…۽ جڏھن اسپيني مھاڻو ٽن ڏينهن کان پوءِ وهيل مڇيءَ جي پيٽ مان زنده سلامت نڪري آيو!

الطاف شيخ

وھيل مڇيءَ بابت منھنجي گذريل مضمون کان پوءِ اهو ته توهان سمجهي ويا هوندائو تہ ڪنهن انسان کي ڳڙڪائي وڃڻ ڪنهن وهيل لاءِ وڏي ڳالھ ناهي ـــ خاص ڪري بلو وهيل لاءِ، جنهن جي وات ذريعي بس يا ٽرڪ به سندس پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿي!

گذريل مهيني ان خبر دنيا جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو تہ اسپين جي هڪ مھاڻي ”لوگي مارڪيز“ (Luigi Marquez) جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ تي هڪ ”بلو وهيل“ کيس ڳڙڪائي وئي. هو ٽي ڏينهن مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي جيئرو جاڳندو نڪري آيو.“ (هي واقعو 2016ع ۾ رپورٽ ٿيو هو) اها خبر مون به سعودي عرب ۽ انڊيا جي اخبار Deccan Chronicle ۾ نيٽ تي پڙهي. خبر جا سب-ٽائيٽل هئا: ”56 سالن جي اسپيني مهاڻي لوگي مارڪيز ميڊيا وارن کي ٻڌايو تہ ٻيڙي جي اٿلڻ بعد بلو وهيل هن کي ڳڙڪائي وئي. ٽن ڏينهن بعد جڏهن وهيل الٽيءَ ۾ هن کي ٻاهر ڪناري تي ڦٽو ڪيو تہ هن جي حالت نازڪ هئي. آبي ماهرين جو چوڻ آهي تہ هن کان اڳ بہ ڪيترائي ماڻهو وهيل مڇين جي پيٽ مان جيئرا نڪتا آهن. آفت جيڏي هن مڇيءَ جي پيٽ جو ٽيمپريچر قابلِ برداشت ٿئي ٿو.

قرآن ڪريم ۾ حضرت يونس عليه والسلام جو مڇيءَ جي پيٽ مان چاليھ ڏينهن بعد جيئرو نڪرڻ جو ذڪر ٿيل آهي. اهڙو ئي واقعو اسپين ۾ بہ ٿيو آهي. جنهن ۾ هڪ مهاڻو ٽي ڏينهن مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ بعد جيئرو جاڳندو نڪري آيو آهي. مٿين اخبارن مطابق اسپين جي هڪ ڳوٺ پيورٽو ريئل (Pureto Real) جو هڪ 56 سالن جو مهاڻو، لوگي مارڪيز گذريل هفتي مڇين جو شڪار ڪندي سمنڊ ۾ گم ٿي ويو. هو پنهنجي دوستن سان گڏ مڇين جو شڪار ڪري رهيو هو، تہ سخت طوفان لڳڻ ڪري هن جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي. لوگيءَ جا ٻيا دوست تہ پنهنجين ٻيڙين سميت ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر لوگيءَ جي ڪا خبر نہ پئجي سگهي. مهاڻن جي اطلاع تي اسپيني ڪوسٽ گارڊ جي سپاهين ڪيترائي ڪلاڪ لوگيءَ جي ڳولا ڪئي پر کين لوگي جيئرو يا لاش جي صورت ۾ نہ ملي سگهيو. آخر هو مايوس ٿي ڳولا جو ڪم ختم ڪري موٽي آيا.

ٻئي طرف جڏهن لوگي مارڪيز جي زال ”پيني لوپ“ (Penelope) کي سندس مڙس جي گم ٿيڻ جي خبر پيئي، تہ هوءَ ۽ هن جا ٻار لوگيءَ جي زنده سلامت موٽڻ لاءِ دعائن ۾ مصروف ٿي ويا. پيني لوپ مقامي مذهبي پادرين ۽ پنهنجن مائٽن مٽن کي بہ دعائن لاءِ عرض ڪيو. پر ٽي ڏينهن گذّرڻ بعد بہ لوگيءَ جي ڪا خبر نہ پيئي، تہ پوءِ سڀني کي يقين ٿي ويو تہ لوگي مري چڪو آهي ۽ سندس جسم کي شارڪ جهڙين مڇين چچري کائي ڇڏيو هوندو. پر چون ٿا تہ هي لوگيءَ جي زال ۽ ٻارن جي دعائن جو حيرت انگيز ڪرشمو چئبو جو ان ڏينهن شام ڌاري لوگي صحيح سلامت اچي گهران نڪتو. هن جيڪو پنهنجي جيئري بچڻ جو داستان ٻڌايو اهو ٻڌي دنيا دنگ رهجي وئي. لوگي مارڪيز جڏهن زنده سلامت پنهنجي گهر پهتو، تہ مقامي اخباري نمائندن جو هن جي گهر ميلو مچي ويو.

ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي لوگيءَ ٻڌايو ”جمعي ڏينهن صبح جو اسان ڪجهہ دوست سمنڊ ۾ مڇين جو شڪار ڪري رهيا هئاسين، تہ اوچتو طوفاني هوائون شروع ٿي ويون ۽ منهنجي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي. مڇريل لهرون مون کي پاڻ سان گڏ وهائي خبر ناهي ڪٿان کان ڪيڏانهن گهلي ويون. پوءِ هڪ آفت جيڏي ”بِلو وهيل“ مڇي مون کي ڳڙڪائي وئي. ايندڙ ٽي ڏينهن آئون هن وهيل جي پيٽ ۾ رهيس. ٽن ڏينهن بعد هن مڇيءَ مون کي سمنڊ جي ڪناري تي الٽي ڪري ٿوڪاري ڇڏيو.“

لوگيءَ جو چوڻ هو تہ ”وهيل مڇيءَ“ جي پيٽ ۾ رات جهڙي اونداهي هئي ۽ مريل سڙيل مڇين جي ايڏي تہ ڌپ هئي جو مون کي لڳو ٿَي، تہ آئون ان ڍونڍ وگھي مري ويندس. مون کي بلو وهيل جي پيٽ ۾ گندي ڌپ کان علاوه سخت سيءُ به لڳي رهيو هو. جنهن وقت وهيل ٻاهر جو برف جھڙو پاڻي اندر ٿي اوتيو، تہ ڏڪڻي وٺي وئي ٿي. ان دوران آئون وهيل جي پيٽ ۾ موجود ننڍڙيون مڇيون کائي زنده رهيس ۽ منهنجي واٽر پروف ٽارچ روشنيءَ جو واحد ذريعو هئي….“

لوگيءَ ميڊيا کي وڌيڪ ٻڌايو تہ ”جڏهن مون کي وهيل مڇيءَ سمنڊ جي ڪناري تي اٻڙاڪ ڏئي ڪڍيو، تہ منهنجي حالت بلڪل مرڻ جھڙي هئي، پر ڪنارو ويجهو هجڻ ڪري آئون پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ پر اميد هوس. مون ۾ ترڻ جي بلڪل سگهہ نہ رهي هئي، پر ڪنهن نموني سان ٻہ چار هٿ هنيم ۽ باقي تانگهي پاڻيءَ مان مونڙيون پائي ڪناري تي غشيءَ جي حالت ۾ ليٽي پيس.“

لوگيءَ ٻڌايو تہ وهيل مڇيءَ جي پيٽ مان ٻاهر نڪرڻ بعد هو ڪا دير پاڻ کي ڌوئندو رهيو، پر هن جي جسم مان ڍونڍ جي ڌپ ختم ٿي نہ سگهي. ان موقعي تي لوگيءَ جي زال ميڊيا سان ڳالھ ٻولھہ ڪندي ٻڌايو تہ ”خدا پاڪ منهنجي دعائن جي برڪت سان هي معجزو رونما ڪيو.“ هن زارو قطار روئندي ٻڌايو تہ ”جيئن ئي مون کي مڙس جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ جو اطلاع مليو، تہ مون ان يقين سان گڏ پنهنجي رب کي ٻاڏايو، تہ هو ضرور منهنجي دعا ٻڌندو ۽ هن منهنجي دعا ٻڌي منهنجو عرض اگهائي ورتو ۽ منهنجو مڙس جيئرو ۽ سلامت گهر پهچي ويو.“

ٻئي طرف ”سامونڊي جيوت“ جي ماهرين جو چوڻ آهي ته لوگيءَ جي هيءَ ڪهاڻي حيرت انگيز ۽ ناقابل يقين ضرور آهي، پر هيءَ هن قسم جي پهرين ڪهاڻي ناهي. يونيورسٽي آف پيٽرينا (San Petrina) جي پروفيسر ۽ ”آبي جيوت“ جي ماهر ”جئان ڪرسٽوبل ميگئل“ (Juan Cristobal Migual) جو چوڻ آهي، تہ گذريل سال ڀر واري ملڪ پورچوگال جي ڪناري ويجهو ٻن ٽوٻن (غوطا خورن) کي وهيل مڇيءَ ڳهي ورتو، پر خوش قسمتيءَ سان وهيل هنن کي يڪدم ٻاهر ٿوڪاري ڇڏيو. سامونڊي جيوت جي ماهرين جو اهو بہ چوڻ آهي تہ اها ناممڪن ڳالھ ناهي، ڇو جو آفت جيڏي وهيل مڇي، جنهن جو قد سؤ کن فٽ ٿئي ٿو، يعني جيڪا پندرنهن کن ماڻهن جيتري ڊگهي ٿئي ٿي، ان جي سامهون هڪ ماڻهو ننڍي مڇيءَ برابر آهي، جنهن کي هوءَ ٻين مڇين سان گڏ ڳڙڪائي سگهي ٿي. پر ڪنهن جو جيئرو بچڻ ان وقت ممڪن آهي، جڏهن هو وهيل جي ڏندن کان بچِي، سڌو هن جي معدي ۾ هليو وڃي. يا اها بلو وهيل جھڙي مڇي هجي، جنهن کي ڏندن بدران جهالرون ٿين جيڪا هر شيءَ وات اندر ڪري پوءِ پاڻيءَ کي انهن جهالر (ڇاڻين) معرفت ٻاهر ڪڍي ٿي، جيئن اندر آيل پاڻي تہ ٻاهر خارج ٿي وڃي پر ٻي هر شيءِ، ويندي سنهو سنهو سامونڊي گاھ ۽ چيچ جيڏيون مڇيون اندرئين پاسي رهجي وڃن، جن کي هوءَ زبان سان چٽي معدي ۾ داخل ڪري ٿي.

