قديم آثار- حصو ٻيو ۽ آخري (مول جو سفر: ڪانڙن واري ريڪ)

گل حسن ڪلمتي

مول جو سفر: ڪانڙن واري ريڪ

”ڪانڙن واري ريڪ ۾ مول نئن جي ڪپ تي هڪ ميل تائين پوري علائقي ۾ پٿر جون اهي عام ۽ گهاڙي قبرون موجود آهن. ڪجهہ سال اڳ مول نئن جي ٻنهي ڪنارن تي وڏا شاهي وڻ هئا ۽ صاف شفاف پاڻي وهندو هو، پر ريتي ۽ بجريءَ مافيا، وڻ وڍي پوري علائقي کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. اهو عمل اڄ بہ جاري آهي. مول نئن جڏهن ايم-9 کي ڪراس ڪري ٿي، تہ ان جو نالو ملير نئن آهي، جنهن لاءِ اها چوڻي مشهور آهي تہ : ”ملير تڏهن مرڪي، جڏهن ماڻھس مول ڀرجي.“

ڪُپولڪ ۽ ڪُپو جبل وارا آثار ڏسڻ کان پوءِ فقير پيرل خاصخيليءَ کان موڪلائي، اسان مول شهر جي ڏاکڻي پاسي ”مول-سَري روڊ“ تي آياسين. اسان جو سفر پاچران روڊ تي ”ڪانڙن واري ريڪ“ ڏانهن هئو، جتي ڊاڪٽر گل پالاريءَ، ٽيھہ (30) سال اڳ گهاڙي قبرون ۽ رانڪ ڏٺا هئا. ڪانڙن واري ريڪ لڳ اسان ’مول سري‘ رستو ڇڏي، ڪچي رستي ڏانهن لڙياسين، تہ امين حسناڻي ۽ امر جليل حسناڻي کان موڪلائي اڳتي روانا ٿياسين.

ڪوهستان ۾ مختلف نالن سان ”ريڪ“ وارا علائقا آهن، جن کي مقامي قبيلن سان منسوب ڪيو ويو آهي، جيئن ”ڪانڙن واري ريڪ“ ، ”بنديجن واري ريڪ“ ۽ ”باريجن واري ريڪ.“
”ريڪ“ سنهي واريءَ کي چئبو آهي. ضلعي ڄامشوري ۾ ”ريڪ“ نالي ديھہ بہ آهي. لسٻيلي ۾ ڦور واري قبرستان لڳ، ڦوري نئن جي ڪناري کي بہ ”ريڪ“ چيو ويندو آهي. ڪراچي لياري نئن جي ڪناري ”ريڪ سر“ لائين بہ آهي.

ٿورو اڳتي، رستي جي ٻنھي پاسن کان پٿر جون عام ساديون قبرون نظر آيون، تہ گاڏيءَ مان لهي پياسين، ڀر ۾ ڳوٺڙو هو. هتي اسان کي شير محمد ڪانڙو مليو. ڊاڪٽر پالاري تَر جو ماڻهو هو، جنهن ڪري سڀ هن کان واقف هئا. روزاني ڪاوش جي هفتيوار رسالي – ڪاوش دنيا جي ڪري منهنجو نالو اڳ ۾ انهن وٽ پهتل هو. سفر ۾ اسان ٻنهي کان سواءِ مير نواب بلوچ، افضل لغاري ۽ نواز علي خاصخيلي گڏ هئا. خبرون چارون ٿيون. اڳتي لاءِ شير محمد ڪانڙو اسان جو سونهون ٿيو.

