انڊس ڊولفن Indus Dolphin (ٻلھڻ)

الطاف شيخ

اسان جي انڊس ڊولفن (ٻلهڻ) کان علاوه سمنڊ تي رهندڙ باقي ڊولفنن جي بصارت يعني نظر به سٺي آهي. ڊولفن جي جسم جي ٻاهرين کل بيحد حساس ٿئي ٿي ۽ هوءَ ان ذريعي هر آواز کي محسوس ڪري سمجھيو وڃي ته سندس علائقي ۾ ڪجهہ گڙ ٻڙ آهي..

ها، ڊولفن سان هڪ ڪمزوري ضرور آهي ته هوءَ سونگهي نٿي سگهي. سندس نڪ جون ناسون فقط ساھ کڻڻ لاءِ آهن. قدرت طرفان هن کي هڪ ٻي صلاحيت ضرور مليل آهي. جنهن کي پاڻ رڊار (Radar) چئي سگهون ٿا، جنهن جي مدد سان ڊولفن سفر جي دوران سامهون ايندڙ شيون يا پاسي اوسي کان رڪاوٽ يا دشمن کان خبردار ٿي سگهي ٿي.

ڊولفن اسان وانگر هڪ ئي وقت ڇھہ ست ڪلاڪ سمهي نٿي سگهي. هوءَ فقط ٽيھہ سيڪنڊن، يعني اڌ منٽ لاءِ سمهي سگهي ٿي، پر اها ٻي ڳالھ آهي ته هوءَ ڏينهن رات ۾ ڪيترائي دفعا ٽيھ ٽيھ سيڪنڊن لاءِ سمهي ٿي.

سنڌو نديءَ ۾ موجود ڊولفن جي جنس فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ٿئي ٿي. افسوس جي اها ڳالھ آهي تہ اها ڊولفن جيڪا دنيا لاءِ حيرت جو باعث آهي، جنهن تي هڪ طرف دنيا جا سائنسدان/بايولاجسٽ کيس اهم سمجھي تجربا ڪن ٿا ۽ بين الاقوامي ادارا هن دريائي جانور جي بچاءَ ۽ ان جي نسل وڌڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري رهيا آهن، تہ ٻي طرف اسان وٽ ڪيترن کي اها بہ خبر ناهي تہ سنڌو نديءَ ۾ هڪ خاص قسم جي ڊولفن آهي، جيڪا انڊس ڊولفن، انڌي ڊولفن، ٻلهڻ، پاسيرو ترندڙ ڊالفن جهڙن نالن سان سڏي وڃي ٿي. ڪيترن کي تہ اها بہ خبر ناهي تہ ڊولفن مڇيءَ جو قسم آهي يا لڌڙي وانگر پاڻيءَ جي جانور جو! بهرحال ڊالفن وهيل وانگر جانور آهي، جنهن جي مادي انسانن وانگر ٻچو ڄڻي ٿي ۽ ان کي پاڻ سان گڏ رکي کير پياري ٿي. ڊولفن کي مڇيءَ وانگر نہ ڇلر ٿين ۽ نہ ڪليون….. ان ڪري هوءَ هر هر پاڻيءَ مان ٻاهر منهن ڪڍي نڪ مان ساھ کڻي ٿي.

بهرحال هتي پاڻ ڊولفن جي فقط ان جنس بابت ڳالھ ڪنداسين، جيڪا اسان جي انڊس نديءَ ۾ سوين هزارين سالن کان موجود آهي ۽ جيستائين سنڌو نديءَ تي ڊئمون ۽ بئراجون نہ ٺهيون هيون تيستائين هيءَ ٻلهڻ (انڊس ڊولفن) سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان اتر ڏي ستلج بياس ندين تائين پئي هلي چلي، پر هاڻ مختلف حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. هوءَ ڄامشورو (غلام محمد بئراج) يعني ڪوٽڙيءَ کان درياھ جي ڇوڙ تائين ورلي ڪا نظر اچي ٿي، جو سياري جي موسم ۾ اتي پاڻي ئي نہ آهي. البت سکر ۽ گڊو بئراج جي وچ وارو سنڌو نديءَ جو اهو حصو آهي جتي هيءَ ٻلهڻ ملي ٿي ۽ سنڌ حڪومت طرفان ان جي بچاءَ لاءِ اُپاءَ ورتا پيا وڃن، جيئن هيءَ منفرد قسم جي ڊولفن زنده سلامت رهي ۽ اسان جو ايندڙ نسل بہ ان کي ڏسي سگهي.

