ڪراچي جي علائقن هاڪس بَي، يونيورسٽي روڊ ۽ گُجر نالا جي نالن جو پس منظر

فاروق بجاراڻي

مشھور ليکڪ  گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ مطابق ڪراچي جي هڪ مشھور ساحلي تفريح گاھ هاڪس بَي (Hawk’s Bay ) جو نالو هڪ انگريز فوجي آفيسر مسٽر هاڪ (Hawk) جي نالي پويان رکيو ويو هو، جنهن جي زال اڪثر بيماري رهندي هُئي پر اُنهيءَ کي هاڪس بَي جي ساحل تي سڪون ايندو هو، تنهن ڪري اهو انگريز فوجي آفيسر مسٽر هاڪ پنھنجي بيمار زال جي دل وندرائڻ لاءِ کيس اڪثر هاڪس بَي جي ساحل تي گهمائڻ وٺي ايندو هو، جنهن کان پوءِ هن سامونڊي ساحل جو نالو ئي هاڪس بي پئجي ويو.

گُل حسن ڪلمتي مطابق گلشنِ اقبال مان لنگهندڙ ڪراچي جي هڪ مشھور روڊ يونيورسٽي روڊ کي انگريزن کان اڳ ۾ گڏاپ ۽ ٿاڻي بولا خان جو روڊ سڏيو ويندو هو، جنھن جو بعد ۾ انگريزن نئون نالو ‘ڪنٽري ڪلب’ روڊ رکيو ھو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هن ڪنٽري ڪلب روڊ جو نالو مٽائي ڪري ‘يونيورسٽي روڊ’ رکيو ويو.

ليکڪ گُل حسن ڪلمتي مطابق ڪراچي جي ضلعي سينٽرل ۾ فيڊرل بي ايريا ۽ نارٿ ناظم آباد جو دنگ ٺاھيندڙ ھڪ مشھور برساتي نالو، جنهن جو اصلي نالو بگاڙي ڪري اُردو ڳالهائيندڙ ماڻهو اڄڪلھ عام طور تي اُنهيءَ برساتي نالي کي "گُجر نالا” سڏيندا آهن، پر اُنهيءَ گُجر نالا جو اصلي نالو "ڳُجهڙو ڍورو” ھوندو ھو، جنهن جي نالي سان هن علائقي ۾ ھڪ ديھ جو نالو به ديھ ڳُجهڙو آھي. هن ڳُجهڙو نالي کي اُردو ڳالهائيندڙن پھريون بگاڙي ڪري گُجرو ڪري ڇڏيو، جيڪو هاڻي صرف گُجر نالا ٿي ويو آهي.

فيڊرل بي ايريا جي مُختلف علائقن يعني گلبرگ، واٽر پمپ، عائشا منزل، ڪريم آباد سميت گلشن اقبال جا به ڪجهہ علائقا هن ديھ ڳُجهڙو ۾ ايندا آھن. هي ڳجهڙو ڍورو يا گُجر نالا نارٿ ڪراچي کان شروع ٿي ڪري لياقت آباد ۾ لياري ندي جي تين هٽي واري پُل کان ٿورو هيٺ اولھ طرف لياري ندي ۾ ڇوڙ ڪندو آھي.

هتي توهان کي فيڊرل بي ايريا جي باري ۾ ٿورو مختصر ٻڌائيندو هلان ته ڪراچي شھر ۾ داخل ٿيڻ وقت اسان جڏهن سهراب ڳوٺ جي الآصف اسڪوائر کي ڪراس ڪري اڳيان لياري ندي جي پُل ڪراس ڪري جيئن ئي سهراب ڳوٺ چورنگي وٽ شاهراھ پاڪستان تي ايندا آهيون ته اتان کان ئي هي فيڊرل بي ايريا شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو شاهراھ پاڪستان جي ٻنهي پاسن سان واٽر پمپ چورنگي، عائشا منزل، ڪريم آباد، لياقت آباد (لالوکيت) کان وٺي لياري ندي جي تين هٽي (اصل نالو: ٽَي ھَٽِي) واري پُل تائين پکڙيل آھي. شاهراھ پاڪستان جي اُتر اولھ طرف ۾ هي ڳجهڙو ڍورو يا ھاڻي گُجر نالا فيڊرل بي ايريا کي نارٿ ناظم آباد ۽ ناظم آباد کان الڳ ڪندو آهي ته ٻئي پاسي يعني ڏکڻ اوڀر طرف ۾ لياري ندي هن فيڊرل بي ايريا کي گلشنِ اقبال کان الڳ ڪندي آهي. مطلب ته سهراب ڳوٺ چورنگي کان وٺي تين هٽي (ٽي ھٽي) تائين لياري ندي ۽ گُجر نالا يا ڳُجهڙو ڍوري جي وِچَ واري هن سڄي علائقي کي فيڊرل بي ايريا سڏيو ويندو آهي، جيڪو ٽوٽل 22 بلاڪن تي پکڙيل آھي، جنھن جي وِچَ مان شاهراھ پاڪستان گذرندي آھي. اصل ۾ هي فيڊرل بي ايريا ۽ اُنھيءَ جي اُتر ۾ گُجر نالا جي ٻئي پاسي ڀر سان واقع نارٿ ناظم آباد جا علائقا 1960ع کان اڳ ۾ انهيء وقت ڪراچي شھر ۾ خاص مُلڪ جي گادي جي ھنڌ لاءِ وفاقي حڪومت جي آفيسن ۽ پرڏيهي ملڪن جي سفارتخانن وغيره لاءِ جوڙيا ويا ھئا، جڏھن پاڪستان جي گادي جو ھنڌ ڪراچي شھر ھو، پر بعد ۾ صدر ايوب خان پاران ڪراچي بدارن گادي جو هنڌ اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ هي فيڊرل بي ايريا توڙي نارٿ ناظم آباد جا علائقا بعد ۾ رهائشي اسڪيمن ۾ تبديل ڪيا ويا. اهو ئي سبب آھي جو فيڊرل بي ايريا جو مرڪزي روڊ شاهراھ پاڪستان ۽ نارٿ ناظم آباد جو مرڪزي روڊ شاهراھ شيرشاھ اڄ تائين به توهان کي تمام وڏا ويڪرا توڙي ننڍا روڊ به پلاننگ سان ٺهيل نظر ايندا آھن. ڪراچي جا علائقا انچولي، گلبرگ، سمن آباد، يُوسف پلازه، واٽر پمپ، عائشا منزل، عزيز آباد، ياسين آباد، ڀنگوريا ڳوٺ، ڪريم آباد، لياقت آباد يا لالو کيت وغيره سڀ فيڊرل بي ايريا جو حصو آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close