يورپي لاڏائو سنڌي – سِنٽي نوجوان جي واپسي!

جوکيو جسارت الياس سنڌي

جديد ۽ تيزترين انٽرنيٽ جي ڪري، جيئن ئي رابطا وڌيا آھن، تيئن دنيا ۾ رھندڙ مختلف سنڌين سان رابطا ٿين پيا ۽ انھن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي پئي. اھڙن ئي پراڻن يورپي سنڌين (سِنٽي) ۾، جرمنيءَ سان تعلق رکندڙ، سنڌو شنيڪ نالي سنڌي اجرڪ استعمال ڪندڙ ھڪ منفرد نوجوان شاگرد بہ شامل آھي، جيڪو سيپٽمبر 2021ع کان اوچتو سماجي رابطن واري ويبسائيٽ فيسبڪ تي مشھور ٿي رھيو آھي. منھنجي بہ ساڻس سِنٽي (سنڌي) نسل جي اصليت Origin بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. جنھن ۾ ھن ڏاڍيون دلچسپ ڳالھيون ٻڌايون.

يونيورسٽي آف مانچسٽر انگلينڊ ۾ لسانيات جو پروفيسر يرون متراس ۽ يونيورسٽي آف حيفہ اسرائيل جي ڊپارٽمنٽ آف جنرل ھسٽري جو ماھر پروفيسر گيلاد مارگالٽ؛ ٻئي ڄڻا پنھنجي جدا جدا اڀياس ۽ تحقيق کان پوءِ 2002ع ۾ ڇپيل ھڪ مقالي ۾ (جيڪو books.openedition.org/ceup/1417?lang=en تي بہ موجود آھي) ان نتيجي تي پھتا تہ سِنٽي اصل ۾ سنڌو نديءَ جي تھذيب جا وڇڙيل ۽ سڄي دنيا ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل لاڏائو قبيلا آھن، جيڪي ڀلي ڪٿي بہ ھجن پر سندس عادتون ۽ فطرت سوين سال گذرڻ باوجود ھڪ جھڙي ئي رھندي پئي اچي.

انھن ماھرن کان اڳ دنيا جي ٻين مغربي محققن جھڙوڪ؛ ڪوچنوسڪي جان 1968ع ۾ ۽ اي وِچ 1911ع ۾ جرنل آف جپسي لور سوسائٽيءَ ۾ پڻ ساڳي ڳالھ لکي آھي.

جيتوڻيڪ دنيا جي انھن محققن يورپي لاڏائو قبيلن جي ٻوليءَ، مھانڊي جي شڪلين، عادتن، ريتن، رسمن، طور ۽ طريقن جو عالمي مشاھدو ڪري، انھن کي قديم سنڌي قبيلا قرار ڏنو آھي، پر اھو تاريخ ۾ شايد پھريون ڀيرو ھجي، جو ان ئي قديم يورپي سنڌي لاڏائو قبيلي مان ھي نوجوان اھڙيءَ ريت، سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ جو شاگرد ٿي ڪري، عالمي سطح تي اوچتو نمودار ٿيو آھي. انھن قديم يورپي سنڌين کي پرکڻ ۽ انھن جي اصليت بابت وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۾ ھاڻي وڌيڪ سولايون ٿينديون. شنيڪ خود بہ ان ڳالھ جو حامي آھي. سندس بقول انھن قديم سنڌين کي شروع کان يورپ ۾ برابر جا حق نہ ملڻ ڪري، ماضيءَ ۾ انھن مان تمام گھٽ ماڻھو جديد علم حاصل ڪري اڳتي آيا.

سنڌي ادب جي مختلف ليکڪن جھڙوڪ؛ ڊاڪٽر بلوچ، الطاف شيخ، خورشيد قائمخاني، زيب سنڌي، گل محمد عمراڻي، خالد ڪنڀار ۽ ٻين لاڏائو قبيلن تي تمام سٺو ڪم ڪيو آھي. ھن نوجوان جو ملڻ يقينن سنڌي علم ۽ ادب لاءِ وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيندو.

جرمنيءَ ۾ انھن قديم سنڌين جي سڀ کان وڏي شھر بيڊن ووٽمبرگ ۾ رھندڙ، شنيڪ جو مڪمل نالو فرانز الئيز شنيڪ Franz-Elias Schneck آھي، جڏھن تہ سندس سنڌي نالو بِزلي Bizzely ۽ سندس پيءُ جو نالو بِزبِز سِنٽي BizBiz Sinti آھي، جيڪو جرمنيءَ جي لاڏائو سنڌي قبيلي جي مشھور "وٽيمبرگاريا” Wittembergaria خاندان سان تعلق رکي ٿو. فيسبُڪ تي سنڌو شنيڪ Sindhu Schneck ۽ يوٽيوب تي سِنٽي شنيڪ Sinti Schneck نالي دلچسپ چئنل سان سموري ايشيا ۾، تيزيءَ سان مشھوري ماڻيندڙ ھي نوجوان، جرمنيءَ جي يونيورسٽي آف ٽوبنجن Tübingen جي "اِنڊولاجي” Indology شعبي ۾، ھندي ۽ سنڌي تقابلي ثقافت Comparative Culture ۾ گريجوئيشن ڪري رھيو آھي. ان کان اڳ ھو، مقامي سوشل سائنس ھائي اسڪول ۾ نفسيات ۽ پيڊاگاجي پڻ پڙھي چڪو آھي. اھي سبجيڪٽ پڙھڻ دوران کيس سنڌ ۽ ھند بابت مطالعو ڪرڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو.

