي پئي ۽ زمين تي مستقل برف وارا علائقا گهٽجڻ لڳا آهن. سج جي روشني reflect گهٽ پئي ٿئي ۽ absorb وڌيڪ پئي ٿئي، ان ڪري مجموعي طور تي گرمي وڌي پئي.

هاڻي اچون ٿا چنڊ جي environment تي، چنڊ تي ڏينهن جو سخت گرمي ٿيندي آهي ۽ رات جو سخت ٿڌ. ان جو سبب ٻڌائڻ کان پهرين اچو ته زمين جي آبھوا atmosphere تي ڪجهہ لکون. زمين جي چوڌاري هڪ هوائي تهه آهي، جنهن ۾ نائٽروجن ۽ آڪسيجن جو سڀني کان وڌيڪ مقدار آهي، ان کان پوءِ زمين جي atmosphere ۾ water vapours سڀني کان وڌيڪ آهن، جيڪي سج جي روشني کي جذب ڪري رات جو radiate ڪندا آهن، ان ڪري رات جو به ڪجهہ علائقن ۾ چڱي خاصي گرمي هوندي آهي. هاڻي چنڊ تي atmosphere يا گيسون آهن ئي نه جو سج جي روشني کي absorb ڪري رات جو reflect ڪن، ان ڪري چنڊ تي رات جو سخت ٿڌ هوندي آهي، ساڳو phenomenon سياري مرڪري يا عطارد تي ٿيندو آهي.

آخري ڳالھ ته گرين هائوس گئسز وري ڇا آهن، انهن جي مقدار وڌڻ سان گرمي ڇو ٿي وڌي؟

گرين هائوس گيسز مطلب اهي گئسون جيڪي سج جي روشني کي trap ڪنديون آهن، جئين ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ،ڪاربان مونو آڪسائيڊ، ميٿين Methane گيس ۽ ٻيون، اها trap ٿيل روشني reflect يا radiate نه ٿيڻ ڪري زمين جو گرمي پد مسلسل وڌائين پيون، جي اهو اضافو مسلسل ٿيندو رهيو ته انساني تهذيب جو زمين تي سلامت رهڻ ناممڪن ٿي ويندو ۽ صرف ٻه سئو سالن ۾ اسان واپس پٿر جي دور ۾ پهچي ويندا سي، ڪجهه ٽيڪنالاجي سان ليس ٿيل ملڪ يا شهر سروائيوَ ڪري ويندا، باقي سنڌ جهڙا گرم علائقا يا مڊل ايسٽ جا علائقا گرمين ۾ سٺ ڊگريز ڪراس ڪري ويندا ۽ انسان توڙي جانورن ۽ ٻوٽن جو سروائيول ناممڪن بڻجي ويندو.

ويندي ويندي هڪ حقيقت بيان ڪندو هلان ته سيارو زهره يا Venus سڀني کان وڌيڪ گرم ڇو آهي جڏهن ته سج کي ويجهو سيارو ته عطارد يا Mercury آهي، ان جو سبب اهو آهي ته سياري Venus جو atmosphere نوي سيڪڙو کان وڌيڪ گرين هائوس گيسن جو ٺهيل آهي جيڪو سج جي روشني کي trap ڪري سياري جو گرمي پد لڳ ڀڳ پنج سئو ڊگريز تائين پهچائي ڇڏيندو آهي، زمين تي گرين هائوس گيسن جو atmosphere ۾ مقدار هڪ سيڪڙو مس ٿيندو. جيڪڏهن ائين چئجي ته سيارو Venus زمين جو مستقبل آهي ته غلط نه ٿيندو، يعني انسان سنئين دڳ تي نه آيو ته زمين هڪ جيئرو جاڳندو Venus جهڙو دوزخ بڻجي ويندي.

صفا آخر ۾ زمين تي موجود ticking time bomb جو ذڪر:
روس جي علائقي سائبيريا ۾ لکين اسڪوائر ڪلوميٽرن برف اندر Methane گئس جا اربين ٽن ذخيرا trap ٿيل يا ڦاٿل آهن. جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾ اها گئس اهو برف وارو علائقو ختم ٿي ويو ته گرين هائوس گيسز جو مقدار وڌي ويندو ۽ زمين جي ماحولياتي تباهي کي ڪير به نه ٿو روڪي سگهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close