3- حيدرآباد سنڌ (9)
1963ع کان 1970ع تائين مون تاريخ ۽ ادب جو تمام گهڻو مطالعو ڪيو. تاريخ ۽ ادب جي مطالعي جي ڪري مون ۾ شعور بيدار ٿيو. اڄ جڏھن رات جي خاموشي ۾ انھن ڏينھن کي ياد ڪيان ٿو تہ ھڪ قسم جي خوشي ٿئي ٿي. مونکي ياد آهي ٽالسٽائي جو ناول "وار اينڊ پيس” سردين ۾ پڙھيو ھئم. رات جي خاموشي ۽ چنڊ جي ٿڌي روشني جي ماحول ۾ ھن ناول جو مطالعو ڪندي منھنجا تخيلات مونکي رلائيندا رھندا ھئا. دوستووسڪي جو "ڪرائم اينڊ پنشمينٽ” ۽ ڪرزمازوف ڀائرن جي تخليقن ذھن تي گھرو اثر وڌو. انھن ناولن جي ذريعي مونکي ماڻھن جي ڏک جو احساس ٿيو. ڪتابن جي مطالعي سان گڏ انسان ۾ اھا خواھش بہ ھوندي آھي تہ ڪتاب سندس ذاتي ملڪيت ھجن. انڪري مون ڪتاب خريد ڪرڻ شروع ڪيا، ان وقت پنگوئن جو ڪتاب پنج رپين ۾ ملندو هو. مارڪيٽن ۾ ڪتابن جي ڪمي ڪانہ ھئي. برطانيہ، ھندستان ۽ آمريڪا کان ڪتاب ايندا هئا. مون وٽ ڪتاب ان دور جا آھن، جن ۾ يورپ جي ڪلاسيڪل دور جا ناول بہ آھن. آئون جڏھن بہ ڪراچي ويندو ھئس، ڪتاب ضرور خريد ڪندو ھئس. يونيورسٽي جي شروعاتي ڏينھن يعني 1960ع جي ڏھاڪي ۾ مون ۽ جاگرافي شعبي جي دوست ظفر حسن شاھ ۽ فلسفي شعبي جي دوست فريدالدين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ يونيورسٽي ۾ ھڪ اھڙو ڪلب ٺاھڻ گھرجي، جتي علمي ۽ ادبي گفتگو ۽ بحث مباحثا ٿيڻ گھرجن. يونيورسٽي ۾ جن استادن کي علم ۽ ادب سان لڳاءُ هو، انھن ۾ ڊاڪٽر احمد بشير، احسن فاروقي، جميل واسطي (انگريزي شعبو)، حضور احمد سليم (فارسي شعبو) ۽ ضياء الدين (اردو شعبو) قابل ذڪر آهن. شروع ۾ انھن ڪچھرين جا دور اسان جي شعبي ۾ ھلندا ھئا، پوءِ خيال آيو تہ يونيورسٽي انتظاميا کي ھنن علمي محفلن تي اعتراض نہ ٿئي. انڪري علمي ادبي گفتگو جا پروگرام ھڪ عمارت جتي ڪو آپريٽو بئنڪ ھئي، اتي ڪرڻ لڳاسين، ھي ڪچھريون ھر اربع جي شام ٿينديون هيون، ان ۾ شھر جا ماڻھو بہ شامل ٿيندا هئا، ريڊيو پاڪستان جو الياس عشقي قابلِ ذڪر آھي. ڪڏھن ڪڏھن صورتحال دلچسپ ٿي ويندي هئي، ھڪ دفعي اسان جي دوست ضياء الدين جيڪو بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج ۾ اردو جو پروفيسر ٿيو، ھن ھڪ افسانو پڙھيو، جڏھن ھو پڙھي رھيو ھو تہ احمد بشير غور سان ٻڌي رھيو ھو، جڏھن افسانو ختم ٿيو، ضياءُ وڏي فخر سان داد وٺڻ لاءِ ھيڏي ھوڏي ڏٺو. بشير صاحب چيو، 1963ع ۾ مون فٽ پاٿ تان ھڪ رسالو خريد ڪيو هو، جنھن جي ٽائٽل تي ٻن وڙھندڙ ڪڪڙن جي تصوير ھئي، ان رسالي ۾ مون افسانو پڙھيو ھو، تو اتان چورايو آهي. ضياء شروع ۾ تہ مڃڻ کان انڪار ڪيو پر پوءِ چيائين تہ پلاٽ انگريزي افساني جو کنيل آهي. ھن ڪلب