زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-12)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

14- ديوداس ۽ نيا دور

فلم نيا دور ۽ اداڪارہ وجنتي مالا بابت ڳالهائڻ کان پھرين فلم ديوداس جو ذڪر ڪرڻ چاھيندس. وجنتي ستن فلمن ۾ مون سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ھو. ديوداس نالي ھڪ مشھور بنگالي ناول بہ ھو، جنھن جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا هئا، ان نالي سان ڪي ايل سيگل 1936ع ۾ فلم بہ ٺاھي چڪو هو، مون ان وقت تائين نہ فلم ڏٺي هئي ۽ نہ ئي وري ناول پڙھيو ھو. بملدار نالي مشهور فلم ڊائريڪٽر بمل راءِ 1954ع ۾ ھڪ ڏينھن منھنجي دوست ھتن چوڌري سان گڏ اسان جي گهر آيو، ھن مون کي ديوداس فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. مون ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ سوچي جواب ڏيڻ جو چيو تہ چيائين تمام سٺو، توھان جي مطالعي لاءِ ناول جو بھترين ترجمو موڪلي ڏيندس. ٻئي ڏينھن ناول جو ترجمو ملي ويو. ھڪ مايوس ۽ ڏکايل ڪردار ھو، جيڪو محبت ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ شراب واپرائڻ لڳي ٿو. مون سوچيو تہ انھي ڪردار ڪرڻ سان نوجوان نسل گمراھ ٿي سگهي ٿو، پر جڏھن فلم جي ڪھاڻي تي غور ڪيم سمجهہ ۾ آيو تہ ھڪ يادگار فلم ٺھي سگهي ٿي. بملدار جي ٽيم ۾ نبند وگهوش ۽ راجندر سنگهہ بيدي جھڙا بھترين ليکڪ ھئا. بملدار مون کي بہ اسڪرپٽ لکندڙن ۾ شامل ڪيو، ڇو تہ ھن کي خبر ھئي تہ اسڪرپٽ جي معاملي ۾ آئون سخت آھيان. ديوداس جا مڪالما راجندر سنگهہ بيدي تحرير ڪيا ھئا، مڪالما ايترا مشھور ٿيا جو ڪيترائي نسل دھرائيندا رھيا. بملدار ھڪ سنجيده قسم جو بنگالي ھو، ھو ڪڏھن بہ جذباتي نہ ٿيندو ھو، اداڪارن جي بار بار پڇڻ تي ھن ڪڏھن بہ ڪاوڙ نہ ڪئي، ھميشہ تعاون ۽ مدد لاءِ تيار رھندو ھو. ھو ڪم ۾ محنت ڪرڻ وارن جي ھمت افزائي ڪندو هو ۽ ھر ڪنھن جي راءِ جو احترام ڪندو هو. مسودي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندو هو. ھن جي ھڪ وڏي خوبي اها هئي تہ ھن ڪڏھن بہ ڪنھن جي تعريف نہ ڪئي. خوشي جو اظهار ڪڏھن بہ لفظن سان يا چھري جي تاثر وسيلي نہ ڏنائين. جڏھن شاٽ مان مطمئن ٿي ويندو هو تہ فقط ايترو چوندو هو تہ ٺيڪ آ. مون وڏي ڪوشش ڪئي تہ ھن کان ڪنھن شاٽ تي داد ملي پر ڪاميابي نہ ملي سگهي. پر ان جي باوجود مون داد وٺڻ لاءِ پنھنجي ڪوشش جاري رکي. ھو ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ هو، چوندو هو تہ ڪڏھن بہ ڪنھن کي ڏک نہ ڏيو.