ٽن تھن واريون چوڪور پٿر واريون قديمي قبرون

جنهن قبرستان وٽ اسان کي شير محمد ڪانڙو مليو هو، ان روڊ جي ٻنهي پاسي قبرستان ۾ سٺ (60) کان مٿي ساديون قديمي قبرون هيون. ڪجهہ قبرون پٿرن جي ڍير واريون هيون. هر پاسي ڄار ۽ ٿوهر جا وڻ بيٺل هئا. اهي ابتدائي تدفين واريون قبرون هيون. قبرستان ۾ پٿر جي روايتي طرز واري اڏاوت واريون قبرون هيون. انهن مان گهڻيون پٿر جي ٽن تهن واريون هيون، جن جا پليٽ فارم 3×7 فٽ جا هئا. پليٽ فارم کان وٺي ٽنهي تهن ۾ وڏا، ڪٽيل، چئوڪور ۽ مستطيل پٿر استعمال ٿيل هئا، جن کي ملائڻ لاءِ ڪنهن بہ قسم جو مسالو استعمال ٿيل نہ هئو. مضبوطيءَ لاءِ وڏن پٿرن جي وچ ۾ ننڍا پٿر ڏنل هئا. پٿرن جي ڍير وارين قبرن کان پوءِ ڪوهستان ۾ تدفين جو هن کي ٻيو دور چئي سگهجي ٿو، جيڪو گهڻو وقت اڳ هتي رائج هو. هتي اهڙا سوين قبرستان موجود آهن، جن ۾ هتان جو ڪٽيل پٿر، جيڪو ماپ ۾ ٻن ۽ ٽن فٽن جو ڊگهو ۽ ويڪر ۾ اڌ فٽ آهي، استعمال ڪيو ويندو هئو. ڪجهہ قبرن جي سيرانديءَ کان ٽن ۽ چئن فٽن وارا پٿر کُٿل هئا. هڪ پٿري دائرو بہ هو. اهڙن قبرستانن ڀرسان پٿري دائرا موجود آهن. ڪن ۾ مسجد وانگر محراب هوندو آهي. گهڻو ڪري ننڍن پٿرن جا گول دائرا هوندا آهن. قبرستان سان گڏ اهڙن دائرن جو مقصد تدفين واريون رسمون يا ٻيون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ هوندو هجي. انهن ۾ اڄ بہ ڳوٺاڻان اگهاڙين پيرين اندر ويندا آهن. قبرستان لڳ ٺڪراٺو پکڙيل هو.

ساڳئي رستي سان اڳتي روانا ٿياسين. ٿورو اڳتي روڊ جي کاٻي پاسي جابلو بُٺي تي هڪ گهاڙي قبر نظر آئي. اسان شير محمد سان گڏ اُوڏانهن وياسين.
ننڍن، عام پٿرن جي دائري اندر هڪ قبر هئي، جنهن جي اڏاوت ۾ اڇي ۽ پيلي رنگ جا وڏا گهڙيل پٿر استعمال ٿيل هئا. پليٽ فارم کان وٺي مٿي تائين گهڙيل پٿرن جا ٽي تھہ هئا، مٿي خالي هئي، جتي پڙ چڙهيل هو. سڀ پٿر گهڻو ڪري هڪ سائز جا هئا. قبر تي ڪٿي بہ نالو لکيل نہ هو، پر شير محمد ڪانڙو مقامي ماڻهن جيان ان کي مراد علي شاھ چئي رهيو هو. اهو گهاڙي قبرن جي رواج ۾ اچڻ وارو ٻيو دور چئي سگهجي ٿو. پهرئين دور ۾ وڏن گهڙيل پٿرن جو بنياد ۽ مٿي ”سر پٿر“ بہ گهڙيل پٿر هوندو هو. ان کان پوءِ اهو مستطيل؛ ٽن ۽ چئن تھن جي اڏاوت وارو دور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ دور کي ڪليم لاشاري ”ساده خام قبرون“ قرار ڏيئي ٿو. قبر جي هڪ پٿر تي هٿ جي تري، آڱرين سميت اُکُريل هئي. ان قبر جي اوڀر پاسي، ويجهو هڪ ٻئي جابلو ٽڪريءَ تي انهيءَ طرز واري اڏاوت جي هڪ ٻي قبر هئي، جنهن کي شير محمد ”گاجي شاھ“ جو نالو ڏيئي رهيو هئو. اصل ۾ اهي قبائلي قبرون آهن. ڪوهستان کان ويندي لسٻيلي تائين اهڙين اڪيلين قبرن کي ڪنهن نه ڪنهن شاھ جو نالو ڏيئي ميلا مچايا ويندا آهن. هر جاءِ تي انهن جي نالن بابت هڪ ئي قسم جون ڪهاڻيون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون، يعني ڪنهن بزرگ جو خواب ۾ اچڻ ۽ پنهنجو نالو ٻڌائڻ.

