زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

10- اميدون ۽ تجربا

منھنجي پھرئين فلم 1944ع ۾ رليز ٿي ھئي، پھرئين فلم جي تجربي جو مون تي ڪو خاص اثر نہ ٿيو ھو. مون اھو ئي ڪيو، جيڪو مون کي ٻڌايو ويو ھو. اھو ڪو ايترو آسان تجربو بہ نہ ھو، مصنوعي شين جي ڪري مشڪلات پيش اچي رهي هئي. فلم ۾ پيش ڪيل اداڪار جو حقيقي زندگي سان ڪو بہ تعلق نہ ھوندو آھي. اميا چڪرورتي منھنجي پريشاني سمجهي ويو هو. جڏھن مون پنھنجي پاڻ کي اسڪرين تي ڏٺو ھو، پنھنجي پاڻ کان سوال ڪيم تہ آئينده بہ ايئن ڪندين. تڏھن مون محسوس ڪيو ھو تہ نہ ايئن نہ ٿيندو. مون کي پنھنجي طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو، پر اھو ٿيندو ڪيئن؟ اصل سوال اھو ھو.

منھنجون خوشيون مختصر ثابت ٿيون. منھنجي ڀاءُ ايوب کي ڦڦڙن جي بيماري جي ڪري تڪليف وڌي وئي ھئي. بھترين علاج ڪرائڻ کان پوءِ بہ ڪو فرق نہ پيو. ايوب سمجهي ورتو هو تہ ھو ھاڻ گهڻو زندہ نہ رھي سگهندو. ايوب جي فرمائش تي کيس سمنڊ ڪناري وٺي ويندو ھئس. جتي ھو سج کي لھڻ مھل غور سان ڏسندو ھو. روشني کان پوءِ اونداهي ٿيڻ جي باري ۾ ھو فلسفاڻيون ڳالھيون ڪندو هو. ھن کي سج لھڻ وارو منظر ڏاڍو پسند ھو. ھڪ ڏينھن آئون هھر جلدي آيس، ان ڏينھن ايوب جي طبيعت گهڻي خراب ھئي، ساھ ۾ سخت تڪليف ھئس ۽ رنگ ھيڊو ٿي چڪو ھئس. مون چاچي عمر کي چيو، آغا جيءَ کي سڏي اچو ۽ واپسي ۾ ڊاڪٽر کي بہ وٺي اچو. آئون گهڻو خوفزده ٿي ويو ھئس، مون ايوب کي پنھنجي جھوليءَ ۾ سمھاريو. وڏي ھمت ۽ حوصلي وارو ھو ايوب! ساھ کڻڻ مھل سخت تڪليف باوجود بہ مون ڏي ڏسي مرڪي رهيو هو. ان دوران آغا جي بہ اچي ويو. آغا جي ڏڪندڙ هٿن سان زندگيءَ جون آخري ھڏڪيون کڻندڙ پنھنجي پٽ جو ھٿ جهليو. آھستي آھستي ايوب موت جي واديءَ ڏانھن پئي ويو. ڊاڪٽر جي پھچڻ کان پھرين ايوب دارالفنا روانو ٿي چڪو هو.

ملڪ آزاد ٿي چڪو هو، تخليقي سرگرمين ۾ تيزي اچي چڪي هئي. انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهن سينيمائن ذريعي قوم کي پيغام ڏيئي رھيا ھئا. سماج جي بھتري ۽ حب الوطني جي موضوعن تي فلمون ٺھي رھيون ھيون. بمبئي ٽاڪيز سان منھنجو معاھدو ختم ٿيڻ تي ھو، اسٽوڊيو ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون هيون. اشوڪ ڀاءُ ۽ ايس مکرجي بہ ادارو ڇڏي چڪا هئا. ايس مکرجي "فلمستان” نالي پنھنجو ادارو ٺاهيو ھو. بمبئي ٽاڪيز جو وڏو معيار ھوندو ھو، ھتي ڪم ڪندڙن کي ٻي ھنڌ وڏي خوشي سان کنيو ويندو هو. ھاڻي ڪنھن جو ذاتي ملازم ٿي ڪم ڪرڻ واري روايت ختم ٿي چڪي هئي، ھاڻي ايئن نہ ھو تہ توھان ھڪ اداري ۾ ڪم ڪيو ٿا تہ ٻي ۾ نٿا ڪري سگهو. اسان جو خاندان بہ وڏو ھو، ٻہ پڦيون اسان سان گڏ رھنديون ھيون، پشاور کان بہ مھمان ايندا رھندا ھئا، ان ڪري پئسي جي سخت ضرورت هئي، گهر جا خرچ بہ وڌي ويا هئا. پر انھن سڀني مجبورين جي باوجود مون اھو طئہ ڪيو تہ رڳو پئسن لاءِ فلم ۾ ڪم نہ ڪندس. ڪيترين ئي جاين کان مون کي ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي رھي ھئي ۽ ڪيترائي پروڊيوسر مون سان رابطي ۾ ھئا. انھن حالتن ۾ ڪو مشھور اداڪار مشڪل ۾ اچي ويندو آهي تہ ھو ڇا ڪري ۽ ڇا نہ ڪري؟ پر مالڪ سائين جو شڪر آهي ڪنھن غير ضروري خوش فھمي جو شڪار نہ ٿيس. منھنجا فيصلا صحيح ثابت ٿيا. مون ايس مکرجي جي اداري ۾ ڪم ڪرڻ بھتر سمجهو. ھن تمام گهڻي عزت ڏني. ايس مکرجي 1948ع ۾ فلم "شھيد” ٺاھي. جنھن ۾ مون حب الوطني جو ڀرپور ۽ قلبي اظھار ڪيو.

