عام پکيءَ جي رھڻي ڪھڻي ۽ سماجي نفسيات

آصف رضا موريو

اڄ زمين تي لڳ ڀڳ ڏھ لک قسم جا جاندار آباد آهن، جن منجهان ٽي لک قسم پکين جا آهن، جيڪي پنهنجين ننڍڙين دنيائن ۾ رهندَي پنهنجي ماحول ۽ فضائن سان فطري طور تي منسلڪ آهن.  زمين تي موجود جهنگن، شهرن، وستين ۽ ميدانن ۾ پکين، جانورن ۽ ٻين زميني حياتين جي رهڻي ڪهڻي متعلق نظر نہ ايندڙ بي شمار حدبنديون، قانون سازيون ۽ ڀتيون موجود هونديون آهن جيڪي کين ننڍڙين ننڍڙين دنيائن ۾ ورهائينديون آهن. پکين جون دنياؤن به (انسانن وانگر) الڳ ۽ ويڪري ڪائنات ٿين ٿيون، جتي اهي پنهنجي پنهنجي سماجي ۽ فطري مامرن، محبتن، مزاجن ۽ ماحولن سان گڏ رهندا آهن. جيئن هر جھرڪيءَ جي پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ٿيندو آهي ۽ انهن مان هڪ جهنگل ۾ رهندي آهي ته ٻي کليل ميدانن جي هيراڪ ته وري ٽين سامونڊي ڪنارن جي ديواني ٿئي ٿي.

اهڙي قسم جي نفسيات جهنگ جي اصلي باشندن تترن ۽ جهنگ ڪڪڙين وغيره جي به ٿيندي آهي، جيڪي ڪڏهن به کليل ميدانن ۾ نه ملندا آهن ۽ ميداني پکي جهنگلي دنيا ۾ رهڻ پسند ناهن ڪندا. اهڙيءَ ريت سمورا پکي ٻين پکين جي زمين، علائقن يا رزق تي هٿ صاف نه ڪندا آهن، بلڪ هڪ ٻئي جي سماجي حقن جو احترام ۽ خيال ڪندي جيئدا آهن. سندن هڪ ٻئي ڏانهن اهڙا سهپ ۽ سياڻپ وارا جذبا ۽ عادتون مجموعي طور تي گڏجي جهنگلن ۾ “اصولن” کي جنم ڏين ٿيون. اهڙيءَ طرح قانون پرست ۽ امن پسند اهي “معصوم” جهنگلي باشندا پنهنجين پنهنجين دنيائن ۾ هڪ ٻئي سان نظر نه ايندڙ رشتن، اصولن، معاملن ۽ قانونن تحت ڳنڍجي هڪ ٻئي تي ڀاڙي جيئندا رهندا آهن.

پکين لاءِ جهنگ (شهري عمارتن وانگر) ڪيئي منزلا هوندا آهن. جهنگ جي هيٺين منزل (گرائونڊ فلور) گاھ، مٽي، ڪپن، سَرَن واري هوندي آهي. وچين منزل لئي، لاڻين، ٻوٽن، سرن، وڻن جي پورن ۽ ٽارين واري هوندي آهي جڏهن ته مٿئين منزل (top storey) وڻن جي ڇت هوندي آهي. وڏن وڏن وڻن وارن جهنگلن ۾ ته ست اٺ منزلون به هونديون آهن، جهڙوڪ: ستين منزل شاھ بلوط جي وڻن جي، ڇهين منزل پپر جي وڻن جي، پنجين منزل ٽاريءَ جي، اهڙي ريت بيد مشڪن، نمن ۽ ٻٻرن وغيره جون منزلون به هونديون آهن.

جهنگلن ۾ به (گهرن تي لڳل انسانن جي نالي واري تختين جيان)  پکين جي نالن جون انساني اک کي نظر نه ايندڙ (علامتي) تختيون هونديون آهن، ڇو ته جهنگلي منزلن ۾ هر منزل جا الڳ الڳ نسلن جا باشنده آباد هوندا آهن. ڪجهہ مٿين منزل، (هوائن ۾ لڏندڙ لمندڙ وڻن جي مٿئين لامن) ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن، جيڪي گرمين ۾ ٿڌي ۽ سائي ڇت جو ڪم به ڏينديون آهن. انهن مٿين منزلن تي تڙڪو (اُس) به جام هوندي آهي ته خشڪي به گهڻي.. هيٺين منزل تي اوندھ ۽ گهِمِ هوندي پر گرمين ۾ هتي ڪمرا ٿڌا هوندا آهن. زمين جي اندر ٻرڙ (تھہ خانا) گهڻا گرم هوندا آهن، جڏهن ته وڻن جي ٿُڙنِ ۾ موجود پورن ۾ گهڻي ٿڌ هوندي آهي جيڪي گرمين ۾ رهڻ واسطي مزي دار جاءِ ڀائنبا آهن. خاص ڪري چمڙن، ڇٻڙن ۽ چتن لاءِ.

انهن جهنگلن ۾ امير ۽ غريب، جديد ۽ سادگي پسند هر قسم جا پکي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي رحجانن، طبيعتن ۽ رنگ ڍنگ سان رهڻ پسند ڪندا آهن  جيئن چيڙھ جي جهنگ ۾ ٽن آڱرين واري هُدهُد جون تختيون لڳل هونديون آهن، اتي سڀن کان مٿاهون آکيرو چٻري جو هوندو آهي، جنهن جي هيٺان وڻ جي پور ۾ طوطو پنهنجي ڪٽنب سان رهندو آهي. اهڙي ريت تتر وري ٻُوڙن ۾ آنا لاهي ٻچا ڪندا آهن. هيٺين منزل تي جهنگ ڪڪڙ جو قبضو (تختي لڳل) آهي. زمين جو مٿاڇرو هڪ لحاظ کان گودام يا پارڪنگ ايريا جو ڪم ڏيندو آهي جنهن تي سڀني جو حق هوندو آهي.

جهنگل واسي پکين يا جانورن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿيندو، ته اهي سڀيئي نظر نه ايندڙ هڪ زنجير ذريعي هڪ ٻئي سان ٻڌل آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close