اوئلي گھاڙي وڏن پٿرن واري ،جنھن تي ھٿ جي تري ۽ رڍ جي تصوير اڪريل آھي

ٻي قبر، جنهن کي شير محمد ”گاجي شاھ“ جو نالو ڏيئي رهيو هئو، ان جي چئن پٿرن تي هٿ جي تري ۽ آڱرين جا صاف نشان اُکريل هئا. هڪ پٿر تي گول دائرو گهوڙي جي نال سان مشابهت رکندڙ هئو. اهو نشان بہ اُکڙيل هئو. گهاڙي قبرن تي چٽساليءَ جو اهو افتتاح آهي. اهڙيون قبرون ڪاٺوڙ ۾ گوهر بان بُٺيءَ تي ۽ مالماڙيءَ ۾ موجود قبرستان جي ڪجهہ قبرن سان هڪجھڙائي رکن ٿيون. اهي هڪ ئي دور جون لڳن ٿيون. هن قسم جي اڏاوت کي ماهر 13هين ۽ 14هين صديءَ جو دور چون ٿا.

ھٿ جي تري ۽ گھوڙي جو نال

اهي ڏسڻ کان پوءِ اسان اڳتي جو سفر جاري رکيو. ڪجهہ فاصلي تي هڪ ننڍي جابلو ٽڪريءَ تي سائين گل پالاريءَ جون ٽيھہ (30) سال اڳ ڏٺل گهاڙي قبرون نظر آيون، جن لاءِ اسان هي سفر ڪيو هو. هڪ وڏي علائقي ۾ اهي گهاڙي قبرون ۽ عام پٿرن جي ڍير واريون قبرون پکڙيل هيون. ڪچو رستو قبرستان جي وچان گذري ٿو. ان قبرستان ۾ ٻن رانڪن سميت پنجويھہ (25) عدد گهاڙي قبرون هيون. اهڙين قبرن کي ڪوهستان ۽ لسٻيلي جا ماڻهو ”رومي“ يا ”روميون“ چون ٿا، تنهنڪري اسان ان قبرستان کي ”ڪانڙن جي ريڪ واريون روميون“ نالو ڏنو. رانڪ وڏن پٿرن جي ديوار کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ قبرون هجن. رانڪ ۾ گهڻو ڪري هڪ فيمليءَ جون قبرون هونديون آهن. هتي مختلف دورن سان واسطو رکندڙ گهاڙي قبرون هيون، جنهن جو مطلب اهو آهي، تہ هي قبرستان گهڻو عرصو استعمال هيٺ رهيو هوندو. هتي اوائلي ڪلاسيڪل گهاڙي قبرون ۽ چئن تھن واريون خوبصورت پر گهٽ چٽساليءَ واريون قبرون بہ آهن. ڪنهن بہ قبر تي نالو لکيل نہ هئو.

ڪانڙن واري ريڪ ۾ رانڪ

رستي جي کاٻي پاسي واري رانڪ ۾ ٽي گهاڙي قبرون هيون، جيڪي ٽن تهن واريون هيون. رانڪ جي هڪ پاسي کان وڏا گهڙيل پٿر هيٺ ڪِريل هئا. رانڪ کان ٻاهر بہ پندرهن (15) گهاڙي قبرون هيون. انهن قبرن تي چٽسالي گهٽ ٿيل هئي. هڪ قبر جي ”سر پٿر“ تي سرميداڻي ٺهيل هئي ۽ ان ۾ استعمال ٿيل ٻيون شيون اُڪريل هيون. انهن قبرن تي زيور، هٿيار، گهوڙو ۽ اُٺ وغيره اُڪريل نہ هئا. ”سُرميداني“ واري ڳالھہ اسان لاءِ نئين هئي. اهڙين قبرن تي گهڻو مردن جي بهادري، عورت جي زيورن جا پڳ يا شڪار ڪندي ماڻهو ڏيکاريا ويندا آهن. لڳي ٿو تہ انهيءَ همراھہ جو ڪاروبار ”سرمو“ ٺاهڻ هوندو، تنهنڪري سنگتراش ”سرميداڻي“ ٺاهي.