سنڌو نديءَ ۾ موجود هن ڊولفن جو سائنسي نالو Platanista Indi ۽ Platanista Gangetica آهي. عام طرح انگريز بہ هن کي Bhulan (جيڪو سنڌي لفظ ٻلهڻ مان آهي) ۽ ”انڊس ڊالفن“ سڏين ٿا. هيءَ ڊيگهہ ۾ 7 کان 10 فوٽ ٿئي ۽ کيس ٻاٽليءَ جھڙو ڊگهو منهن ٿئي. هن کي هر ڄاڙيءَ ۾ 28 کان 29 ڏند ٿين. رنگ گلابي مائل خاڪي برائون اٿس. کل بيحد نازڪ ۽ نرم ٿئيس ٿي. ڊولفن جو مغز وڏو هجڻ ڪري هوءَ بيحد ذهين ٿئي ٿي ۽ عام طرح ننڍي عمر جي ڊولفن کي ڪرتب سيکاريا وڃن ٿا…. سواءِ انڊس ڊولفن جي جيڪا تقريبن انڌي آهي، هونءَ دنيا جي ڪا بہ ڊولفن ڄاڻي واڻي انسان جي لاءِ نقصانڪار ناهي….. بلڪہ ڊولفن لاءِ مشهور آهي ته هو انسان ذات جون دوست آهن ۽ هو ھميشہ انهن هنڌن تي نظر اچن ٿيون جتي ٻيڙيون ۽ ماڻهو موجود آهن.

ڊولفن لاءِ شروع ۾ بہ لکي چڪو آهيان تہ هوءَ دنيا جي هر سمنڊ ۾ نظر اچي ٿي….. پوءِ ڪي جنسون ٽراپڪس جي گرم سمنڊ ۾ نظر اچن ٿيون تہ ڪي ائنٽارڪٽڪ جي برفاني سمنڊن ۾. جيتوڻيڪ Cetacean فئملي جا ساهوارا سمنڊ ۾ ئي رهن ٿا، جيئن تہ وهيلون وغيره….. ڊولفن جون بہ انيڪ جنسون سمنڊ ۾ ئي رهن ٿيون پر پنج اهڙيون جنسيون آهن، جيڪي مٺي پاڻيءَ جون آهن ۽ دنيا جي پنج مختلف درياهن ۾ نظر اچن ٿيون. انڊس ڊولفن انهن مان هڪ آهي.

1960ع تائين اهو سمجھيو ويو ٿي تہ گنگا ۽ برهمپترا ندين ۾ موجود سُوسُو (Susu) نالي ڊولفن ۽ سنڌو ندي جي ٻلهڻ هڪ ئي جنس جون آهن، پر پوءِ سئٽزرلئنڊ جي پروفيسر پليريءَ (George Pilleri) برن شهر ۾ تجربن دوران اندازو لڳايو تہ ”انڊس ڊولفن“ بلڪل نرالي شيءِ آهي، جيڪا فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ئي رهي ٿي. ان جنس جي ڪا بہ ڊولفن گنگا يا ٻين دريائن يا سمنڊن ۾ ناهي. اها جڏهن مچي مڙ ٿئي ٿي ته 6 فٽ قد ۽ 60 ڪلو وزن ڪري ٿي.