ان فلم ۾ مون سان گڏ ڪامني ڪوشل ھئي. ھن جو اصل نالو اوما (ڪشيب) ھو. پھرئين دفعا جڏھن فلم ڊائريڪٽر رميش سيگل ڪامني ڪوشل کي سندس اصل نالي سان سڏيو تہ پوءِ خبر پئي. ھو انگريزي رواني سان ڳالھائيندي ھئي ۽ پنھنجي ڪم ۾ ماھر ھئي. پنھنجن ڪردارن ۾ گم ٿيڻ ھن کي ايندو هو، ھو پھرين بہ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي هئي. ايس مکرجي ھن جي صلاحيتن کان گهڻو متاثر ھو، فلم شھيد زبردست ٿي ۽ تمام گهڻو ڪمايو. ڏسندڙن منھنجي ۽ ڪامني ڪوشل جي جوڙي کي ساراهيو. ان کان پوءِ ٻہ ٻيون فلمون "نديا ڪي پار” ۽ "شبنم” بہ اسان گڏ ڪيون.

ان زماني ۾ انھن اداڪارن کي ھيرو ۽ ھيروئن ٺاھيو ويندو هو، جن جو فلم جي دنيا کان ٻاھر بہ تعلق ۽ واسطو ھوندو ھو. پر اڄ جي دور وانگر ڪير بہ پنھنجي تعلقاتن کي اخبارن ۽ رسالن ۾ نہ ڇپرائيندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھڪٻئي جو احترام ھوندو ھو. ذڪر ڪيل ٽي فلمون جڏهن ٺھيون تڏھن آئون عمر جي ٽئين ڏھاڪي ۾ ھئس. ان وقت تمام گهٽ پڙھيل لکيل عورتون فلمن ۾ ڪم نہ ڪنديون هيون ۽ مرد فلمي ھيرو ۾ بہ عورتون دلچسپي نہ وٺنديون هيون. پڙھيا لکيا دوست منھنجي ترجيح ۾ شامل ھوندا ھئا.

ڪنھن جو اسٽار ھجڻ منھنجي لاءِ خوشي بدران پريشاني جو سبب ھوندو ھو. آئون سمجهان ٿو تہ ڪامني ڪوشل جي ويجهو وڃڻ منھنجو جذبات کان وڌيڪ عقلي فيصلو ھو. اوما (ڪشيب) يا ڪامني ڪوشل پڙھيل لکيل ھئي ۽ آئون ان سان پنھنجن پسند جي موضوعن تي ڳالھائي سگهندو ھئس. جيڪڏهن انھي کي محبت چئبو آهي تہ پوءِ ٿي سگهي ٿو اھائي محبت ھجي. ڪجهہ اھڙين حالتن کان پوءِ مون ۽ ڪامني ڪوشل ھڪٻئي سان گڏ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو. ان جو سبب اهو هو تہ ڪجهہ فلمن کان پوءِ ھيرو ۽ ھيروئين جي جوڙي عام طور تي ڏسندڙن لاءِ بور ٿي ويندي آهي، ان ڪري ھڪ ئي جوڙي جو مختلف فلمن ۾ بار بار اچڻ ڪاروبار لاءِ سٺو ثابت نہ ٿيندو آهي.