وهيل مڇي دنيا جو وڏي کان وڏو جانور آهي…. ڊائنا سورس کان به وڏو….. جنهن جو وزن ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ ٽن ۽ قد سؤ فٽن تائين ٿي سگهي ٿو. حضرت يونس عليه السلام جي معجزي متعلق ڪوئنز ڪاليج آڪسفورڊ جي ڊاڪٽر جان ولسن هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته وهيل مڇيءَ جي پيٽ ۾ ساھ کڻڻ لاءِ ڪافي آڪسيجن ٿئي ٿي ۽ هن جي پيٽ جو ٽيمپريچر (درجه حرارت) 104 ڊگريون فارن هائيٽ ٿئي ٿو، جيڪو انسان لاءِ قابلِ برداشت آهي. 1992ع ۾ آسٽريليا جو اوڻونجاھ سالن جو هڪ مهاڻو گيرٽو هڪ وهيل مڇيءَ جي پيٽ ۾ اٺ ڪلاڪ رهڻ بعد معجزاني طور تي جيئرو ٻاهر نڪري آيو هو. 1890 ۾ فاڪ لئنڊ ٻيٽ جي ويجهو هڪ جھاز وهيل مڇين جو شڪار ڪري رهيو هو، تہ ان جھاز تان جيمس نالي هڪ شڪاري سمنڊ ۾ ڪري پيو، جنهن کي ان ئي وقت وهيل مڇي ڳهي وئي. سخت جدوجهد ڪري ٻن ڏينهن بعد ان وهيل کي جهليو ويو. جڏهن هن جو پيٽ چيريو ويو، تہ شڪاري (جيمس) جيئرو نڪري آيو، البت هن جو سڄو جسم، وهيل جي اندروني تپش ۽ تيزابيت ڪري سفيد ٿي ويو هو. اٽڪل ڏهن ڏينهن جي علاج بعد هو وڃي صحتياب ٿيو.

ان کان اڳ 1858ع ۾ فاڪ لئنڊ ۾ بارجڪلي نالي هڪ مهاڻي کي وهيل مڇيءَ ڳهي ورتو. اتفاق سان ڦاسايل مڇين ۾ هڪ اها بہ اچي وئي. عملي جي ماڻهن ڪهاڙين سان ان کي ڪپڻ شروع ڪيو. ٻئي ڏينهن بہ هي ڪم جاري هو، تہ مئل مڇيءَ جي پيٽ ۾ چرپر محسوس ڪئي وئي. مهاڻن سمجھيو تہ ان اندر ڪا جيئري مڇي هوندي، جڏهن پيٽ چيريو ويو تہ ان مان هنن جو گم ٿيل ساٿي بارڪلي نڪتو.. جيڪو تيل ۽ چرٻيءَ ۾ پيسيل هو. بارڪلي ٻن هفتن جي علاج بعد هوش ۾ آيو. اها خبر ان وقت جي اخبارن ۾ آئي، تہ سائنس جي دنيا ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو ۽ ڪيترن ئي مشهور صحافين بارڪلي کان انٽرويو ورتو. هڪ مشهور سائنسي جرنل جي ايڊيٽر ”ايم ڊي پاول“ تحقيق بعد هن واقعي جي تصديق ڪئي ۽ لکيو تہ: ”هن حقيقت جي ظاهر ٿيڻ تي آئون قبول ٿو ڪريان، تہ حضرت يونس عليه السلام جي باري ۾ آسماني ڪتابن ۾ جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو آهي، اهو لفظ بلفظ صحيح آهي ۽ ان ۾ شڪ ڪرڻ هڪ زنده حقيقت کان منهن موڙڻ آهي……“

نوٽ: هي مضمون الطاف شيخ جي ڪتاب ”گهاتو گهر نہ آئيا“ تان ورتل آهي، جيڪو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو.

______________

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close