دنيا جي ٻين ڊولفنن جو نظر بيحد چٽو ٿئي ٿو، پر انڊس ڊولفن کي تمام ننڍيون اکيون ٿين، جن ۾ به لينس (A crystalline Eye Lens) نہ ٿئي، معنيٰ هوءَ نابين ئي سمجھو.. پر ان هوندي بہ ايترو آهي تہ هوءَ اوندهہ ۽ روشنيءَ ۾ فرق پرکي سگهي ٿي. هونءَ تہ نور بنا هڪ ساهوارو لاچار ۽ بيوس ٿيو وڃي، پر ٻلهڻ (انڊس ڊولفن) جنهن لٽ ۽ مٽِيءَ واري پاڻيءَ ۾ رهي ٿي اتي اکين واري کي بہ ڇا نظر ايندو؟ باقي سوال ٿو پيدا ٿئي تہ ڏسڻ بنا هوءَ ڪيئن ٿي هلي چلي، (Navigate) ڪري يا کائڻ لاءِ شڪار کي جهلي؟ ان لاءِ هوءَ ”ايڪو لوڪيشن“ (Echolocation) کان ڪم وٺي ٿي. اکين جو نور نہ هجڻ ڪري هنن مڇين اندر Sonar سسٽم ڊيولپ ٿئي ٿو، جنهن ذريعي هو ننڍي کان ننڍي مڇي بہ محسوس ڪريو وٺن تہ اها کانئن ڪيڏو پري آهي…. ڪهڙي رفتار سان ۽ ڪهڙي طرف وڌي رهي آهي. هي ائين آهي، جيئن اسان ”ايڪو سائونڊر“ يا ”سونار“ ذريعي هلندڙ جھاز جي بند ڪمري (چارٽ روم) ۾ ويهي معلوم ڪريو وٺون تہ هيٺ سمنڊ جو ترو ڪيتري فاصلي تي آهي يا سامهون سمنڊ جي مٿاڇري تي ڪيترا ۽ ڪيڏا وڏا جھاز آهن ۽ اهي اسان کان ڪيترو پري آهن ۽ ڪهڙي رفتار سان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن…. ڀلي کڻي ڪيترو به ڌنڌ هجي ۽ اکين سان يا ڪنهن دوربين سان ڪجهہ بہ نظر نہ اچي… ۽ اهو به معلوم ٿيو وڃي تہ سمنڊ هيٺ ڪا ٽڪري يا تري ۾ ڪو ٻڏل جهاز تہ نہ آهي.

مون کي ياد آهي تہ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جھاز جي نوڪري شروع ڪئي، تہ انهن ڏينهن ۾ بندرگاھ ۾ يا کلئي سمنڊ ۾ ان جي اونهائي معلوم ڪرڻ لاءِ ”چپي“ (جھاز جو واڍو) وڏي رسي کڻندو هو، جنهن جي پوڇڙ ۾ لوھ جو ٽڪرو ٻڌل هوندو هو. ان کي سمنڊ ۾ ڇڏيندو هو، جيسين اهو لوھ جو ٽڪرو سمنڊ جي تري کي ڇُھي. ان بعد ان رسيءَ کي ٻاهر ڪڍي، ان جي آلي حصي جي ماپ ڪندو هو تہ ڪيترا فٽ سمنڊ آهي. پر پوءِ سگهو ئي 1970ع کان Sonar جھڙا ڪيترائي ايڪو سائونڊر ايجاد ٿي ويا، جنهن ذريعي هر وقت سمنڊ جي اونهائيءَ جي خبر پوندي رهي ٿي. اهي اوزار ان اصول تي ڪم ڪن ٿا، جو اهي هڪ قسم جو آواز اڇلين ٿا جيڪو سمنڊ جي تري سان ٽڪرائي جڏهن واپس اچي ٿو تہ ٽائيم مفاصلي جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊولفن بہ پنهنجي آواز جي موٽ (پڙاڏَي) مان اندازو لڳائي ٿي تہ اهو جلد آيو تہ معنيٰ اها شيءِ سندس ويجهو ئي آهي، جنهن سان سندس اڇليل آواز ٽڪرائي يڪدم موٽيو آهي.

ايڪولوڪيشن وانگر سونار (Sonar) بہ آهي. سونار دراصل شارٽ فارم آهي Sound Navigation and Ringing جو. سونار بہ پاڻيءَ اندر آواز جون لهرون اڇلي ٿو ۽ انهن جو پڙاڏو اسڪرين تي شڪلين ۾ نظر اچي ٿو تہ سمنڊ اندر ڪا ٽڪري يا ٻڏل جھاز تہ نہ آهي. اڄ ڪلھ تہ مڇين جو شڪار بہ سونار ذريعي ٿئي ٿو. سونار مهاڻن کي ڄاڻ ڏئي ٿو تہ سمنڊ اندر ڪهڙي پاسي ۽ ڪيڏي تعداد ۾ مڇيون آهن ۽ اهي ڪهڙي طرف وڌي رهيون آهن. سنڌو نديءَ جي نابين ٻلهڻ (Dolphin) کي بہ قدرت سونار جھڙي صلاحيت ڏني آهي ۽ هوءَ مختلف سڏن ذريعي آئيڊيا لڳايو وڃي تہ سندس خوراڪ لاءِ سندس سامهون شڪار ـــ يعني ننڍيون مڇيون آهن (جن کي هڙپ ڪجي) يا ڪا آفت آهي جنهن کان ڀڄي پاسو ڪجي.

