دنيا جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان نہ صرف سنڌي عالمن، اديبن، ڏاھن ۽ زندگيءَ جي ھر شعبي سان واسطو رکندڙ سنڌي ماڻھن جو گھرو لاڳاپو رھيو آھي، پر سنڌ کان علاوہ ٻين قومن جي مفڪرن ۽ عالمن بہ، جڏھن ڀٽ ڌڻيءَ جي آفاقي پيغام تي ڪم ڪيو، تہ سموري دنيا ۾، شاھ لطيف سندن سڃاڻپ بڻجي ويو آھي، پوءِ اھو ڏيڍ صدي اڳ، اوڻيھين صدي عيسويءَ جو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ (1828ع ـ 1885ع) ھجي، ويھين صدي عيسويءَ جي جرمنيءَ ڄائي ڊاڪٽر اينيمري شمل (1922ع ـ 2003ع) ھجي، يا وري ايڪيھين صدي عيسويءَ جي جديد زماني ۾، آمريڪا سان تعلق رکندڙ ھڪ ناري ايملي ھاز ھجي! شاھ لطيف جي عشق ۾ سڀ رڱيل ٿا ڏسجن.
آمريڪا جي ننڍڙي ڳوٺ سيواني ٽينيزي سان تعلق رکندڙ، ايمليءَ جو سڄو نالو ايملي شريڊر ھاز آھي، جنھن اسٽيون شريڊر نالي ھڪ، موسيقيءَ جي پروفيسر جي گھر ۾ اک کولي. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ فيسبڪ جي ذريعي، ايمليءَ جي ملاقات، لاڙڪاڻي ڄائي، دل جي ماھر سرجن ڊاڪٽر سعيد سانگي (اڳوڻو پروفيسر شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي چانڊڪا لاڙڪاڻو) سان ٿي، جنھن کيس پنھنجي خاندان سان ملايو ۽ پنھنجي ڌيءَ بڻايو. ايملي پڻ ان ڏينھن کان وٺي، ڊاڪٽر سعيد سانگيءَ کي پنھنجو پيءُ ۽ سندس خاندان کي پنھنجو ئي خاندان سمجھڻ لڳي. اھو ئي سبب آھي جو، ايملي پنھنجو پاڻ کي، آمريڪن سنڌياڻي سڏرائي لڳي آھي.
ايمليءَ پنھنجي بنيادي تعليم، سينٽ اينڊريوز سيواني اسڪول مان حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ ھن، آمريڪا جي رياست پئنسلوانيا جي تاريخي سواٿمور ڪاليج مان موسيقي ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي. يونيورسٽي آف پئنسلوانيا مان جرمن ادب ۾ ماسٽرس ڪندڙ ايمليءَ کي، سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ گھڻو اتساھ تڏھن مليو، جڏھن ھن جرمن ٻوليءَ ۾ ايلسا قاضيءَ کي پڙھيو. تڏهن ايلسا قاضيءَ کي پنھنجي پسنديدہ شخصيت سمجھندَي، سندس لاڙو شاھ جي رسالي کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ ڏانھن ٿي ويو. اھڙيءَ ريت ھن شاھ جي رسالي کي، غور سان پڙھڻ شروع ڪيو ۽ ھن پنھنجي زندگيءَ جو اھو بہ مقصد ٺاھي ڇڏيو، تہ کيس شاھ لطيف جي رسالي جو جديد دور ۽ ٻوليءَ جي تقاضائن موجب انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻو آھي. سندس چواڻي تہ شاھ جي رسالي جا ھن وقت تائين ٿيل انگريزي ترجما ھڪ تہ پراڻا آھن، ٻيو انھن ۾ ڪجھ خاميون بہ آھن.
ھي سٽون لکڻ تائين، شاھ جي رسالي جي، ڪل نَوَن (9) سرن جو مڪمل ترجمو ڪندڙ ايملي، نہ صرف بيتن جو منطوم ترجمو ڪري ٿي، پر ان سان گڏوگڏ شاھ جي بيتن جي، جديد گرافڪ ڊزائن سان، عڪسبندي بہ ڪري ٿي، جيڪو شاھ جي بيتن ۾ وڏي خوبصورتي ۽ ڪشش پئدا ڪري، سنڌين کي پڻ شاھ جي بيتن کي پڙھي سمجھڻ تي اتساھي ٿو. اڄڪلھ ھوءَ، سر سھڻيءَ تي ڪم ڪري رھي آھي. سندس اھا بہ ڪوشش آھي، تہ ھوءَ شاھ جي رسالي کي مڪمل حفظ ڪري ۽ برزبان بيتن کي پڙھي ٻڌائي.
