جوپيٽر سج منڊل جو هڪ گرهہ، جيڪو ڌرتيء جو آسماني محافظ آهي!

سلام اُنڙ

جوپيٽر تي فلڪيات جي عالمي يونين اهو نالو جوپيٽر 1976 ۾ رکيو. اسان وٽ ان کي عربيء جي نالي ’مشتري‘ ۽ هنديءَ جي نالي ’برهسپتي‘ سان به سڏيو ويندو آهي.

جوپيٽر اصل ۾ رومانين جي قديم مذهب ۾ هڪ ڀڳوان جو نالو آهي. جنهن جي معنيٰ آسمان جو پيء ۽ آسمان جو ڀڳوان آهي.

جوپيٽر ڌرتيء کان رقبي ۾ 1300 دفعا وڏو گرھہ آهي. يعني ان ۾ اسان واري ڌرتيءَ جهڙا 1300 گرھہ ڀرجن ته به اڃان جاء بچندس!!

اهو سج منڊل جو سڀ کان وڏو گرھہ ۽ پنجين نمبر تي سج جي مدار ۾ گهمندڙ گرهہ آهي. اسان جي ڌرتي ٽيئين نمبر تي آهي، پوءِ مريخ (مارس) آهي ۽ پوءِ جوپيٽر آهي.

جوپيٽر جا هيستائين 95 چنڊ لڌا ويا آهن. سڀ کان پهريان ان جا وڏا چار چنڊ گليلو 1610 ڌاري ڏٺا هئا. ان جي چنڊن ۾ ’يوروپا‘ جيڪو اسان جي ئي چنڊ جيترو آهي ان تي کاري پاڻيءَ جا سمنڊ برف هيٺيان مليا آهن ۽ امڪان آهي ته انهن سمنڊن ۾ زندگي ساهه کڻندي هجي..

جوپيٽر جو ڏينهن ڌرتيءَ جي ڏهن ڪلاڪن جو آهي، يعني هي پنهنجو ڦيرو پنهنجي مدار جي چوڌاري Rotation ڏهن ڪلاڪن ۾ ٿو پوري ڪري.. جيئن ڌرتي 24 ڪلاڪن ۾ ڪري ٿي. پر جوپيٽر سج جي چوڌاري پنهنجو چڪر ڌرتيءَ جي يارنهن سال ۽ اٺن مهينن ۾ ٿو پورو ڪري. يعني ان جو هڪ سال ڌرتيءَ جي لڳ ڀڳ 12 سالن جي برابر آهي.

جيئن ڌرتي مٽي پٿر لوھ ۽ ٻين عنصرن مان ٺهيل آهي، تيئن جوپيٽر جو نوي سيڪڙو هائڊروجن مان ۽ ڏھ سيڪڙو هيليم گئسن مان ٺهيل آهي، يعني هي گئس ديو آهي… هن ۾ اڃان هائڊرون ڪجهہ وڌيڪ هجي ها ته هي به هڪ ننڍو سج بنجي پوي ها.

چنڊ ۽ زهرا (وينس) کان پوءِ، جوپيٽر سڀ کان زور ٽيون نمبر روشن آسماني جسم آهي؛ جنهن کي اسان رات جو ڏسندا آهيون. هي تمام گهڻو چمڪندڙ، ويجهو ۽ ذري گهٽ هڪ ننڍي بال جيترو لڳندو آهي. جوپيٽر ڌرتيءَ کان 58 ڪروڙ 80 لک ڪلوميٽر پري آهي.

سنڌو ماٿريء مان لڌل ٻوليءَ جي آثارن ۾ پنجن گرهن جا نشان مليا آهن؛ ماهرن موجب اهي ڀڳوان مڃيا ويندا هئا.
هندو سنسڪرتي روايت موجب برهسپتي به آسمان جو ڀڳوان آهي، يعني رومانين، يونانين ۽ سنڌو ماٿر جي لوڪن وٽ ساڳيو ئي تصور هو جوپيٽر لاء..