مون کان ھميشہ ھڪ ئي سوال پڇيو ويندو آھي، جيڪڏھن ھيرو ۽ ھيروئين حقيقي زندگي ۾ بہ محبت ڪندا ھجن تہ ڇا فلمن جي عشقيہ منظرن جي عڪس بندي تي ڪو اثر يا فرق پوندو آهي؟ انھي سوال جو مون وٽ جواب ھا بہ آھي نہ بہ. نمبر ھڪ تہ فلم جي هدايتڪار کي عشقيہ منظرن ۾ ھيرو ۽ ھيروئين جي محبت ڏيکارڻي ھوندي آھي. مصنوعي ۽ فرضي منظرن ۾ حقيقت جا منظر ڏيکارڻ کي اداڪاري چئبو آهي. اھڙي طرح منظر ۾ حقيقي ڪيفيت پيدا ڪرڻ لاءِ اداڪارن جو ھڪٻئي جو سڃاڻو ھجڻ ضروري نہ آهي. نمبر ٻہ اھو تہ اھو بہ ممڪن آهي اداڪارن جي حقيقي زندگي ۾ دوستي ڪنھن جذباتي منظر کي تقويت ڏيئي، شدت ۾ اضافو ڪري. جيڪڏهن ايئن آھي تہ پوءِ مسودي کان بہ بھتر ڪري سگهجي ٿو.

فلم "مغل اعظم” ۾ منھنجي (شھزادو سليم)، مڌو بالا (انار ڪلي) سان ڪيل ڪردار بابت ذڪر ڪيل سوال خاص طور تي ڪيو ويندو آهي. (مڌو بالا جو اصل نالو ممتاز جھان بيگم ھو ان جو اڳتي ذڪر ايندو.)

ان زماني ۾ فلمي اسٽوڊيو گهڻو ڪري گوري گائون (بمبئي جو ھڪ علائقو) ۾ ھوندا ھئا ۽ ھاڻي بہ آھن، ان ڪري منھنجي لاءِ اھو ضروري ھو تہ ان جي ويجهو رھائش ڪيان. منھنجي آمدني بھتر ٿي وئي ھئي ۽ گهر جي خرچي کان تمام گهڻي ھئي. پر آغا جي خوددار شخص ھو، گهر جا سڀ خرچ مون تي ڇڏڻ جي سخت خلاف هو. ھن جو اھو خيال ھوندو ھو تہ ھو بہ گهر جي خرچن ۾ پنھنجو حصو شامل ڪندو رھي. ھو واپار جي سلسلي ۾ ھفتي ۾ ھڪ دفعو مارڪيٽ ضرور ويندو هو ٻيو تہ دوستن سان بہ ڪچھري ڪري وٺندو هو. دوستن سان ملڻ، ھن جي لاءِ سڀني کان اھم ھوندو ھو. فلمن جي ڪمن ڪارين جي ڪري مون کي باندرہ منتقل ٿيڻو پيو. پالي مالا ۾ ھڪ خوبصورت بنگلو ورتم.

منھنجو ڀاءُ ايوب سڀني کي ڏکارو ڪري ويو هو پر سڀني کان وڌيڪ ڏک امان کي ٿيو ھو. پٽ جي جدائي جو صدمو ھن کي اندران ئي اندران کائي رهيو ھو، امان اسان ڀائرن ۽ ڀينرن جي سامھون وڏو حوصلو ۽ ھمت ڪري ھلندي ھئي، اسان جي سامھون ڪڏھن بہ نہ رني پر حقيقت اها آهي تہ اڪيلائي ۾ ھو روئيندي رھندي ھئي. مون سان اڪيلائي ۾ اڪثر امان موت جي باري ۾ ڳالھائيندي ھئي ۽ چوندي هئي تہ موت کان وڌيڪ ڪا بہ سچائي ناھي، خبر ناھي آئون بہ ڪڏھن ھلي وينديس. امان جون اھي ڳالھيون ٻڌي آئون ڏکارو ٿي ويندو ھئس. امان مون کي غمگين ڏسي موضوع مٽائي ڇڏيندي هئي. مڪمل صحتمند ھو پھرين بہ نہ ھئي، پٽ جي وڇوڙي جي ڏک ۾ ڏينھن رات روئڻ جي ڪري امان جي صحت تي تمام گهڻو اثر پيو، ڪافي علاج ڪرايو ويو پر امان جي حالت ڏينھون ڏينهن خراب ٿيندي وئي.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close