انبن تي دلچسپ نالا ڪيئن پيا؟

عبدالغفور سندراڻي

انب دنيا جو هڪ اهڙو ميوو آهي، جيڪو وڏي شوق سان کاڌو وڃي ٿو، جنهن ڪري ان کي ميون جو بادشاھ چيو وڃي ٿو. هي دنيا ۾ اهو واحد ميوو آهي، جنهن جون سڀ کان وڌيڪ جنسون آهن. اهو انب عام ماڻهن سان گڏ تاريخ جي وڏن حاڪمن جو به سڀ کان وڌيڪ نه رڳو پسنديده ميوو رهيو آهي پرڪيترن ئي حاڪمن انهن جون نيون جنسون پڻ متعارف ڪرايون ۽ انهن تي پنهنجا نالا پڻ رکيا.

هونئن ته انبن جون سوين جنسون موجود آهن پر هتي انهن مان رڳو ڪجهہ ئي جنسن جي نالن جي مختصر تاريخ رکجي ٿي.

° سنڌڙي:
پاڪستان ۾ انبن جي سڀ کان وڌيڪ مشهور جنس سنڌڙي آهي. سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌڙي انب تي اهو نالو ميرپورخاص ضلع جي علائقي سنڌڙي تان پيل آهي، ان جنس جي دريافت کي 115 سال ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ اهو 1905ع کان پوکجڻ شروع ٿيو، جڏهن ڀارت جي شهر مدراس مان انبن جون 4 چڪيون تحفي طور مليون، انهن مان 2 چڪيون اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي والد دين محمد جوڻيجي سنڌڙي ۾ پنهنجي باغ ۾ پوکيون ۽ 2 چڪيون زميندار عبدالصمد ڪاڇيلي پنهنجي فارم تي پوکيون، انهن جي قلمن سان اها نئين جنس پيدا ٿي ۽ سنڌڙي جي علائقي ۾ هئڻ سبب اها سنڌڙي انب جي نالي سان مشهور آهي.

° امام پسند:
ڀارتي انبن ۾ هڪ جنس ”امام پسند“ جي نالي سان مشهور آهي. رياست آنڌرا پرديش ۾ پيدا ٿيندڙ اهو انب هندستان جي مغل بادشاهه همايون کي پسند هو ۽ اهو شوق سان کائيندو هو، جنهن ڪري ان انب جي جنس جو نالو ان جي پٺيان ”همايون پسند“ رکيو ويو، جنهن کي ”امام پسند“ پڻ چيو وڃي ٿو.

° چونسو:
اسان وٽ هڪ جنس ”چونسو“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا هن وقت ميرپورخاص، ملتان ۽ ساهيوال ۾ پيدا ٿئي ٿي، ان جنس کي افغان حڪمران شير شاهه سوري 1539ع ۾ دريافت ڪيو، شير شاهه سوري مغل بادشاھ همايون کي ڀارتي رياست بِهار جي بڪسر ضلع جي ڳوٺ چوسا وٽ 26 جون 1539ع ۾ لڳل جنگ ۾شڪست ڏني، تڏهن ان خوشي جي موقعي تي شير شاهه سوري چوسا جنگ جي ڪري کيس سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ انب سان ڀيٽيندي ان انب تي ”چوسا“ جو نالو رکيو، جيڪو هن وقت ”چونسا“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

° الفانسو:
انبن جي هڪ جنس ”الفانسو“ نالي سان مشهور آهي، ان جنس کي دريافت ڪندڙ پرتگالي جنرل الفانسو ڊي البڪرڪ آهي. واسڪو ڊيگاما جڏهن 1498ع ۾ ڀارت ۾ پهتو ته پرتگالين ڀارت تي قبضو شروع ڪيو ۽ پرتگالي فوجي ماهر جنرل الفانسو ڀارت ۾ پنهنجون ڪالونيون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن مسلمان حڪمران اسماعيل عادل کي جنگ ۾ شڪست ڏئي گووا تي قبضو ڪيو، جنهن دوران 6 هزار مسلمان قتل ڪيا ويا. ان ئي جنرل الفانسو ان رياست ۾ 1510 ع ۾ انب جو هڪ قلم لڳائي هڪ نئين جنس پيدا ڪئي ۽ پوءِ ان کي مهاراشتريا، گجرات، تامل ناڊو ۽ ٻين رياستن ۾ متعارف ڪرايو، ان جنس کي جنرل الفانسو جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، جنهن کي هاڻي الفانسو چيو وڃي ٿو.

° دسھڙي يا دسيري:
”دسهڙي“ يا "دسيري” انبن جي جنس تي اهو نالو ڀارتي رياست اتر پرديش جي ڪاڪوري علائقي جي ڳوٺ ”دشيري“ جي نسبت سان پيل آهي. انبن جي اها جنس اٽڪل 200 سال اڳ لکنؤ جي نواب دريافت ڪئي ۽ ان کي ٻين علائقن ۾ متعارف ڪرايو.

° انور رتول:
اتر پرديش رياست جي ئي هڪ جنس ”انور رتول“ آهي، جيڪا ان رياست جي علائقي ”رتو لاريا“ جي هڪ آبادگار انور الحق دريافت ڪئي. اها جنس پاڪستان ۾ پڻ گهڻي مشهور آهي.

° لنگڙو:
ڀارت ۽ پاڪستان ۾ انبن جي هڪ جنس ”لنگڙو“ پڻ گهڻي مشهور آهي، اها جنس به ڀارت ۾ 200 سال اڳ دريافت ٿي. جڏهن ڀارتي شهر واراناسي (بنارس) جي شِوِ مندر ۾ 200 سال اڳ هڪ مسافر ساڌو پاڻ سان آندل انبن جون 2 چڪيون اتي پوکيون. اهو ساڌو 4 سالن تائين ان مندر ۾ ترسيل رهيو، جڏهن انهن وڻن ميوو جهليو ته اهو ساڌو ان مندر جي پوڄاري کي انهن انبن جي وڻن جي پارت ڪري هليو ويو. وڃڻ کان اڳ هن مندر جي پوڄاري کي اها هدايت ڪئي ته هو اهي انب مندر ۾ ايندڙن کي پرساد طور ڏيندو رهي پر ڪنهن کي به نه ته پورو انب ڏي ۽ نه ان جا قلم ڪنهن کي ڏي، انهن جا ڪوئلا پڻ ڪنهن کي ڏيڻ بدران ساڙي ڇڏي. پوڄاري ان هدايت تي عمل ڪندو رهيو. جيئن ته ان مندر وارو اهو پوڄاري منڊو هو ۽ ان ڪري انهن انبن کي منڊي پوڄاري جا انب چيو ويندو هو، اڳتي هلي اهو انب پڻ ان منڊي پوڄاري جي نسبت سان ”لنگڙو انب“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ذائقي جي لحاظ سان انهن انبن جي مشهوري پري پري تائين پکڙجي وئي، ايتري تائين جو واراناسي جو حاڪم ڪاشي نريش پاڻ ان مندر ۾ ويو ۽ پوڄاري کان انبن جا قلم وٺي پاڻ پوکايا ۽ اهي مختلف علائقن ۾ متعارف ڪرايا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close