هاڻي اچون ٿا اصل ڳالھ تي: جيئن تہ اسان کي خبر پئي تہ جوپيٽر اسان جي سج منڊل Solar system ۾ سڀ کان وڏو گرهه آهي؛ ايترو وڏو جو ٻين سڀني گرهن کي ملائبو ته به هي اڍائي دفعا وڏو هوندو،
سو وڏو هجڻ ڪري فطرت جي قانونن کيس ڪجهہ ذميواريون ڏنيون آهن. هڪ ته هي ڌرتيء ۽ سج جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۾ مددگار آهي… ڌرتي سج کان هڪ اهڙي مفاصلي يعني لڳ ڀڳ پندرنهن ڪروڙ ڪلوميٽر پري هجڻ ڪري ٻين سڀني عنصرن جي موجودگي ۽ افزائش جيئن آڪسيجن، ڪاربان، هائڊروجن ۽ نائٽروجن وغيره جيڪي حياتيء لاء تمام ضروري آهن؛ انهن جو هتي هجڻ ممڪن ٿيو آهي ۽ ٻيو ته هي وڏو جسم آهي ته هن جي ڪشش يا ڇڪ به وڌيڪ آهي. ان ڪري جڏهن ڪي ڀٽڪندڙ جسم جن کي پتڪڙا گرهه (ايسٽرائڊ) يا پڇڙ تارا (ڪامٽ) اسان جي سج منڊل ۾ داخل ٿين ٿا ۽ انهن جو ڌرتيء سان ٽڪرائڻ جو خدشو موجود هجي ٿو، تڏهن هي هڪ آسماني محافظ وانگر انهن کي پاڻ ڏي ڇڪي (Gravatational Force) ڌرتيء کي بچائي ٿو.

پر هن ڪجهہ غلطيون بہ ڪيون آهن ماضيء ۾.. هن ڇا ڪيو آهي جو ڌرتيءَ کان پري ويندڙ اهڙن پتڪڙن گرهن يا پڇڙ تارن کي ڇڪ ڏني، جو اهي اهي سندس طرف ڇڪجڻ وقت رياضيءَ جي غلطيءَ وانگر ڌرتيء جي ڪشش سبب ڌرتيءَ ڏانهن ڇڪجي آيا ۽ ڌرتيءَ سان ٽڪرائجي ويا. فلڪياتدانن جو خيال آهي تہ اهڙو لقاء اڄ کان لڳ ڀڳ ڇھہ ڪروڙ سال اڳ ۾ ٿيو هو، جو هڪ پتڪڙو گرهہ چڪسولوب، جيڪو لڳ ڀڳ 180 ڪلو ميٽر پکيڙ جو هو، اهو 72 هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اچي ڌرتيءَ سان ٽڪرايو هو ۽ نتيجي ۾ سڄي ڌرتيء تي اهڙي تہ زلزلن ٻوڏن ۽ باهين جي قيامت برپا ٿي، جو تڏهن وسندڙ سڄي حياتي ڀڳ ختم ٿي وئي هئي. ڌرتيءَ جي فضا ۾ 15 سالن تائين رڳو دونهون ۽ دز جا ڪڪر هئا، سج جي روشني ڏسڻ ۾ ئي نٿي آئي… ڪيتريون مخلوقون، جنهن ۾ ڊائنوسار به هئا هميشا لاء ختم ٿي ويا هئا…

سج منڊل جا سڀ گرهہ هڪ ڪٽنب وانگر آهن، موسمون ٺاهڻ، مدار ۾ ڇڪ ۽ جهل پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سرشتي وانگر ڪم ٿا ڪن… جوپيٽر مٿان بيٺو اٿوَ، ٻاهر نڪري ديدار ڪريوس ۽ مهرباني چئوس..

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close