گلقند: اسان ٻهراڙيءَ جا سنڌي

شبير احمد قريشي

فصل جو پئسو اچي يا ڪو زرعي قرض منظور ٿئي، تہ ڪيون اجايا خرچ…
ٻارهو، ڇَٽي، طُهر يا  مڱڻي جھڙين رسمن تي بہ پئسا لُٽايون. ڀَت ٿين، راڳ ٿين، نڪ مٿي ٿئي!
اڃان بہ جي رقم بچي پوي، تہ ڪيون هروڀرو جهيڙا……… پوليس، ڪورٽ، ڪچهريءَ ۾ باقي مُوڙي وڃائَي، سڄو سال وياج تي قرض کڻي سڀني کي ايندڙ فصل جي آسري تي رکي ويچارا ٿيو هلون…

اهڙو ئي هڪ داستان ، چاچي سچل جو ، ٺيڪ هڪ سال اڳ لکيو هئم، جيڪو هن ريت هو:

چاچو سچل ۽ بچل  پاڙيسري هئا. هڪ ڏينهن ٻنيءَ ۾ ٻڪريءَ جي پوڻ تي ٻنهي وچ ۾ تڪرار ٿيو، رنجش وڌي ڳالھ ڌڪ بُجي تي پهتي.
بچل ڪاڪَي سچل تي هٿ کنيو، زوردار مُڪ وڃي ڪاڪي جي مٿي ۾  لڳِي، اصل ڀنواٽي اچي ويس..
ڪاڪي به نہ ڪئي ڪا هم نہ تم، پاسي ۾ پيل بُنڊي کڻي بچل کي مٿي ۾ وهائي ڪڍيائين، نتيجي ۾ بچل جي مٿي مان رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو..
ماڻهو اچي گڏ ٿيا، کڻي اسپتال ويس.

ھاڻي ڪاڪو اچي پريشان ٿيو….. ڪنهن ڏاهَي ڏَس ڏنس "ڏوھ تہ تنهنجو آهي، پر جي تون اڳواٽ وڃي ايف آئي آر داخل ڪرائيندين، تہ تنهنجي ڳالھ ۾ وزن پيدا ٿيندو…..”

ڪاڪو ڪَھِي ويو ٿاڻي تي، ايس ايڇ او سندس داستان ٻڌي دل ئي دل ۾ کِليو، تہ هڪ بيوقوف شڪار ڦاٿو…….
ايس ايڇ او صاحب ڪاڪي سچل سامهون ايف آئي آر جو مينو رکيو، جيترا پيسا اوتري مضبوط رپورٽ.. 10 هزارن کان لک تائين!
آخرڪار 30 هزار ۾ سودو طئي ٿيو.
ڪاڪي پنهنجي اڪيلي مَينهن ايمرجنسيءَ ۾ سستَي اگھ تي وڪرو ڪئي، آخر ڪار بچل خلاف حملي جي رپورٽ داخل ٿي.

هاڻي ايس ايڇ او حڪم ڪيس، تہ ڪوڙي ايف آئي آر کي پڪي ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل رپورٽ آڻ!

سائين حاضر ٿيو سول سرجن وٽ، ان صاحب  پنهنجو مينو 8 هزارن کان 80 هزار تائين سامهون رکيس
آخر ڪار ڪاڪي سچل جو سودو  14 هزارن ۾  طئي ٿيو …
سستي رپورٽ ٺھِي، پيٽ ۾ اندروني ڌڪ….
رپورٽ ۾ جان وجھڻ لاءِ ڊاڪٽر ليبارٽريءَ مان رپورٽ لڳائڻ جي فرمائش ڪئي.

ڪاڪو هاڻ هليو ليڀارٽري
ليبارٽريءَ وارَي ڪوڙي رپورٽ جو مينو پيش ڪيو، مينو ڏسي ڪاڪَي کي چڪر اچي ويو.. 5 کان 55 هزار…. کيسي ۾ هٿ هنيائين، 7 هزار نڪتا. ڪوڙي رپورٽ ٺهي، آنڊن ۽ پيشاب جي نلي تي سوڄ جا آثار..

ڪاڪو رپورٽ کڻي ٿاڻي پهتو، هاڻي ملزم بچل جي گرفتاريءَ لاء پنج سپاهي جمعدار، موبائيل وين، واٽ خرچ، ٻيڙي سگريٽ، ماني، ملزم کي هٿڪڙي  هڻڻ ۽ تنگو ٽالي ڪرڻ يا صرف موٽر سائيڪل تي کڻي اچڻ جا مختلف ريٽ هئا.

ڪاڪي وري کيسي کي هٿ هنيو، بچيل اٺ هزار نڪتا. جيڪي ڏئي بچل کي اسپتال مان ڪڪڙ بڻائي اچي  لاڪ اپ ڪيائون.
گرفتاريءَ وقت ٻہ ٽي مڪون ۽ چنبا بہ هنيائونس.. في چنبو ڏيڍ سو ۽ في مُڪ اڍائي سو روپيا.

هاڻي جڏهن ٻنھي ڌرين جو مٿو جاءِ تي آيو، تہ ايس ايڇ او کين ويهاري ٻن ڏاندن جي آکاڻي  ٻُڌائِي، تہ ڪيئن نه ٻنھي جي پاڻ ۾  ويڙھ ٿي ۽ ٻئي شينهن جو شڪار ٿي ويا هئا.

صوبيدار صاحب پنهنجو ڌڪ ڦٽ ۽ جڳاڙ ڪري، ٻنھي ڌرين کي صلح صفائي ۽ امن سان رهڻ جي تلقين ڪئي.

ڪاڪو اڳئي مالي طور تي ستايل هو، تنهن  هڪدم کڻي ها ڪئي. ٻئي ڌريون ڪورٽ کان ٻاهر ٺهي ويون….

سرڪار جو قيمتي وقت برباد ڪرڻ جي مد ۾ ٻنهي ڌرين ڏھ ڏھ هزار اضافي ڀريا،
گھر موٽيا،
مولا جو شڪر ادا ڪيائون تہ وڪيل صاحب، سرشتيدار صاحب  ۽ جج صاحب  جي مينو کان بچي ويا….

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close