سامونڊي شھزادي ۽ لالچي زال (جاپاني ڪھاڻي)

الطاف شيخ

هتي پنهنجي ملڪ جي ٻارن کي هن ڪهاڻيءَ کان اڳ جپان بابت اهو ٻڌائيندو هلان، ته جپان ڪيترن ئي ٻيٽن جو مجموعو آهي، جن مان چار ٻيٽ تمام وڏا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان پُلين ۽ سُرنگهن ذريعي ڳنڍيل آهن، ڇو تہ سڄي جپان جي چوڌاري سمنڊ آهي. جپان جا هزارين ڳوٺ توڙي شهر سمنڊ جي ڪناري تي آهن ۽ ڳوٺاڻن جو پيٽ گذر لاءِ ڪاروبار مڇيون ڦاسائڻ آهي. ڪجهه ڳوٺاڻا هارپو به ڪن ٿا پر تمام گهٽ، جو جپان جي زمين پٿرائين آهي، چوڌاري جبل آهن جن تي پوک ڪرڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ مينهن تمام گهڻو پوي ٿو، گهڻي مينهن جي ڪري جپان ۾ جيڪو ٿورو گهڻو اناج پوکيو وڃي ٿو اهو چانور آهي. ان ڪري جپان جا ماڻهو صبح شام چانور کائين ٿا…. ويندي ڪيڪ ۽ سِوَيون به چانورن جي اٽي مان ٺاهيون وڃن ٿيون. هاڻ مڙيئي ڪٿي ڪٿي ڪڻڪ جو اٽو ملي ٿو جيڪو انڊيا ۽ اسان جي ملڪ پاڪستان مان امپورٽ ڪيو وڃي ٿو. اهي ئي سبب آهن جو جپان جي لوڪ ڪهاڻين ۾ گهڻو ذڪر ڀت (چانور)، مڇين، مهاڻن ۽ سمنڊ جي ڪناري وارن ڳوٺن جو آهي. ڪجهہ ڪجهہ ذڪر ديوين ۽ ديوتائن جو به آهي، جو جپان جا ماڻهو وهمي، جنن ڀوتن ۽ شيطانن کي مڃڻ وارا ۽ تعويذ ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ يقين رکڻ وارا آهن. جپانين جو جيئن ته روزگار جي سلسلي ۾ سمنڊ سان گهڻو واهپو رهي ٿو، ان ڪري هنن جي خيالن ۽ اعتقادن ۾ سمنڊ جا ديوتا، ديويون، جن، محلات، وغيره گهڻا آهن. ان جو اولڙو هن ڪهاڻيءَ مان به محسوس ٿي سگهي ٿو ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ به ان ئي قسم جون ڳالهيون ۽ عقيدا نظر ايندا.

هڪ دفعي جي ڳالھ آهي، ته جپان جي ڪنهن سامونڊي ڪناري واري ”مهاڻن جي ڳوٺ“ ۾ هڪ غريب زال مڙس رهيا ٿي.
هڪ ڏينهن مڙس مڇيون مارڻ لاءِ ويو، ته هن جي ڄاريءَ ۾ هڪ تمام خوبصورت مڇي اچي وئي، جنهن جهڙي هن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هن جڏهن ان مڇيءَ کي ڄاريءَ مان ڪڍي پنهنجي کاريءَ ۾ وڌو، ته هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته اها مڇي انسانن وانگر ڳالهائي رهي هئي:
”مهرباني ڪري مون کي واپس سمنڊ ۾ وڃڻ ڏي“، مڇيءَ مهاڻي کي منٿ ڪئي، ”آئون هن سمنڊ جي راجا جي ڌيءَ شهزادي آهيان ۽ مون کي ڇڏي ڏيڻ جي عيوض ۾ توهان جيڪي گهرندائو اهو ڏينديسانوَ.“
مهاڻَي اهو سوچي، ته هيءَ سمنڊ جي ديوتا جي ڌيءَ آهي، هن کي واپس سمنڊ ۾ ڇڏي ڏنو.

گهر اچي مهاڻي پنهنجي زال کي سڄو احوال ٻڌايو. زال اها ڪهاڻي ٻڌي ڏاڍي ناراض ٿي. ”ڪمال ٿو ڪرين! هڪ تہ گهر ۾ غربت لڳي پئي آهي، ٻيو مس مس ڪا وڏي مڇي ڦاٿي ته اها وڪڻڻ بدران تو آزاد ڪري ڇڏي ۽ نه وري ان جي فرمائش تي تو ڪجهہ هن کان گهريو. مون کي پڪ آهي ته اها ڪا خاص قسم جي مڇي هوندي، جنهن کي وڪڻڻ سان اسان کي تمام گهڻو پئسو ملي ها. هاڻ وري وڃ ۽ ان ساڳي مڇيءَ کي جهلي اچ.“