ايمليءَ سان ڳچ وقت کان وٺي، ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھندي آھي، جنھن ۾ ھن ٻڌايو تہ شاھ لطيف کان پوءِ سنڌ جي ٻين مشھور شاعرن جي ڪلام جو بہ ھوءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندي. ايمليءَ جي لکيل مضمونن کي پڙھڻ مان خبر پوي ٿي، تہ سندس مطالعو وسيع آھي. ھوءَ لکي ٿي تہ ھن جڏھن ڪينجھر، مڪلي، ٿر ۽ ڪراچيءَ کي گھمي ڏٺو، تہ شاھ لطيف تي کيس وڌيڪ يقين ٿيو تہ شاھ نہ صرف سٺو جاگرافيائي منظرنگار آھي پر شاھ لطيف، فطرت کي بہ پسند ڪري ٿو. ھن جي بقول شاھ کي صرف پڙھڻ نہ کپي، پر شاھ وانگر سنياسي ٿي ڪري، عملي طور بہ سنڌ گھمڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ جديد سائنسي نقطهء نظر سان شاھ جي فڪر کي، صرف پڙھڻ سان سمجھي نہ ٿو سگھجي، پر ان لاءِ فطري ماحول ۽ ماڳن جو گھمڻ بہ ضروري آھي، جن تان شاھ لطيف پيرين پيادا پنڌ ڪيا. اھو ئي سبب آھي جو جرمن ۽ انگريزي ٻوليءَ جي ھن ليکڪہ جو، سير ۽ سياحت طرف بہ وڏو لاڙو آھي، جنھن جي ڪري ھوءَ 2014ع ۾ پھرين ڀيرو سنڌ پاڪستان آئي. جنھن کان پوءِ ھوءَ ڪل ڏھ ڀيرا سنڌ اچي چڪي آھي.
سنڌ ۾ ھوءَ جڏھن بہ ايندي آھي تہ نہ صرف سنڌ جا تاريخي ماڳ جھڙوڪ؛ ڪراچي، ٺٽو، ڪينجھر، حيدرآباد، ڀٽ شاھ، ٿر، لاڙڪاڻو، موھن جو دڙو ۽ ٻيا ڳوٺ ۽ شھر گھمندي آھي، پر مختلف علمي ۽ ادبي ميڙاڪن، محفلن، مشاعرن، ڪتابن جي مھورت جي گڏجاڻين ۽ ٻين سماجي ويھڪن ۾ بہ ڀرپور شرڪت ڪندي رھندي آھي. 2016ع ۾، ڀٽائي ادبي ھال لاڙڪاڻي ۾ رکيل، روبينہ ابڙو جي شاعريءَ جي ڪتاب ”قدم کان عدم تائين“ ۾ ھن شرڪت ڪري پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو. ان کان علاوہ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران، آمريڪا ۾ رکيل، مختلف پروگرامن ۽ سالياني ڪانفرنسن ۾ بہ ھوءَ شاھ لطيف جي فڪر تي ڳالھائي چڪي آھي.
شاھ جي رسالي کان علاوہ، سنڌ گھمڻ بعد سندس ليک بہ سنڌ جي تاريخ جو حصو بڻجي رھيا آھن. ھوءَ پنھنجن مقالن کي، آمريڪا جي مختلف پروگرامن ۾ پڙھي، انٽرنيٽ تي شايع ڪندي آھي. اھڙا مختلف واقعا ھن ذڪر ڪيا آھن، مثال، سنڌو درياءَ جي پل جا منظر، مڪلي ۽ ٺٽي جا اکين ڏٺا احوال، راڄڌاني ڪراچي ۽ ان جي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ سانباھا، سنڌ جي پاڻيءَ تي راتاھا، پبلڪ اسڪول حيدرآباد بابت، سنڌ ۾ زندگيءَ جي بنيادي سھولتن جي اڻهوند ۽ کوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي ھڪ سرڪاري اسپتال جو واقعو وغيرہ.
ھن پنھنجي هڪ بلاگ ۾ لکيو آھي تہ شاھ لطيف جي، وسيلن سان مالامال، شاھوڪار سنڌ ڌرتيءَ تي سھولتن جي کوٽ جا اھڙا واقعا ڏسي کيس حيرت ٿي. سنڌ جي جن عالمن، اديبن ۽ ساڃاھ وندن سان ھن، آمريڪا توڙي سنڌ پاڪستان ۾، روبرو ملاقات ڪئي آھي، انھن ۾ جامي چانڊيو، سحر گل، انعام شيخ، اياز لطيف پليجو، مھتاب اڪبر راشدي، تاج جويو، اڪبر لغاري، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، ناز سھتو ۽ ٻيا شامل آھن.
شاھ لطيف جي، جديد سنڌ جي ھيءَ سورمي، سنڌي ٻوليءَ کي جديد ۽ آسان طريقي سان، مغربي دنيا جي ماڻھن کي سيکارڻ لاءِ ھڪ درسي ڪتاب بہ لکي رھي آھي. سندس اھا بہ ڪوشش آھي، تہ جديد دور ۾ سنڌي ٻولي سکڻ جون سھولتون عام ڪجن. ڇوتہ دنيا ھڪ گلوبل ڳوٺڙو ٿي چڪي آھي، جتي سنڌي ٻوليءَ جھڙي تاريخي ٻوليءَ کي عالمي ٻولين ۾ شمار ڪرائڻ لاءِ جديد طريقا جھڙوڪ؛ آنلائن سکيا جا ڪورس ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙن ماھرن جا آنلائن ورڪشاپ رکڻ سان گڏوگڏ مغربي دنيا جي ماڻھن کي سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي سمجھائڻ خاطر ھٿرادو ذھانت ذريعي مختلف قدم کڻڻ وغيرہ، اختيار ڪرڻا پوندا. ھن ھر جڳھ سنڌي ٻولي ۽ شاھ لطيف کي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ آمريڪا واسين کي، سنڌي ٻوليءَ کي سکڻ طرف راغب ڪرڻ جون ڪوششون بہ ڪيون آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ ھوءَ آمريڪا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ ھڪ ادارو بہ قائم ڪرڻ چاھي ٿي.
(هي مضمون روزاني ڪاوش ۽ ليکڪ جوکيو جسارت الياس سنڌيءَ جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو.)