پير جي آڱوٺي جي نُنھن واري حصي جي وڏي ھڏيءَ کي، پير جي باقي ھيٺين حصي سان جوڙيندڙ گول ھڏي، جيڪڏھن واڌ ڪري ٻاھر نڪري اچي، ته ان صورت کي ميڊيڪل سائنس ۾ ھيلڪس ويلگس Hallux valgus يا بيونين Bunion چئبو آھي. جيڪو اڪثر ڪري، گھڻي دير غلط طريقي سان بيھڻ، اجايو وزن کڻڻ، ھڏن جي پپدائشي ڪمزوريءَ سان گڏوگڏ عمر جي وڌڻ جي ڪري ۽ پڻ نارين ۾ وڏين کُڙين وارا سينڊل پائڻ جي ڪري ٿي سگھي ٿو.
پير جي آڱوٺي جي مُڙي وڃڻ ڪري آڱوٺو، آڱرين مٿان چڙھي ويندو آھي ۽ ان جي ھيٺان واري گول ھڏيءَ جي چمڙيءَ جو رنگ ڳاڙھو ٿي ويندو آھي. جنھن جي طبعي رد عمل ۾ بخار، آڱوٺي جي ھڏيءَ ۾ آزار ۽ سڄي جسم ۾ سور ٿيڻ ڪري، آھستي آھستي اھا ھڏي وڌي، ٻاھر نڪري ايندي آھي ۽ ماڻھو ھلڻ ڦرڻ کان صفا لاچار ٿي پوندو آھي.
شروعات ۾ ڊاڪٽر، ان جو احتياط، علاج ۽ ڪجهہ جسماني ورزشون ڪرائيندا آھن، پر جيڪڏھن ان سان به، پير وارو آڱوٺو ۽ نڪتل ھڏي سڌي نه ٿئي، ته پوءِ آخرڪار، ھيلٿ سائنس جي اصولن موجب، مريض جي ان پير جي، معمولي وَڍَڪُٽَ ڪري، ان جو علاج ٿيندو آھي. اڄ ان جي بچاءُ، احتياط ۽ علاج بابت بنيادي ڄاڻ حاصل ڪريون ٿا.
ان بيماريءَ جي ڄاڻ ۽ سڃاڻپ بابت تاريخي اڀياس مان خبر پوي ٿي تہ، ارتقائي دور جي قديم انسانن ۾ ان مرض جا ھن وقت تائين ڪي بہ، پڪا ثبوت ناھن ملي سگھيا، پر تنھن ھوندي بہ، اوڻيھين صدي عيسويءَ ۾، سائنسدانن کي انگلينڊ مان، چوھين ۽ پندرھين عيسوي صديءَ جي انساني ھڏن جا ڍانچا مليا، جن جي پيرن جي آڱوٺن جي ھڏين جي بگڙيل شڪلين تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان خبر پئي، تہ اھي ماڻھو بہ پيرن ۾ اھڙا جوتا پائيندا ھئا، جن جي ڪري سندن اھا ھڏي وڌي، ٻاھر نڪري ويندي ھئي.
1870ع ۾ اھو سڀ کان پھريان، ان ھڏيءَ جي مرض بابت تحقيقي مواد ملي ٿو. ان کان پوءِ، اڄ ڏينھن تائين ھڏن جا مختلف ماھر آرٿوپيڊڪ سرجن، ان بابت وڌيڪ نيون کوجنائون ڪري، ان جا مستقل حل ڳولي رھيا آھن.
پير جو صحتمند ھجڻ تمام گھڻو ضروري آھي، ڇوتہ اھو معمول مطابق، نہ صرف انسان جو وزن سھي ٿو، پر انسان جي سڄي جسم کي ٽيڪَ ۽ توازن پڻ مھيا ڪري ٿو. پير جو آڱوٺو، انھن سڀني ڪمن ۾ پير جي مدد ڪري ٿو. ھلڻ مھل ڪوشش ڪجي تہ سڄي جسم جو وزن اڪيلي ھڪ پير ۽ ان جي آڱوٺي مٿان نہ اچي، نہ تہ ان پير جي کُڙيءَ کان وٺي، ٽڻيءَ تائين سڀ ھڏا ڪمزور ٿي سگھن ٿا.
جيڪڏھن پير جي آڱوٺي کي، باقي پير سان جوڙڻ واري گول ھڏيءَ ۾ سُور ٿي پوي ۽ ان جو رنگ ڳاڙھو ٿي وڃي تہ پڪ سمجھو، ھاڻي اھا ھڏي وڌي ٻاھر نڪري سگھي ٿي. ان کان بچاءُ لاءِ، زندگيءَ جي ھر وک تي احتياط ڪجي.