جو ڊاڪٽر احسن فاروقي بہ ميمبر ھو، ھي ڪنھن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ رھيو ھو، ڪنھن سبب جي ڪري کيس اتان ڪڍيو ويو ھو، پوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙھائيندو رھيو پر اتي وائيس چانسلر سان نہ لڳس، ڪجھ وقت لاءِ واندو ويٺو، بيروزگاري دوران سخت ذھني دٻاءُ ۾ رھيو. ذھني دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ ھو ڪراچي جي گھٽين ۾ سائيڪل ھلائيندو ھو. ڪنھن کان سفارش ڪرائي وري سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر ٿي آيو، جڏھن تہ شعبي ۾ سندس شاگرد پروفيسر ٿي ويا هئا. بيروزگاري انسان کي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي، شھرت ۽ قابليت باوجود ھن ليڪچرر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. يونيورسٽي ۾ ٽيچرز ھاسٽل ۾ رھندو ھو، اتي سندس ٻہ مشغلا ھوندا ھئا، لکڻ يا پڙھڻ. چوندو ھو تہ ان ڪري لکندو آھيان تہ ذھني دٻاءُ نہ ٿئي، پنھنجي سموري ڪاوڙ افساني ۾ ڪڍندو هو، روز ھڪ افسانو لکندو هو، جنھن کان ناراض ٿيندو هو خاڪو لکي ٻي ڏينھن تي ان کي پڙھائيندو ھو. منھنجي ساڻس دوستي ٿي وئي. اسان ڪجھ دوست کانئس فرينچ سکڻ لڳاسين، اسان جڏھن بہ سندس ڪمري ۾ ويندا ھئاسين، ھو ھميشہ مصروف نظر ايندو هو. وات ۾ ھر وقت پان ھوندو ھئس، حافظو ايڏو تيز ھوندو ھئس جو، ڪنھن بہ ڪتاب جي باري ۾ پڇندا ھئاسين تہ سڄو ڪتاب ٻڌائيندو ھو. چوندو هو تہ سڄو يورپي لٽريچر پڙھيو اٿم وري ٻي دفعا پڙھان پيو. ڪراچي يونيورسٽي مان ڪڍائڻ ۾ بھارين جو ھٿ ھو، بھارين جي سخت خلاف هو. ھڪڙي دفعي گوتم ٻڌ جو ذڪر آيو، چيائين ماڻھو ڀلو ھو پر ھو بھاري. ڪراچي يونيورسٽي جو وائس چانسلر ھاشمي ھو، جنھن کيس ڪڍيو ھو، ھڪ دفعي ان جي گلا ڪري رھيو ھو، تنھن تي اسان جي دوست فريد الدين چيس ڊاڪٽر صاحب ھاڻي تہ ھو فوت ٿي چڪو آهي، معاف ڪيوس. سخت ڪاوڙ ۾ چيائينس تہ، ميان جيڪڏھن ايئن معاف ڪندا رھنداسين تہ پوءِ تاريخ ڪيئن ٺھندي. ڪچھرين دوران ھن پنھنجون يادگيريون ٻڌايون، جنھن جو عنوان ھو ” وقت ويندي ڏٺم”. عطاءُ الرحيم صاحب جيڪو فلسفي جو استاد ھو، ھن مشورو ڏنو تہ "دل جي آرسي” عنوان رکو، پوءِ ان جي ڳالھ مڃيائين. اڪثر دلچسپ حرڪتون ڪندو هو. ھڪ دفعي کيس ڪنھن ڪتاب تي تبصرو ڪرڻو ھو، مصنف جي سامھون تعريف ڪيائين، پر تقرير ۾ خوب تنقيد ڪيائين. سڌو ماڻھو ھو، روزگار جي پريشاني کيس سخت ڪري ڇڏيو هو. سندس پوري زندگي پريشانين ۾ گذري. سنڌ يونيورسٽي کانپوءِ اسلاميہ ڪاليج سکر ۾ پڙھايائين پوءِ بلوچستان يونيورسٽي ويو، اتي سندس وفات ٿي. آخري وقت ۾ تمام گهڻو لکيائين.