سنڌو ندي جي ڊولفن جي هڪ ٻي ڳالھ به نرالي آهي، جيڪا هن کي دنيا جي ٻين ڊولفنن ۽ سندس فئملي ـــ يعني وهيل مڇين کان نرالو ڪري ٿي. انڊس ڊولفن هميشہ پاسيري ٿي تري ٿي، جڏهن تہ ٻيون ڊولفن ۽ مڇيون نارمل طريقي سان ترن ٿيون. سندن پٺيءَ تي ٺهيل کنڀراٽي جيڪا Dorsal fin سڏجي ٿي، هميشہ مٿي هوندي آهي ۽ سندن پيٽ سمنڊ يا درياھ جي تري ڏي… انڊس ڊولفن پاسيري ٿي تري ٿي باقي ساھ کڻڻ مهل جڏهن درياھ جي سطح تي اچي ٿي تہ ان وقت نارمل پوزيشن اختيار ڪري ٿي. سنڌو نديءَ جي مٽي ۽ ڌوڙ سان لٽيل پاڻيءَ اندر ڊولفنن کي ترندو ڏسي نٿو سگهجي. پر کيس وڏي نادي (Tank) ۾ صاف پاڻي ۾ پاسيرو ترندو ڏسي سگهجي ٿو. هوءَ اکين کان نابين هجڻ ڪري پاسيرو ترڻ سان پنهنجين کنڀراٽين ذريعي درياھ جي تري ۾ شڪار جي ڳولا ڪري ٿي ـــ خاص ڪري سنگهاري مڇين (Cat Fish) جي، جيڪي هن جي دلپسند خوراڪ آهن.

انڊس ڊولفن جي جيڪڏهن سندس سامونڊي سؤٽ ماسات ڊولفن سان ڀيٽ ڪئي وڃي، تہ اسان جي ٻلهڻ ايڏو خوش مزاج طبيعت جي نہ آهي. ٻيون ڊولفنون ۽ وهيلون ساھ کڻڻ مهل پاڻيءَ جي سطح مٿان بازولي پائينديون يا جمپ ڏينديون پر اسان واري سنڌونديءَ واري ڊولفن ساھ کڻڻ مهل فقط ڪنڌ ٻاهر ڪڍي ٿي…… ڪڏهن ڪڏهن تہ فقط نڪ جو حصو ٻاهر ڪڍي هوا ڇڪي ٿي ۽ هيٺ درياھ اندر هليو وڃي. انڊس ڊولفن لاءِ اهو البت چيو وڃي ٿو تہ اها پهريان چار پنج مهينا هرڻيءَ وانگر خوب ٺينگ ٽپا ڏئي ٿي ۽ ڪجهہ ڪجهہ سيڪنڊن بعد درياھ جي مٿاڇري مان نڪري تڪڙا تڪڙا ساھ کڻي ٿي، جڏهن تہ بالغ ڊولفنون اڌ اڌ منٽ جي ساهيءَ کان پوءِ فقط ٿورو مٿي اچي ساھ کڻن ٿيون.

ڪو زمانو هو، يعني سنڌو نديءَ تي بئراجن ٺهڻ کان اڳ (يعني 1850ع کان اڳ تائين) انڊس ڊولفن سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان وٺي مٿي جھلم ستلج ندين تائين نظر آيون ٿَي، پر هاڻ هنن جو وڏو تعداد گڊو ۽ سکر جي وچ ۾ رهجي ويو آهي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ گڊوءَ کان مٿي نظر اچي ٿي. ڄامشورو جي غلام محمد بئراج کان پوءَ هيٺ تہ پاڻيءَ جي بہ سخت کوٽ آهي، ان ڪري هيٺ ڏکڻ ۾ ورلي ڪا ڊولفن نظر اچي ٿي.

ٻوڏ جي ڏينهن ۾ اخبار ۾ پڙهيو هوم تہ سجاول جي مهاڻن کي سجاول پل (ٺٽي وٽ) ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) نظر آئي هئي. پر ان خبر بابت ڪو خاطري نہ ڏئي سگهيو. سکر ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ڪجهہ ڊولفن ضرور ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ سکر بئراج جي کليل دروازن مان نڪري آيل لڳن ٿيون.

