آفتون ۽ سرڪار جي رٿابندي

ريحان ابڙو

ڪنهن به قسم جي آفتن (قدرتي يا مصنوعي) کي منھن ڏيڻ لاء منهنجي نظر ۾ پنج مرحلا آھن، جن جي ذميداري هر لحاظ کان مڪمل طور تي رياست تي لاڳو ٿئي ٿي.

اچو ته پهرين انهن سڀني مرحلن جو مختصر جائزو وٺون ۽ پوء ڏسون ته انهن سڀني مرحلن ۾ رياست ڪٿي آھي۔

1۔ اڳواٽ احتياطي اپاء

2۔ ريسڪيو(جانيون بچائڻ)

3۔ رليف (زندگيء جي اشد ضرورتن جو انتظام)

4۔ ريهيبليٽيشن (متاثرن جي ساڳين يا نون مڪانن تي مستقل رهائش ۽ زندگيء جي ڪار وهنوار جي بحالي)

5۔ سڄي صورتحال جو جائزو، ڪمزورين جو تجزيو ۽ اڳين ممڪنه آفت کان بچاء لاء جوڳي رٿا بندي۔

1۔ اڳواٽ احتياطي اپائن جي ڳالھ ڪجي ته رياست چند ڪاغذن جي ڊجيٽل اشاعت کان اڳتي نه وڌي۔ نه ڪا سروي نه معائنو نه ئي محفوظ مقامن جي ڪا رٿا بندي ڪئي وئي۔ڪنهن هڪ ڳوٺ ۾ به اهو نه چيو ويو ته توهان جو ڳوٺ برسات جي وهڪري جي نشاني تي ٿي سگهي ٿو۔ ڪو بچاء يا متبادل بندوبست ٿيڻ گهرجي۔ ڳوٺ ته ڳوٺ پر شھرن ۾ به رڳو نالن جي صفائي ۽ نيڪال جي مرحلي جي موجود سامانن کي به هٿ نه لاتو ويو۔

2. ريسڪيو يعني جانيون بچائڻ جو ڪم برسات جهڙي آفت دوران ئي ضروري ٿي ويندو آھي۔ جيڪو ڪنهن عام ماڻهوء جي وس کان اڪثر نڪتل هوندو آھي۔ هھڙن موتمار طوفاني اسپيلن دوران ڪٿي به توهان کي منظم طريقي سان سرڪار ماڻهن کي ريسڪيو ڪندي نظر آئي هجي ته منهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ضرور ڪجو۔ اسان جي علائقي ۾ هن وقت به اها صورتحال آھي جو آخري خوفناڪ وسڪاري کي 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين به ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪلوميٽرن تائين پاڻيءَ ۾ پاڻ ھلي کٽون روڊن ڪناري رکي انهن تي پنيون ۽ترپال رکي پنهنجي ابهمن کي محفوظ ڪرڻ ۾ مصروف آھن۔ پري پري تائين رياستي رڃ آھي۔

3. هاڻي اچون ٿا رليف تي۔ رياستي مدد کان بغير ماڻهو جيئرا ساھ بچائي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتا ته هاڻي پيٽ کي به ڪجهہ گهرجي، نه ته هيڏي جدوجهد سان موت جي منهن مان پاڻ کي ڪڍي اچڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو۔ برسات نه ماري ته بک ماريندي۔ هن مرحلي تي رياست توهان کي ضرور نظر ايندي پرضرورت جي 0.0000000000001%جيترو ڪم ڪرائي فوٽو سيشن ڪرائيندي۔ ڇاڪاڻ ته اهو ترقيءَ لاءِ ضروري آھي۔ ترقي ٻي ڪا نه، پر انهن ڪارندن جي پارٽين ۽ بنگلن تي عهدا حاصل ڪرڻ واري ترقي!

4.هاڻي برسات يا ٻي آفت ساهي ڏني۔ متاثرين ڪجهہ ساھ پٽيو. اڳواٽ احتياط ، ريسڪيو ۽ رليف واري ڪاروائي هضم ٿي ته هاڻي نئين سج نئين توانائيءَ سان بحاليءَ جو ڪم شروع ٿيندو۔ جنهن ۾ اخبارن ۾ وڏا وڏا اشتهار ۽ ڪانفرنسون نظر اينديون رياستي ڪارندا پنهنجي نه ڪيل ڪمن تي واه واه وصول ڪندا ۽ وڌيڪ سرگرم نظر ايندا ڇو ته سندن محنتون رنگ لائڻ واريون هونديون ۔ هيڏو ڪجهہ به نه ڪري هيڏي ٻوڏ آندائون، ان جو کٽيو ته کائڻو آھي!! عوام اهوئي واٽرن مان مٽي ڪڍي سرون هڻي ڇيڻ مٽيءَ جي راڳا ڪري ويهي رهندو۔

5. مٿي ڄاڻايل هيتري محنت کان پوءِ رياست ٺپ واندي ڪانه هوندي، جو وري مستقبل ۾ ڪنهن نئين آفت بابت ڪا رٿابندي ڪري، جيڪو جتي سو تتي واري ڪهاڻي ٿيندي۔ اميدوارن کي ٽڪيٽ به کپن ته ووٽ به۔ هرڪو خوش ھجي ۔ سڀ توڪلي آھيون۔ وري ڀيڄ مولا۔

يقين ڪريو هي سڀ مرحلا پوري طرح سان ايمانداريء سان ادا ٿين، بظاهر سڀ ڪجهہ ٺيڪ به ٿي وڃي، تڏهن به ڪجهہ ماڻهن يا خاندانن جي زندگيءَ ۾ اهڙا خال رهجي ويندا آھن، جيڪي سڄي عمر نه ڀرجي سگهندا آھن.

اسان وٽ ته قدرتي آفتن جي نالي ۾ سرِ عام قتل عام ۽ نسل ڪشيءَ جھڙا عمل ٿا ٿين۔ اهڙا درد سڄي عمر کڻي هلڻ واري انسان جو جيون ڪيئن گذرندو هوندو!؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close