ان ڏس ۾، ڪجهہ احتياط ڪجن، جھڙوڪ؛ گاڏي ھلائيندي پيرن تي اجايو زور نہ ڏيڻ، پيرن کي ھڪ جڳھ تي گھڻي دير نہ رکڻ، وڏين کُڙين وارا سيندل نہ پائڻ، وغيره شامل آھن. اھڙن مريضن کي کپي ته اھڙيون چمپلون پائين، جن کي پائڻ سان آڱوٺي جي ھڏيءَ کي اندر زور ايندو رھي تہ جيئن اھا ٻاھر نہ نڪري. پير جي صبح شام ورزش ڪرڻ مھل ان جي آڱوٺي کي چار ئي پاسن کان آرام آرام سان ھلائجي، راند روند کيڏندي پير زخمي ٿئي تہ فورن علاج ڪرائجي ۽ ميڊيڪل اسٽور تان ملندڙ گرم پٽيون، يا وري نرم فوم سان ڇڪجڻ واريون پٽيون، وٺي استعمال ڪجن. پير جي آڱوٺي وٽان (اڳيون پاسو) وڏي سائيز جو خلاسو بوٽ وٺي پائجي.
ان کان علاوه ٿورو بہ جيڪڏھن، ان بيماريءَ جو شڪ ٿي پوي، تہ ڊاڪٽر جي مشورن سان، ھڏن کي درست جڳھ تي آڻيندڙ اوزار Orthotic Devices کي رات جو، پير جي آڱوٺي واري پاسي ۾ وجھي سمھڻ سان، پير جي چنبي ۾ آڱوٺي جي ٻاھر نڪتل ھڏيءَ کي واپس اصل جڳھ تي آڻڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
عورتن ۾ فيشن جي ڪري، ان ھڏيءَ کي تڪليف ڏيندڙ سينڊل پائڻ سبب، اھو مرض مردن کان وڌيڪ ڏٺو ويو آھي. جڏھن ته، موروثيت جي ڪري، والدين يا اباڻي نسل جي پيڙھي مان ڪجھ ٻارن کي، اھا بيماري وراثت ۾ پڻ ملندي آھي. جن جا پير ڄائي ڄم کان اھڙا ھوندا آھن، انھن جو بہ اڄڪلھ علاج ڪيو پيو وڃي.
ھڪ اڀياس مطابق عام طور، دنيا جي 18 کان 65 سالن جي عمر جي 23 سيڪڙو ۽ 65 سالن کان وڏي عمر جي 66 سيڪڙو ماڻھن ۾ ھن بيماريءَ کي ڏٺو ويو آھي. پر ڪھڙي بہ عمر ۾، ھي مرض ٿي، ڪجهہ وقت ھلي سگھي ٿو، جيڪڏھن احتياط نہ ڪبو تہ اھو نُقص، سموري زندگي بہ رھي سگھي ٿو. نيٺ ان جي آپريشن ڪرائڻ سان، ان مان ڇوٽڪارو ملندو آھي.
ان ھڏيءَ جي آپريشن کي بيونيونيڪٽومي Bunionectomy چئبو آھي. جيڪا ھڪ معمولي پر ڏاڍي پيچيده سرجري ٿئي ٿي. سڄي جسم جون مختلف نسون، پير ۾ اچي ڪري ختم ٿيڻ ڪري، جيڪڏھن ٿوري بہ لاپرواھي ڪبي تہ زخم خراب ٿي، وڏيون ڏکيائيون پئدا ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ آپريشن کان اڳ، پير جو مختلف ڪُنڊن کان ٿيل، ايڪسري ھوندو، تہ ان کي ڏسي وڌيل ھڏيءَ جي ماپ ۽ اندازو ٿيندو. جنھن سان سرجريءَ جي مڪمل پلاننگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. آپريشن کان اڳ، بيھوشيءَ جي دوا ڏئي، مريض کي سمھاري، پير کي جراثيمن کان پاڪ ۽ صاف اسٽيرلائزڊ پاڻيءَ سان ڌوتو ويندو آھي. جنھن کان پوءِ ھڏي واري جڳھ تي ٿورو ڪَٽ ڏئي، پھريان ھڏيءَ کي ڏسي، اندازو لڳايو ويندو آھي تہ جيڪڏھن ھڏو معمولي ٻاھر نڪتل آھي تہ ان جي تنتن ۽ ماس کي مٿي ڇڪي، ھڏو اندر ڪيو ويندو آھي. جيڪڏھن ھڏو گھڻو ٻاھر ھجي تہ پوءِ ان کي مڪمل ڪٽي ٻاھر اڇلائڻ ئي بھتر آھي. ان کان پوءِ رھيل ھڏيءَ کي اندر ڌڪي، ميڊيڪل جي اصولن مطابق، صفائيءَ سان تنتن ۽ ماس کي ٻين ھڏين سان جڪڙي، آخر ۾ ٻاھرين چمڙيءَ کي، سرجن ٽانڪا ھڻندا آھن. ٽانڪن کي جراثيمن کان بچائڻ لاءِ پٽيءَ سان ڍڪيو ويندو آھي. اھڙو مريض ھڪ کان ٻہ ڏينھن يا ان کان وڌيڪ وقت اسپتال ۾ رھندو آھي. جيڪڏھن زخم ڀرجڻ ۾ ڪو مسئلو پيش نہ اچي، تہ ھڪ خاص سرجيڪل بوٽ وجهي، مريض کي گهوڙيءَ تي ھلڻ جھڙو ڪري، ڊاڪٽر کيس گھر وڃڻ جي اجازت ڏيندا آھن.