هونءَ ڏٺو وڃي تہ سڄي سنڌو نديءَ ۾ جيڪو ڊولفن جو تعداد وڃي بچيو آهي، اهو ڳڻتيءَ جوڳو آهي. بين الاقوامي ادارو WWF ۽ سنڌ حڪومت سخت ڪوششن ۾ آهي تہ هن جانور کي بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو ايندڙ نسل انهن کي ڏسڻ کان محروم رهجي ويندو. 1972ع کان پاڪستان ۾ پاس ڪيل قانون مطابق انڊس ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) کي حڪومت طرفان حفاظت مليل آهي ۽ ڪنهن کي بہ هن کي مارڻ جي اجازت ناهي ۽ سرڪار طرفان گڊو کان سکر (90 ميلن جي فاصلي) تائين سخت پهرو رکيل آهي. 1977ع ۾ جيڪا ڊولفن جي ڳڻپ ٿي ان موجب 170 جانور نظر آيا، جيڪو تعداد تمام گهٽ آهي.
سنڌو نديءَ ۾ ٻلهڻ (ڊولفن) جي تعداد جي گهٽجڻ جو سڀني کي فڪر آهي، جيتوڻيڪ سنڌو نديءَ ۾ اها پالوشن ناهي يعني سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون ناهن، جن مان زهريلو مواد درياھ ۾ ايندو هجي، جنهن گند ڪري دنيا جي ٻين ندين ۾ ڪيترائي جانور مرن ٿا.

اسلام ۾ ٻلهڻ حلال جانور آهي يا نہ، پر ان جي گوشت کي اسان وٽ کائڻ جو ڪلچر نہ هجڻ ڪري ٻلهڻ جي تعداد ۾ کوٽ نہ ٿيڻ کپي. ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ WWF جي هڪ يورپي آفيسرياڻي جينٽ نالي سکر ۾ ڪجهہ عرصو اچي رهي هئي. ان ٻاهر جي اخبار ۾ اهو لکيو تہ انڊس ڊولفن جي تعداد ۾ کوٽ اچڻ جو اهو سبب آهي جو سنڌ ۾ هڪ ”جبرس“ نالي ذات آهي، اهي ڊولفن کي جهلي انهن جو گوشت کائين ٿا ۽ انهن مان نڪرندڙ تيل وڏي اگهہ تي وڪڻن ٿا، جو ڪجهہ ماڻهن کي اهو وهم آهي ته اهو تيل شهوت/مردانگي وڌائي ٿو، جيتوڻيڪ اها هڪ فئنٽسي آهي ۽ ان ۾ ڪا حقيقت ناهي.

ڏوڪري (سنڌ) ۾ رهندڙ اسان جي هڪ اديب دوست ۽ شاھ لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائيءَ کي فون ڪري پڇيم تہ مئڊم جينٽ انگريزي مضمون ۾ Jubbers ڪهڙي ذات لکي آهي، آيا ڪا اهڙي ذات آهي يا نہ؟ هن ڪجهہ دير سوچ ويچار بعد ٻڌايو تہ ”ان محترمہ جو اشارو شايد جهٻير ذات جي ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي درياھ جي ڪناري تي رهن ٿا ۽ جن کي شاھ لطيف ”ڄٻير“ سڏيو آهي.“
شاهه لطيف جو بيت آهي تہ :
”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون،
ڄامَ هٿ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄٻيرن وچ ۾.“

جينٽ لکي ٿي تہ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ”ڄٻير“ ڪي گهڻا نه آهن، پر ان هوندي بہ جيڪڏهن هنن جون پنج ٻيڙيون سال ۾ ڏھ ڊولفن ڦاسائين، تہ بہ ڪجهہ سالن ۾ انڊس ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) جو نسل ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. ڄٻيرن بابت هڪ ٻيو شعر ياد اچي رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي شاعر غلام علي ’عاقل‘ جو آهي:
ڄام هن ڄٻير ۾، گهڻيون گهٽتائيون،
مون ۾ بوءِ مڇيءَ جي، لِيءَ وتان لايون،
ڪٿي ڪچايون، منهن نہ تماچي مَٽجان.“

نوٽ: سنڌ جي منفرد ليکڪ ۽ سفر ناما نگار الطاف شيخ جو هي مضمون سندن ڪتاب ”گهاتو گهر نه آئيا“ تان ورتل آهي، جيڪو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت جي ٿورن سان هتي شايع ڪيو ويو.

 

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close