سنڌ ۽ نامعلوم

تنویر عالم جوکيو

سوڍل ڪجهہ لکڻ پي چاھيو، پر سمجهہ ۾ ڪانہ پي آيس، تہ سنڌ جي سونھن تي لکان، سنڌو درياھ جي ڇولين تي لکان، ڪارونجهر جي مورن تي لکان، قلندر جي ڌمال تي لکان، ڀٽائيءَ جي دنبوري تي لکان، ساڌ ٻيلي تي لکان، سچل جي سچ تي لکان، ساميءَ جي سلوڪن تي لکان، بيدل تي لکان، بيڪس تي لکان، اياز تي لکان، بخاريءَ تي لکان، تاجل بيوس تي لکان يا تاج بلوچ تي لکان………!؟

پل پل ۾ سوڍل پنھنجي قلم کي مس مان ٻوڙَي، وري چولاٽ کي قلم جي پوئين پاسي سان کنئڻ لڳَي… ايئن ڪندَي ڪندَي وري ساڳين سوچ ۾ پئجي ويو ، تہ سنڌ جي وسيلن تي لکان،  سيد جي فڪر ۽ منشور تي لکان، ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيدن تي لکان، قندار کان سنڌ تي گھوڙن جي ڪاھ تي لکان، گهوڙا گهوڙا جي صدائن تي لکان يا ماٺ ۽ چپ چپات جي گفائن تي لکان… نيٺ من ئي من ۾ پنھنجي منھن ڀُڻڪو ڪري چوڻ لڳو ڇو نہ نامعلوم تي لکان….

نامعلوم اھي ھوندا آھن، جن جي معلومات سڀنن کي ھوندي آھي، پر ھر ڪو پنھنجي سر جو سانگو لاھڻ نه ٿو چاھي…….. ڇو تہ اھي بنا نمبر پليٽ جي وڏين گاڏين ۾ ايندا آھن، سندن ٻوٿ ٻڌل ۽ رياست کان بہ وڌيڪ طاقتور ھوندا آھن.
نيٺ سوڍل نامعلوم جي تاريخ پروڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، تہ سندس يار خانو ذھن تي تري آيوس، سو کيسي مان موبائيل ڪڍي خانوءَ جو نمبر ملايئين، ٻن گھنٽين کان پوءِ سامھون خانوءَ جو سلام ٿيو.. خبرون چارون ڪرڻ کان واندو ٿي، سوڍل پنھنجو نامعلوم جي تاريخ وارو مونجھارو خانوءَ کي ٻڌايو ۽ سندس موقف ٻڌڻ پي چاھيو..

خانوءَ وراڻي ڏنياس: نامعلوم جي تاريخ تہ خبر ناھي، پر سنڌ لاءِ ھاڃيڪار آھن.. نوي واري ڏھاڪي ۾ اھا مخلوق ڪراچي شھر ۾ سنڌ جي سپوتن جي رت سان راند ڪندي ھئي.. پوءِ وري مشرف دؤر ۾ وارو وڄائي ويئي. سنڌ جي اديبن، سگھڙن، ڏاھن ۽ قومي ڪارڪنن کي کنبڀڻ ۽ کنڀي گم ڪرڻ سندن فطرت آھي.

ڪا گهڙي ماٺ رهي، خانوءَ وري پنھنجي ڳالھ شروع ڪئي:
ادا سوڍل! اھي نامعلوم اڪثر ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪاروائي ڪري ويندا آھن. انھن وٽ لوئي ۽ لڄ جو تصور نہ ھوندو آھي، وڏو ھجي ننڍو ھجي يا عورت ھجي، کنڀڻ سندن مقصد ھوندو آھي.. پوءِ کنڀجي وڃڻ وارن جا وارث پريس ڪلبن تي ٿڌ ۾، اس ۾ بک ہدحاليءَ ۾ ڌڪا کائيندا رھن ٿا. جيئن اڄ اوٻاڙي شھر وٽ کنڀجي وڃڻ وارن جي آزاديءَ واري قافلي کي ئي نامعلوم کنڀي ويا، ھاڻ انھن جو بہ  ﷲ آھي…

سوڍل: اڇا…….!!

خانو: ھئو سنڌ جي نياڻين جي تذليل ڪئي وئي، کين ھٿ ڪڙيون لڳايون ويون، سوشل ميڊيا جي ڪري گرفتاري ظاھر ٿي، نات ڪر اھي بہ لاپتہ ٿي وڃن ها… جيئن سندن پيءُ، ڀاءُ ۽ ور لاپتہ ٿي ويا آھن، انهن معلوم نامعلومن هٿان!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close