گھاڙي قبر تي اڪريل سرميداني ۽ ھن ۾ استعمال جا اوزار

 

اوائلي گھڙت واري قبر جنھن ۾ گول دائرو ۽ زنجير اڪريل آھي.

ساڄي پاسي واري رانڪ ۾ پنج قبرون هيون ۽ ٻاهر ٻہ قبرون گهاڙي هيون. رانڪ واريون پنج ئي قبرون هڪ ڊيزائن جون هيون، جن جي ”سرپٿر“ تي گول دائرو ۽ ان کان هيٺ تائين زنجير چِٽيل هئو. ٻاهر بہ ڪجهہ قبرن تي اهڙا ئي نشان اُڪريل هئا. اُهي قبرون پليٽ فارم ۽ ”سر پٿر“ جي ڪري ٻن تهن واريون آهن. اهڙين قبرن ۾ ڪٿي ڪٿي زنجير جي جاءِ سليٽ وانگر ڪاشي اُڪريل هوندي آهي. ان کي چٽساليءَ جي شروعات چئي سگهجي ٿو. هر چوڪنڊي يا رومي قبرستان ۾ اهڙيون قبرون موجود آهن، جن کي ڪليم لاشاري اوائلي ڪلاسيڪل دور سڏي ٿو ۽ هنن، ابتدائي دور جي قبرن تي نقش نگاريءَ کي هو، ٻڌ ۽ هندو طرز جي سنگتراشيءَ جو وارث قرار ڏيئي ٿو. اهڙن چِٽن واريون قبرون سنڌ ڪوهستان ۾ مول، گڏاپ، لنگهيجي، ملير، مالماڙي، جُنگشاهي، تونگ ۽ ٻين علائقن ۾ ڏسي سگهجن ٿيون. لسٻيلي ۾ بالا، ڦور ۽ هاڙهو ۾ انهيءَ طرز جون اوائلي گهاڙي قبرون موجود آهن.

ڪانڙن جي ريڪ واريون روميون،ھڪ منظر

اهي ٻئي رانڪ بلڪل اهڙي ڊيزائن تي ٺهيل آهن، جھڙا ديھہ لنگهيجي۾ بُنگو واري رومي (بحريا ٽائون ۾ ان جو گهڻو حصو ڊاهي پٽ ڪيو آهي)، پير محمد گبول ڳوٺ، ناراٿر جبل تي ۽ مالماڙي ۾ ڪلو بن رودين رانڪ آهن. انهن جي اڏاوت ۽ دروازن ۾ بلڪل هڪجھڙائي آهي. لڳي ٿو، تہ انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ سنگتراشن جو پاڻ ۾ هڪ مضبوط تعلق هئو يا اهي سڀ هڪ ئي قبيلي جون قبرون آهن. ڪوهستان جي قبيلن ۾ مُردن کي پورڻ جو هي طريقو پوري دنيا کان نرالو هو. انهن جي اڏاوت منفرد آهي. مالوند ماڻهن جو هي معاشرو، معاشي طور خوشحال هو. وقت گذرڻ ۽ مقابلي جي رجحان سان هن فن وڏي ترقي ڪئي. هن تهذيب کي بچائڻ جي ضرورت آهي.

ڪانڙن واري ريڪ ۾ مول نئن جي ڪپ تي هڪ ميل تائين پوري علائقي ۾ پٿر جون اهي عام ۽ گهاڙي قبرون موجود آهن. ڪجهہ سال اڳ مول نئن جي ٻنهي ڪنارن تي وڏا شاهي وڻ هئا ۽ صاف شفاف پاڻي وهندو هو، پر ريتي ۽ بجريءَ مافيا، وڻ وڍي پوري علائقي کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. اهو عمل اڄ بہ جاري آهي. مول نئن جڏهن ايم-9 کي ڪراس ڪري ٿي، تہ ان جو نالو ملير نئن آهي، جنهن لاءِ اها چوڻي مشهور آهي تہ : ”ملير تڏهن مرڪي، جڏهن ماڻهس مول ڀرجي.“


قديم آثار – 1 (ديھ مول: ڪُپو لڪ تي پٿري منارا ۽ ٻيا آثار)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close