ديوداس فلم جو ڪم اڃا ھلي رھيو ھو تہ بملدار ‘مڌومتي” فلم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. مڌومتي جو فلسفو آواگون (ھندوئن جو عقيدو آهي تہ بار بار مرڻ کان پوءِ ڄمڻ جو سلسلو جاري رھندو آھي.) گهڻن جو خيال ھو تہ ماڻھو ان کي سمجهي نہ سگهندا ۽ فلم ناڪام ٿيڻ جو بہ خطرو هو، پر پوري ٽيم سخت محنت ڪئي ۽ ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ فلم ڪامياب وئي. اسان جتي بہ ويندا ھئاسين، اتي مڌو متي فلم جا گيت ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. وجنتي مالا ۽ مون ديوداس کان پوءِ بہ ڇھن فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو، ھن جي ۽ منھنجي وچ ۾ ھم آھنگي وڌندي وئي. ھو ھڪ باصلاحيت اداڪارہ ثابت ٿي، ديوداس کان پوءِ مڌو متي ۾ اسان جڏھن گڏ ڪم ڪيو. ھن جي اداڪاري ۾ ڪافي بھتري اچي چڪي هئي، ھوءَ سخت محنت ڪندڙ اداڪارہ ھئي، ساٿي اداڪارن جي ھميشہ عزت ۽ احترام سان پيش ايندي هئي، ھن ڪڏھن بہ پاڻ کي وڏي اداڪارہ نہ سمجهو. سيٽ تي ھميشہ پنھنجي ناني يادوگري ديوي سان گڏ ايندي هئي، شوٽنگ کان پوءِ سڌو ميڪ اپ روم ۾ ھلي ويندي ھئي. وجنتي جي انھي عادت اسان لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪيون. وجنتي پنھنجي نانيءَ جي فرمانبردار ھئي، ھن ڪڏھن بہ پنھنجي نانيءَ جي ڳالھ کي نہ ٽاريو. ناني ھر وقت ھن کي پنھنجي اکين اڳيان رکندي هئي. ھوءَ جڏھن سيٽ تي ويندي ھئي تہ ناني کير جو آرڊر ڏيندي ھئي ۽ وجنتي ڪيترائي ليٽر کير پِي ويندي ھئي. اتي موجود سڀ ساٿي اداڪار وجنتي جي انھي شوق تي حيران رھجي ويندا هئا. منھنجو ڀاءُ ناصر ھڪ دفعي گنگا جمنا فلم جي شوٽنگ دوران مَينھن ڪاھي آيو ھو. ھو مينھن کي وجنتي مالا جي ميڪ اپ روم جي اڳيان ٻڌي رھيو ھو، شڪر آهي جو آئون بروقت پھچي ويس. مون ناصر کي انھي عمل تي ڌڙڪا ڏنا تہ ھي ڪھڙو ڊرامو شروع ڪيو ٿي. گنگا جمنا فلم ۾ مون جڏھن وجنتي مالا سان گڏ ڪم ڪيو، تڏهن بہ اسان جي باري ۾ ڪيتريون ڪھاڻيون گهڙيون ويون.

مدراس جي جيميني فلم اسٽوڊيو ۾ فلم پيغام جي شوٽنگ جاري ھئي. اھا خبر آئي تہ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ وزيراعظم پنڊت جواھر لعل نھرو سيٽ تي اچڻ وارو آهي. معمول جي خلاف ھڪ شام وجنتي ۽ ان جي ناني اسان جي کائڻ واري ميز تي اچي ويٺيون. ناني پنھنجي ڏوھٽي کي ھڪ اھم اداڪارہ سمجهندي ھئي ۽ ھن جو خيال هو تہ ٻيا اداڪار بہ ھن کي وڏي اداڪارہ سمجهن. ڊائننگ ٽيبل تي ويھڻ کان پوءِ ناني چوڻ لڳي تہ پنڊت جواھر لعل نھرو (پپا) وجنتي کي سڃاڻي ٿو. پوءِ ناني وري دھلي جي ھڪ ثقافتي پروگرام جو قصو ڇيڙيو، جنھن ۾ وجنتي خصوصي فنڪارہ طور پرفارم ڪيو ھو. ٻن ڏينهن تائين اسان اھڙن قسمن جا قصا ٻڌندا رھياسين. ٽئين ڏينهن پنڊت جواھر لعل نھرو کي اچڻو هو، اسٽوڊيو جي مالڪ ايس ايس وسن مون کي چيو تہ تون پنڊت صاحب جو استقبال ڪجان. مون چيو تہ پنڊت صاحب وجنتي کي سڃاڻي ٿو، بھتر اھو آھي تہ ھوءَ استقبال ڪري. وجنتي جي نانيءَ کان پنڊت ۽ پپا جا قصا ٻڌڻ کان پوءِ سڀني منھنجي راءِ جي حمايت ڪئي.

پنڊت صاحب جي استقبال لاءِ وجنتي سڀني کان اڳيان بيٺي هئي، آئون آخر ۾ بيٺو ھئس. پنڊت صاحب جيئن ئي آيو تہ ھن وجنتي کي ڏٺو بہ ڪونہ، مون تي جيئن ئي نظر پيس تہ تيزي سان مون وٽ آيو، منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، يوسف مون کي خبر پئي تون ھتي آھين تہ ھليو آيس. مون کي قطعي اھو اندازو نہ ھو تہ پنڊت صاحب مون کي سڃاڻي وٺندو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي تہ قوم جي ھڪ مقبول ۽ ملڪ جي وزيراعظم سان گڏ آھيان. پنڊت صاحب پندرھن منٽن تائين اتي ھيو، ھو فلمون نہ ڏسندو هو پر ھن کي ھِتان ھُتان فلمن جي باري ۾ خبر پوندي رھندي ھئي. پنڊت صاحب مون کي چيو تہ فلمون نہ ڏسڻ جي باوجود مون کي معلومات ملندي رھندي آھي، فلمن ذريعي سماج جي فرسوده رسمن رواجن جي باري ۾ عوام کي آگاھي ڏني وڃي. پنڊت صاحب ھليو ويو، ان کان پوءِ وجنتي جي ناني پنڊت ۽ پپا جا قصا ٻڌائڻ کان بس ڪئي.