ويچارو مڙس انهي پيرين وري سمنڊ تي پهتو ۽ سمنڊ ڏي منهن ڪري زور زور سان چيو: ”سامونڊي شهزادي! منهنجي ڳالھ ٻڌ.. منهنجي زال مون کي مجبور ڪري رهي آهي، ته توکي وري ڦاسائي اچان.“
اهو ٻڌي شهزادي مڇي پاڻ هن وٽ هلي آئي، پر مهاڻَي هن کي کڻي اچڻ بدران هن کي وري ڇڏي ڏنو ۽ هٿين خالي گهر موٽي آيو.
”مون ان مڇيءَ کي تنهنجي چوڻ تي وري ڦاسايو“. هن پنهنجي زال کي ٻڌايو.
”ته پوءِ اها آهي ڪٿي؟“ زال ڪاوڙ مان پڇيس.
”سمنڊ ۾“. مڙس جواب ڏنس.
”عجيب چريو ماڻهو آهين، هن جڏهن توکان پڇيو به، ته توکي ڪجهہ کپي ته ٻڌاءِ، ته تو ڇو نه ڪجهہ گهُريس!؟ تون هن کي چوين ها ته توکي هڪ سهڻو گَهرُ کپي.“ هن چيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ئي زال پنهنجي مڙس کي سمنڊ ڏي وڃڻ لاءِ اٿاريو، ته وڃ ۽ ڪجهہ ڪر. مڙس ڄاري کڻي سمنڊ جي ڪناري تي آيو ۽ سمنڊ ڏي منهن ڪري سامونڊي شهزاديءَ کي وري سڏ ڪيو: ”سامونڊي شهزادي! منهنجو سڏ سُڻ! منهنجي زال مون کي ڇتو ڪري رکيو آهي، ته توکي چوان ته اسان کي ڪو سهڻو گهر ڏيار“.
سامونڊي شهزادي سمنڊ جي تري مان ٻاهر ظاهر ٿي ۽ چيو: ”بلڪل ٺيڪ آهي. تنهنجي زال جي خواهش بلڪل پوري ڪئي ويندي. تون سڌو پنهنجي گهر ڏي وڃ ۽ توکي اتي پهچي خوشي ۽ حيرت ٿيندي.“

مهاڻو واپس گهر پهتو، ته سندس پراڻي جهوپڙي بدران هڪ اعليٰ قسم جو گهر هو. هن کي حيرت ۽ خوشي ٿي پر سندس لالچي زال ايترو ڪجهہ ملندي به منهن سڄايو ويٺي هئي. هوءَ شهزادي مڇيءَ تي سخت ناراض هئي ته هنن کي جهڙو سٺو گهر ڏيڻ کپي، اهڙو هن نه ڏنو آهي. هن پنهنجي مڙس تي زور آندو ته هو هن شهزاديءَ کي اڃان سٺو گهر ڏيڻ لاءِ زور ڀري.

ٻئي ڏينهن صبح جو مهاڻو سمنڊ مان مڇيون ڦاسائڻ بدران ڪناري تي بيهي هڪ دفعو وري هن شهزادي مڇيءَ کي سڏڻ لڳو ۽ هن جي ٻاهر نڪرڻ تي مهاڻ١ي کيس عرض ڪيو، ته مون کي ان کان به بهتر گهر ڏيارجو منهنجي لالچي زال هن مان خوش ناهي.
شهزادي مڇيءَ هن جي ڳالھ مڃي ۽ جيئن ئي هو گهر پهتو ته پري کان ئي هن کي پنهنجي گهر جي جاءِ تي هڪ محل نظر آيو. اندر اچي پنهنجي زال کان حال احوال ورتائين ته کیس خبر پيئي ته سندس لالچي زال هن محل جهڙي گهر مان ته خوش آهي، پر هوءَ چاهي ٿي ته هر ڪمرو ڳهہ ڳٺن ۽ ريشم جي ڪپڙن سان ڀرجي وڃي.

غريب مڙس ٻئي ڏينهن وري سمنڊ جي ڪناري تي پهتو ۽ شهزادي مڇيءَ کي پنهنجي پريشانيءَ کان آگاھ ڪيو ته سندس زال هن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي. هاڻ هوءَ چاهي ٿي ته هر ڪمري ۾ زيور، سلڪ جو ڪپڙو ۽ ٻيو قيمتي سامان اچي وڃي.
شهزادي مڇيءَ کيس چيو ته ”تون هاڻ فڪر نه ڪر. تون ته جهوپڙي ۾ به سڪون جي ننڊ ڪري رهيو هئين، ان ڪري تون ان جهوپڙيءَ ۾ وڃي رھ ۽ تنهنجي زال لاءِ به اها جهوپڙي صحيح آهي جو هن کي ڪيترو به کڻي ملي، پر هن جي لالچ ختم نه ٿيندي.“

مهاڻو موٽي گهر آيو. رات ٿي رهي هئي، سمهڻ بعد صبح جو زال مڙس اٿي ڏسن ته کين سندن محل بدران اها ئي ساڳي جهوپڙي نظر آئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close