موبائل فون جي گھنٽي وڄي رھي هئي، کيسي مان ڪڍي ڏٺم تہ بخشوءَ جي ڪال هئي… سوچيم تہ هي نڀاڳو تہ هميشہ مس ڪال ڏيندو آھي، ﷲ خير ڪري، اڄ فون ڪيئن ڪيائين.. اهو سوچيندَي گھنٽي بند ٿي وئي تہ مون وري نمبر ملايو.
"بخشو! خير تہ آھي؟”
"نہ ادا…”
"ڇا ٿيو بخشو…”
"منھنجو ڀاءُ هاڻي ھن دنيا ۾ ناهي رھيو.”
ھن جو آواز ڏک ۽ درد ڀريو ھو… ۽ ھو روئڻ لڳو.
آئون بخشوءَ کي دلاسو ڏيندو رھيس.. ھاڻ دعا جو وقت آھي، دعا ڪر.. آئون بس پھچان ٿو..
آئون پنھنجي ٻنيءَ تي ھوس، تقريباً صبح جا ڏھ ٿيا ھئا، يارهن وڳي آئون بخشوء جي ڳوٺ پھتس. سڀ ڳوٺ وارا ڳوٺ جي ڪميونٽي سينٽر وٽ بيٺا هئا، ڪجهہ ڳوٺ وارا موبائل فونن تي جنازي نماز جو اطلاع ڏيئي رھيا ھئا.
آئون وڌي وڃي بخشوءَ سان مليس.. جيڪي الله جي رضا..
بخشو ٻڌايو تہ شام جو چار وڳي جو ٽائيم رکيو آھي، ﷲ چڱي ڪندو.
چار وڳي جنازي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ماڻھو صفون ٺاهي بيٺا.. ڪو چئي رهيو تہ ست يا نو صفون ڪريو.. اهو ماڻهو مون وانگر شايد ئي ڪڏھن مسجد ۾ بہ ويو ھجي..
خير جنازي کان پوءِ اسان جڏهن قبرستان پهتاسين، اندازاً ساڍا چار ٿي چڪا هئا. تدفين ٿي مولوي صاحب کي سڏ ٿيا تہ آخري دعا ڪري.. مولويءَ جي دعائن تہ بخشوءَ جي ڀاءُ کي جنت جي اعليٰ مقام تي پهچائي ڇڏيو.. دعا ختم ٿيندي ئي ڪانڌين جي لاءِ ھڪ عام اعلان ڪيو ويو ”ايئن ڪير بہ نہ وڃي، کاڌو تيار آھي، کائي وڃو.“
آئون پريشان ٿيوس، ته اھو انتظام ڪنھن ڪيو آھي. ڇو تہ بخشوءَ جي حالت کان آئون واقف ھوس ۽ سندس حال مون کي سريا پيا هئا.. وري بہ خيال آيو، ڳوٺ وارن انتظام ڪيو ھوندو شايد..
قبرستان کان اسان واپس بخشوءَ جي ڳوٺ آياسين، دعا ٿي ۽ ان کان پوءِ ڀت شروع ٿيو.. ھر ڪو کائي پي، ڏند کونڊيندو ۽ اوڳرايون ڏيندو ھليو ويو، ڄڻ ڪنهن جي شاديءَ جو ڀت کائي نڪتا ھجن…
آئون بخشوءَ جي ڀر ۾ ويٺو ھوس، جيڪي جنازي ۾ نہ پهتا ھئا، اھي ۽ ٻيا دعا فاتحہ لاءِ ايندا ويا. ڳوٺ جو مولوي ۽ ٻيا مغرب جي نماز پڙھي آيا ۽ دعا گهريائون. مولوي اچي بخشوءَ جي ويجھو ويٺو. اڃان تہ ڀَت جون ديگيون ڌوتيون بہ نہ ھيون، تہ مولوي بخشوءَ کي چئي رھيو هيو مرحوم جي ايصالِ ثواب جي لاءِ ٽِئَي جي ختمي جي دعوت ڪرڻي آهي، توھان ڇا ٿا چئو..
بخشوءَ پنھنجي درد ڀريي آواز ۾ سادگيءَ سان وراڻيو ”جيئن توھان کي سمجھ ۾ اچي، ائين ڪجو.. “
مولويءَ جي چھري تي خوشي تري آئي..
بخشوءَ جي ڀاءُ کي ھن دنيا مان وئَي ٻارھن ڏينهن ٿي گذريا.. بخشوءَ جو فون آيو ”ھيلو صاحب.. ڪٿي آهين..؟“
مون پڇيو خير تہ آھي.. چيائين ”خير آھي.. توسان ملڻ ٿو چاھيان. “
مون چيو ”آئون پنھنجي اوطاق تي آھيان.. “
”ٺيڪ.. آئون اچان ٿو.. “
ٿوري دير کان پوءِ بخشوءَ کي ڳوٺ جو ڪو همراھ موٽرسائيڪل تي ڇڏي ويو. بخشو سلام ڪري کٽ تي ليٽي پيو. مون پڇيو ”طبعيت تہ صحيح آھي؟ ايئن اداس چهرو.. خير تہ آھي نہ؟“
”ھا طبعيت صحيح آهي “
ايتري دير ۾ چانھ اچي وئي، اسان چانھ پي ختم ڪئي.
بخشو چوڻ لڳو ”ادا.. ﷲ ڪو ھنن مولوين جو خانو خراب ڪري.. “
” ڇو ڀاء… مولوين وري ڇا ڪيو آھي..“
”انھن کي اھو احساس ئي نہ ھوندو آھي، تہ ڪنهن جي گھر ۾ موت ٿيندو آھي، ان تي ڇا گذرندي آھي؟“
مون وري پڇيو ”مولوين ڪيو ڇاھي؟“
”هاڻي ٻڌ تنهنجي مولوين جا ڪارناما.. آئون ڀاءُ جي تڏي تي ڏھ ڏينهن ويٺو ھوس.. ڪلھ آئون راشن واري دڪان تي ويوس، پگھار ملي ھئي تہ وڃي حساب ڪري اچان، گهر جو راشن کڻان.. ڪجھ پئسا ڏيان.. جڏهن سيٺ کاتو کوليو… آئون ڏسي حيران ٿي ويوس.. ڏھ ڏينهن جو بل ٻن لکن کان مٿي… مون پڇيو
سيٺ.. ھي گھڻن سالن جو بل آھي؟ دڪان وارو چوڻ لڳو اھو ڏھن ڏينهن جو بل آھي… اھو ٻڌي منهنجي پيرن ھيٺيان زمين نڪري وئي.. ادا اسان جي ڳوٺ واري مولويءَ جا ڪم ڏس تہ جڏھن ٽِئَي واري ڏينھن جيڪو وڏو ختمو ڪيوسين، ان ۾ جيڪو عالم سڳورو آيو ھو، جيڪو واعظ ڪندي منھنجي ڀاءُ کي جنت جو سير ڪرائي رھيو ھو… ۽ اسان تہ سبحان الله کان ھيٺ نه پي لٿاسين…”
بخشوءَ هڪ ڳنڀير نظر مون تي وڌي، مون کي ماٺ ڏسي وري چيائين… ”مون کي ڪھڙي خبر هئي تہ جنت جو واعظي سير مون مسڪين کي ٻن لکن کان بہ مھانگو پوندو… “
ائين چئي بخشو ھڪ گھري سوچ ۾ هليو ويو.