منھنجي خيال ۾ ڪامياب ترين فلمساز اھو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو قصہ گوئي ۾ ڪمال رکندو ھجي. مدراس جي جيميني فلمي اسٽوڊيو جو مالڪ ايس ايس وسن ھڪ ماھر قصہ خوان ھو، ڀارت جي فلمي صنعت ۾ ھن جو وڏو نالو ھو. ھو ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ ھڪ شفيق انسان ھو. ھن جو وسيع مطالعو ھو، ھر شيءِ جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکندو ھو مون سان تمام گهڻي محبت ڪندو ھو ۽ جتي بہ ويندو هو، مون کي گڏ وٺي ويندو هو. ھڪ ڏينھن ھن مون کي ھڪ ماءُ پٽ جي ڪھاڻي ٻڌائي، جيڪي تامل ناڊو جي ھڪ اسٽيشن چنگلپٽ (ھاڻي جنھن کي چنگلپٽو چوندا آهن) ۾ رھندا ھئا. ٻيئي ماءُ پٽ اخبارون ۽ رسالا وڪڻندا هئا. ڇوڪرو اسٽيشن جي ھڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين وڏي آواز ۾ ھوڪو ڏيندو ۽ ڊوڙندو رهندو هو. ڇوڪرو پاڻ بہ مختلف رسالن ۽ مئگزينن جو مطالعو ڪندو رھندو ھو. ماءُ سمھي رھندي ھئي پر ڇوڪري کي ننڍ نہ ايندي هئي، گاڏن تان ماني وٺي کائيندا هئا… آئون اھي ڳالھيون ڌيان سان ٻڌندو ھئس، پر حيرت ٿي تہ مون کي اھي ڳالھيون ڇو ٻڌائيندو هو. وسن صاحب ھڪ سٺو ليکڪ بہ ھو، ھن ڪيترائي ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون ھيون، تامل ٻولي ۾ ھڪ مئگزين ڪڍندو هو. ايس ايس وسن علمي ادبي شخصيتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو.

فلم نيا دور جي پيشڪش کڻي جڏھن بي آر چوپڙا مون وٽ آيو تڏهن آئون گيان مکرجيءَ جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪري چُڪو ھئس. مون چوپڙا صاحب کي چيو تہ ھڪ ئي وقت ٻن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي، ان ڪري انتظار ڪرڻو پوندو. اھڙيءَ طرح آئون جڏھن ديوداس ۾ ڪم ڪري رھيو ھئس تڏھن فلم پياسا جي لاءِ گرودت جي پيشڪش بہ نہ مڃي ھئم. خير جڏهن بي آر چوپڙا فلم نيا دور جي ڪھاڻي تيار ڪري ورتي تہ ھو مشوري لاءِ محبوب صاحب وٽ ويو. ھن مايوسي مان چيو تہ اھا دستاويزي فلم ٿي سگهي ٿي، ان کي فيچر فلم چوڻ غلط ٿيندو. چوپڙا صاحب سينيئر فلمساز جي احترام ۾ خاموش رھيو. پر ھن اھو طئہ ڪري ورتو تہ جيڪڏهن فلم ۾ دليپ ڪم ڪيو تہ ضرور ٺاھيندو. قدرت جي طرفان ڪجهہ ھيئن ٿيو تہ گيان مکرجي جي فلم مالي مسئلن جي ڪري ھلي نہ سگهي. اھڙي طرح مون نيا دور فلم ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو. نيا دور منھنجي ھڪ يادگار فلم آھي، ڇو تہ ھن فلم جي ڪري ئي چوپڙا خاندان سان منھنجي ويجهڙائپ ٿي. وڏو ڀاءُ بي آر چوپڙا (بلديو راج)، يش چوپڙا ۽ ڌرم چوپڙا سڀئي بھترين شخصيتن جا مالڪ ھئا. وڏي ڀاءُ يش کي منھنجي خدمت تي مقرر ڪري ڇڏيو. منھنجيون ۽ ھن جون عادتون ھڪجھڙيون ھيون، اسان ٻيئي ناشتو پاڻ تيار ڪندا ھئاسين، ھڪئي وقت اسان ڏھن بيضن جو آمليٽ ٺاھيندا ھئاسين. اسان جي ناشتي جي خوشبو پري پري تائين پکڙجي ويندي ھئي، ۽ بيضا نہ کائڻ وارا بہ اسان سان اچي ناشتو ڪندا هئا. بنا ڪنھن شڪ جي نيا دور فلم زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ تمام سٺو پئسو ڪمايو. فلم جي ڪاميابي جي تقريب ڪوٺائي وئي. محبوب صاحب تقريب جي خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. محبوب صاحب تقريب ۾ پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ فلم متعلق منھنجا سڀ خيال غلط ثابت ٿيا. چوپڙا صاحب جي راءِ بلڪل صحيح ھئي.


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

  8. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

  9. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 9)

  10. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 10)

  11. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-11


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close