سنڌو شنيڪ جي تحقيق مطابق سندن مائٽيءَ وارا مختلف قبيلا جرمني، فرانس، رومانيا، پولينڊ، نيدرلينڊ، قازقستان، اٽلي، سئزرلينڊ، آسٽريا، اسپين، چيڪ ريپبلڪ، ھنگري، سربيا، ڊينمارڪ سميت روس، سلووينيا ۽ سموري يورپ توڙي آمريڪا ۾ رھن ٿا. جن مان يورپ جا ڳچ ملڪ ھو پاڻ بہ پنھنجن عزيزن سان گڏ گهمي چڪو آھي. ھن جي بقول، دنيا ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻن لکن کان وڌيڪ خانہ بدوش سنٽي رھن ٿا، جن مان ھڪ لک کن جرمني، فرانس ۽ اٽليءَ ۾ گڏيل طور رھن ٿا.

سنڌو شنيڪ جي فيسبڪ اڪائونٽ تان ورتل تصوير

ھن ٻڌايو تہ ھٽلر واري ھولوڪاسٽ ۾، 90 سيڪڙو سنٽي ماريا ويا ھئا. جڏھن تہ سندس ڏاڏو 1914ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڄائو ھو ۽ ھڪ ڪئمپ ۾ فرانسيسي فوجين جي مدد سان، ھٽلر جي ظلم کان معجزاڻي طور بچي ويو ھو. 21 سالن جي وڏن وارن واري، ھن خوبصورت سنڌي نوجوان ٻڌايو تہ اھي نسل در نسل، اھو ئي ٻڌندا پيا اچن تہ سندن خاندان سوين سال اڳ، سنڌ مُلڪ مان لاڏائو قبيلو ٿي، يورپ لڏي آيو، جتي اڄ ھو رھن پيا.

سنڌو نديءَ کي ڏسڻ لاءِ "مڇي بنا پاڻيءَ” وانگر تڙپندڙ، ھندي ٻولي ڳالھائي سگھندڙ، سنڌو شنيڪ 2020ع ۾ پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا بہ ورتي، پر ڪورونا سبب ھن جو ھيڏانھن اچڻ نہ ٿي سگھيو. سندس چوڻ آھي تہ ھو موھن جو دڙو، ڪراچي ۽ ٺٽي سميت سنڌ جا ٻيا ماڳ لازمي ڏسندو. جتان کان سوين سال اڳ سندس وڏا لڏي ويا ھئا پر انھن اڄ ڏينھن تائين پنھنجي فطرت ۾ تبديلي ناھي آندي.

ھو پنھنجي ٻوليءَ بابت بہ اھا پڪ ڏي ٿو تہ سندس ٻوليءَ ۾ سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جا ڳچ لفظ موجود آھن. جيڪا ڳالھ ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ الطاف شيخ جي تحقيق جي بہ تائيد آھي. جنھن ۾ انھن يورپي جپسي کي سنڌي وڻجارا سڏي، سِنٽي ٻوليءَ ۾ سنڌي لفظن جو ذڪر ڪيو آھي. شنيڪ بہ اھڙا ڪجهہ لفظ ٻڌايا، جيئن؛ اھي وار کي بال، لڙڪ کي لورڪ، ماڻھوءَ کي مانس ۽ ٻڪريءَ کي بڪري چون ٿا.

ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ، جيئن تہ سندن وڏڙن سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ ۾، سنڌ مان لڏي يورپ جو رخ ڪيو ھو. تنھن ڪري سندن ٻوليءَ ۾ عربي زبان جو ھڪ لفظ بہ موجود ناھي. تنھن ھوندي بہ لاطيني، ارمينين ۽ فارسي ٻوليءَ جا 20 سيڪڙو لفظ سندن ٻوليءَ ۾ موجود آھن. جيڪي سندن سنڌو ماٿريءَ مان ھجڻ جي پڪ ڏين ٿا.

ھن ٻڌايو تہ سِنٽي ڪوڊيڪس Sinti-Codex سندن ھڪ ڳجهو رواج آھي. جنھن جو مطلب؛ ڪنھن بہ غير سنڌيءَ کي ھو پنھنجي ٻولي ناھن سيکاريندا. جنھن جي ڪري، سندن "سنٽيڌيڪيز” Sintidikis ٻولي بہ "خطري” ۾ آھي. ايتري قدر جو ھن ٻڌايو تہ جرمنيءَ جي شھرن ۾، جيڪڏھن ڪو ھڪ سِنٽي ڪنھن ٻئي سِنٽيءَ سان ملندو ۽ شروع ۾ کين خبر نہ ھوندي، تيستائين اھي ڪنھن ڌاري ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندا. اھو ائين آھي، جيئن پاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪنھن ماڻھوءَ سان اردو ڳالھايون ۽ پوءِ خبر پوي تہ ھي بہ سنڌي آھي، تہ پوءِ وري سنڌيءَ ۾ ڳالھايون. مون کيس اھا ڳالھ ٻڌائي تہ ھو بہ کلندي چوڻ لڳو؛ "ويچاري اسان جي ٻولي!”

ڪاوش دنيا مئگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان

مضمون جو ليکڪ : جوکيو جسارت الياس سنڌي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close