بخشو سيٺ ۽ چوڪيدار جو ڏيڍ ھزار داستان

امر گل

بخشو سيٺ پنھنجي گهر جي حفاظت لاءِ هڪ چوڪيدار رکيو..
ٻئي ئي مھيني چوڪيدار پگهار وڌائڻ جو حڪم نما مطالبو ڪيو.
بخشو سيٺ کي اهو ڏسي ڏاڍي حيراني ٿي، اِن حيرانيءَ ۾ هُن پھريون ڪم اِهو ڪيو، جو چوڪيدار جي پگهار وڌائي ڇڏيائين.

اڳين مھيني چوڪيدار، گيٽ تي هڪ پڪي چوڪي ٺاھي ڏيڻ جي گُهر ڪئي، تہ جيئن هُو سھولت ۽ آرام سان چوڪيداري ڪري سگهي.
چوڪي بہ ٺھڻ شروع ٿي وئي..

چوڪيءَ جو ڪم اڃان هليو پئي، تہ هڪ ڏينھن هُن بخشو سيٺ کي نوڪر هٿان پاراپو موڪلي پاڻ وٽ سڏايو ۽ پراڻي بندوق جي جڳھ تي نئين رائفل وٺڻ جي "صلاح” ڏني، هن بخشو سيٺ کي اها بہ پيشڪش ڪئي تہ هو اهو ڪم پنھنجي هڪ واقفڪار لالا جي ذريعي ڪرائي ڏيندو.

گيٽ تي چوڪي ٺھي راس ٿي ۽ پراڻي بندوق جي جڳھ تي نئين رائفل بہ خيرن سان اچي وئي، تہ چوڪيدار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ سي سي ٽي وي ۽ جديد وائرليس سسٽم وغيره وغيره ۽ وغيره وغيره بہ گهر ڌڻيءَ کي اهو چئي خريد ڪرايا، تہ جيئن هُو سندس بھتر نموني حفاظت ڪري سگهي. ھن سيٺ کان ڏوڪڙ وٺي ڪمال مھربانيءَ سان اهو ڪم بہ هن پنھنجي واقفڪار هٿان ڪرائي ڏنو.

بخشوءَ اهو سڀ ٿي وڃڻ تي هڪ ڏينھن وِيچارن ۾ ويٺَي اڃان ٿڌو ساھ ڀريو ئي مس هو، تہ کيس خبر پئي تہ چوڪيدار، پنھنجو هڪ اسسٽنٽ چوڪيدار بہ ڀرتي ڪري ڇڏيو آهي، اڳين مھيني هن پنھنجي پگهار سان گڏ اسسٽنٽ چوڪيدار جي پگهار بہ وصول ڪئي.

هڪ ڏينھن بخشو سيٺ جي بورچيءَ اچي کيس ٻڌايو تہ گهر ۾ ايندڙ هر شيء مان گيٽ تي ئي پنھنجو حصو وٺڻ بہ چوڪيدار پنھنجو معمول ٺاهي ڇڏيو آهي..
بخشو سيٺ جي برداشت هاڻ ختم ٿي وئي ۽ هو تپي باھ ٿي ويو… هو اٿيو، سٽيندو چوڪيدار وٽ ويو ۽ کيس هڪدم نوڪري ڇڏي، نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو.. چوڪيدار بخشو سيٺ کي اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو، تہ جيڪڏهن کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، تہ هو نہ رڳو بخشو سيٺ جا سڀ راز کولي ڇڏيندو، پر کيس اغوا ڪرائي، سندس گهر ۾ ڌاڙو بہ هڻائيندو..

لاچار، بخشو سيٺ چپ ٿي ويو..

هڪ ڏينھن چوڪيدار چوڪيءَ واري ڪيبن ۾ ننڍڙو دڪان بہ کولي ڇڏيو.. ۽ مٿان لکايو تہ هتي چپس، چاڪليٽ، ٽافيون، لالي پاپ، قلفيون، آئس ڪريم، ڪولڊ ڊرنڪ، ايزي لوڊ وغيره وغيره ۽ وغيره وغيره دستياب آهن.

سندس دڪان چڱو هلڻ لڳو.. ڪاروبار ڄمي ويس تہ آھستي آھستي دڪان کي ٿورو ٿورو ڪري وڌائڻ شروع ڪيائين.. ٿورو ٿورو وڌندَي، هڪ ڏينھن دڪان ايترو وڌي ويو، جو بخشو سيٺ جي گهر جو سڄو مين گيٽ بند ٿي ويو..

بخشو سيٺ کيس منٿون ڪيون، تہ هو ايئن نہ ڪري، ايلاز ڪيائينس تہ گهٽ ۾ گهٽ  گهر جو گيٽ تہ کليل ڇڏي.. هن بخشو سيٺ کي مشورو ڏنو تہ هو گهر جي پوئين پاسي واري ديوار ٽوڙي، اتان گيٽ ٺاهي ڇڏي..

بخشو، جنھن جي گهر جو دروازو اڀرندي پاسي هو، اهو الھندي پاسي کان گيٽ ٺاهڻ تي راضي ٿي ويو، تہ چوڪيدار گيٽ ٺاھڻ جو ٺيڪو بہ پاڻ کڻي ورتو!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close