قاضي مقصود پاران پنهنجي پيڙھيء جي ذميداري ادا ڪرڻ جي هڪ شاندار ڪوشش

ريحان ابڙو

تبصرو ڪتاب:

تلاش سنڌ (اردو) ليکڪ: قاضي مقصود (مٽياري)

ڇپائيندڙ ادارو: طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا

ڇپجڻ جو سال: آڪٽوبر، 2021

ڇپجڻ جو ڪم: سنڌيڪا اڪيڊمي

تاريخ هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو اڄ جي دنيا ۾ پنهنجي ئي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي. نوجوان ٽهي ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب ۾ ،آسانيء سان حاوي ٿي ويندڙ مواصلاتي لهرن جي لهواري وهڪري سان گڏ وهي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهي آهي. مقتدر ذريعن کان، مختلف حيلن ذريعي کيس اهو به باور ڪرايو پيو وڃي ته جيڪو ڪجهه آهي جديد ٽيڪنالاجي ئي آهي ، ان جي قيمت اسان کي جيڪا به چڪائڻي پوي ، ٽيڪنالاجيءَ جي حاصلات ۽ استعمال مهانگو ناهي.
انساني جبلتن وانگر يا ائين کڻي چئجي ته انساني جبلتن ۾ هڪ واڌاري، ٽيڪنالاجيءَ کي به پنهنجي هٿ وس رکبو ته اَوَس فائدي واري آهي نه ته ٻي صورت ۾ حاوي جبلتن وانگر بي قابو ٿي انفرادي وجود جو ته ناس ڪري ئي سگهي ٿي پر قومي ۽ تهذيبي وجود تي پڻ سخت هاڃيڪار اثر وجهي سگهي ٿي، بلڪه وجهي پئي. ان صورتحال ۾ اسان جي ٽهي يا ان کان اڳ واري ٽهي جنهن هن انقلاب کان اڳي ۽ پوءِ واري صورتحال چڱيءَ ريت ڏٺي آهي. جيڪا ٻنهي دورن جو تقابلي جائزو وٺڻ جي لائق آهي، ان جو فرض ٿو ٿئي ته نه صرف سماجي قدرن، ڪردارسازي ۽ انساني سڀاءَ جي معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن پر قومي ۽ تهذيبي وجود جي بقا جي جنگ ۾ پڻ اڳئين دستي جو ڪردار ادا ڪن. قاضي مقصود پنهنجي ان پيڙهيائي ذميداري ادا ڪرڻ جي هڪ قابل قدر ڪوشش ڪئي آهي، هن ڪتاب جي شڪل ۾ جنهن جو نالو آهي ”تلاش سنڌ“ . تاريخ ماضيءَ جو مطالعو آهي، ماضيءَ کي حال تي پرکبو ته ان جا نتيجا مستقبل ۾ ملندا، اڄوڪو حال سڀاڻي جو ماضي آهي، اسان جي حال جو ڪم ايندڙ وقت ۾ ماضي ڪري ان وقت جي حال تي پرکيو ويندو. تڏهن پڪ سان ”تلاش سنڌ“ پنهنجي قد ۽ ڪاٺ جو ساکي پاڻ ٿيندو.
هن وقت جيترو مون ڪتاب کي موضوعن ۽ سوالن آڌار پڙهيو ۽ سمجهيو آهي، اهو توهان آڏو پيش ڪريان ٿو.
ڪتاب کي ڪل 13 بابن ۾ ورهايو ويو آهي جن ۾ پهريون باب سنڌ جي نالي جي پسمنظر تي بحث ڪري ٿو، ٻيو باب حضرت نوح جي طوفان کان پوءِ واري ستن رياستن، ” هفت اقليم“ جي روايتن تي آڌاريل آهي، ٽيئن، چوٿين، پنجين ۽ ڇهين باب ۾ آرين، دراوڙن، ڄامن، جتن ۽ سمن جو ذڪر ڪندي سندن تعلقن ۽ فرضن کي نسلي ۽ مذهبي دائرن ۾ چڱي طرح واضح ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آهي. ستون باب سنڌ جي شاندار دؤر جي وارث راءِ گهراڻي بابت مختلف معلومات ڏئي ٿو. اٺين باب ۾ دنيا جي ڪئلينڊرن ۽ سنڌو سنبت تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. نائين باب ۾ سنڌ جي جاگرافيائي تاريخ جا ٽي اهم دؤر ۽ باب الاسلام جو پس منظر بيان ڪيو ويو آهي. ڏهين باب ۾ سِرو ۽ مختلف دؤرن ۾ سندس حد بندين جو ذڪر ڪيو ويو آهي .
يارهين باب ۾ سنڌي زبان جي لسانيات جي مختلف پهلوئن کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. ٻارهين باب ۾ سنڌو تهذيب جي تاريخ ۽ تيرهين باب ۾ سنڌي ثقافت جي مختلف اهڃاڻن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي.
قاضي صاحب جي شخصيت قلمي اعتبار کان گهڻن پاسائين آهي. جنهن جو اثر تاريخ جهڙي خشڪ موضوع تي لکيل هن ڪتاب تي غالب نظر اچي ٿو، جنهن هن ڪتاب کي انتهائي دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي. سندن لسانياتي مهارت ڪتاب ۾ جابجا سندن موقف جي تائيد ڪندي نظر اچي ٿي. سندن شمارياتي مهارتن نه صرف ڪئلينڊرن جي موضوع تي ڪارآمد بحث ڪيو آهي، پر ڪتاب جي سِٽاءَ ۾ پڻ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو آهي، جو شروع کان آخر تائين ڪتاب جي موضوعن ۾ ربط برقرار رهي ٿو. جيڪڏهن، ڪٿي ٽٽندي به محسوس ٿئي ٿو ته لاڳاپيل مواد لاءِ باب جي نشاندهي اتي ئي ڪئي وئي آهي.
جيئن ته ليکڪ ڪتاب جي شروع ۾ ئي ارپنا غير جانبدار مؤرخن جي نانءُ ڪئي آهي، ان لاءِ ڪنهن خاص نظريي کي ذهن ۾ رکي ڪتاب جو مطالعو ڪندڙن کي شايد مايوسي ٿئي، پر محقق غير جانبداريءَ سان ڪجهه تاريخي مغالطن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن لاءِ سندس جرئت جس لهي ٿي.
خاص طور تي ” آرين جو غير سنڌي هجڻ“ کي مڪمل طور تي مدلل انداز ۾ رد ڪيو ويو آهي، يا تهذيبن جي شروعات درياءُ جي ڪناري آبادين سان ٿي“ واري خيال کي به ٻارهين باب ۾ واضع انداز ۾ رد ڪيو ويو آهي.
مٿين ڳالهين کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب تاريخ جي ڪتابن ۾ هڪ الڳ جاءِ والاري ٿو. ان هوندي به جتي جتي شمارياتي ۽ جاگرافيائي تجزيا ڪيا ويا آهن، اتي نقشن، خاڪن ۽ گرافن جي شديد کوٽ محسوس ٿئي ٿي. اهڙا خاڪا ۽ نقشا هجڻ سان ڪتاب کي سمجهڻ ۾ اڃا به آساني ٿئي ها. اميد ڪجي ٿي ته اڳئين ڇاپي ۾ ان تي ويچار ضرور ڪيو ويندو.
هڪ ٻي اهم ڳالهه ته پنهنجي سڃاڻپ ۽ تاريخي وجود جي هن ڪوشش کي ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍي نوجوان ٽهيءَ لاءِ اڃا وڌيڪ دلڇسپ بنائي سگهجي ٿو. جهڙي طرح هندوستان پنهنجي تاريخي ڪردارن کي ڊرامن ۽ فلمن ۾ محفوظ ڪري امر ڪري ڇڏيو آهي، جو اتي جا ننڍي عمر وارا نوجوان به هڪ ئي ڪردار جو مختلف اسڪرپٽن مان تقابلي جائزو وٺي ان بابت پنهنجا رايا وڊيو جي شڪل ۾ يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري رهيا آهن. اسان جي ثقافت کاتي مخير دوستن ۽ پرفارمنگ آرٽ سان لاڳاپيل دوستن کي ان طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن اسان جي نوجوان ٽهي جيڪا اسان جو مستقبل آهي، ان کي ٽيڪنالاجيءَ جي بي مقصد استعمال جو کاڄ ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

 

 

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close