ڪلب جون ڪچھريون ديال داس ڪلب ۾ ٿيڻ لڳيون، ھي اولڊ ڪئمپس جي ويجھو ھئي. ھندن جي زماني ۾ ھن ڪلب جي وڏي شھرت ھوندي ھئي، ھتي ڊراما ۽ ادبي محفلون ٿينديون هيون. ورھاڱي کانپوءِ جوا جو اڏو ٿي ويو. جڏھن جبريل صديقي صاحب ھن جو سيڪريٽري ٿيو تہ ھن ڪوشش ڪئي تہ ھتي ادبي محفلون ٿيڻ گھرجن. انڪري ھتي اسان کي جڳھ ملي وئي. ھن جڳھ تي مون تاريخ جي نظريي تي مضمون ٻڌايا ھئا. جڏھن آئون 1970ع ۾ يورپ ويس تہ ھن ڪلب ۾ باقاعده ڪچھريون ٿيڻ لڳيون پر پوءِ آھستي آھستي ختم ٿي ويون. 1963ع کان 1970ع تائين يونيورسٽي ۾ پڙھائيندي 7 سال ٿي ويا، ان دوران ڪيترائي دفعا اسڪالرشپ لاءِ ڪوشش ڪيم پر ڪاميابي نہ ملي. ھڪ دفعي اسپين جي اسڪالرشپ مليم پر ان وقت جي وائيس چانسلر علي عبدالرحمان موڪل نہ ڏني. جڏھن غلام مصطفي شاھ وائيس چانسلر ٿيو تہ ھن ايندي ئي راتو رات اولڊ ڪئمپس کي ڄامشوري ۾ منتقل ڪيو. اچانڪ منتقلي تي سڀني کي تڪليف ٿي، ڇو تہ حيدرآباد کان ڄامشوري تائين ٽرانسپورٽ جو جوڳو بندوبست نہ ھو. يونيورسٽي جي ھڪ بس صرف اسٽاف لاءِ ھئي، پر اھا بہ اڪثر خراب ھوندي ھئي، ڪڏھن ايندي هئي ڪڏھن نہ. استادن کان وڌيڪ شاگردن کي تڪليف ھئي. غلام مصطفي شاھ ايندئي يونيورسٽي جي ڍانچي کي بدلايو، سڀ کان پھرين ھن سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ استادن سان الڳ الڳ گڏجاڻيون ڪوٺايون. ان وقت اردو ڳالهائيندڙ استاد وڌيڪ ھوندا ھئا. انڪري ھن ھر شعبي ۾ سنڌي استاد مقرر ڪيا. ظاھر آھي ان ۾ معيار ۽ صلاحيتن کي مدنظر نہ رکيو ويو. نااھل ۽ سفارشي ماڻھو ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ تعليم جو معيار بدتر ٿيندو ويو. ڪافي وقت کان پوءِ غلام مصطفي شاھ جڏھن سنڌ يونيورسٽي جو وي سي نہ ھو، ھڪ دفعي ادبيات نالي ڪتابن جي دڪان تي اھا شڪايت ڪيائين تہ يونيورسٽي جي استادن کي لکڻ پڙھڻ بہ نٿو اچي. ان تي ظفر حسن شاھ چيو تہ شاھ صاحب انھن ۾ اڪثريت توھان جا رکيل آھن. قومپرستي جي جذبي ۾ جيڪڏھن انتھاپسندي اچي وڃي تہ پوءِ معاشري ۾ ان جا منفي اثر مرتب ٿيندا آھن. ان کان سواءِ غلام مصطفي شاھ پنھنجن ماڻھن کي 25 يا 26 وظيفا ڏنا، مونکي ان وقت بہ اسڪالرشپ نہ ملي. مون انگلينڊ جي ڪجھ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ لکيو، لنڊن يونيورسٽي جي ڪوئين ميري ڪاليج ۾ منھنج داخلا ٿي وئي. حيدرآباد ۾ ان وقت تلڪ چاڙهي تي برٽش ڪائونسل ھوندي ھئي، جنھن جو لائبريرين امتنان بخاري ھوندو ھو. ھو انتھائي مھذب ۽ شريف ھوندو ھو. ان سان منھنجو تعلق شاگردي واري زماني کان ٿيو ھو. برٽش ڪائونسل ڪراچي طرفان مونکي سفر جو خرچ وٺي ڏيڻ لاءِ ھن ڪوشش ڪئي. ھن برٽش ڪائونسل ڪراچي جي ڊائريڪٽر سان منھنجي ملاقات بہ ڪرائي. ھن مونکي يونيورسٽي معرفت درخواست ڏيڻ لاءِ چيو. افسوس يونيورسٽي منھنجي درخواست اڳتي نہ وڌائي. انڪري سفر جي خرچ جو بندوبست نہ ٿي سگھيو. مونکي ياد آهي ظفر حسن شاھ سان گڏ وي سي کي درخواست ڏيڻ ويو ھئس. جڏھن مون ھن کي ڏٺو، وڏين مڇن وارو شخص مونکي وي سي گھٽ وڏيرو وڌيڪ لڳو ھو. انتھائي احترام مان عرض ڪيم تہ سختي لھجي ۾ انگريزي ۾ چيائين ھاڻي ڪجھ نہ ٿو ٿي سگھي. ڊڄندي عرض ڪيم تہ سائين مونکي پروويڊنڊ فنڊ مان رقم ڏيو، چيائين اھو سڀ نہ ملندو، صرف 75 سيڪڙو ملندو. اھا منھنجي ان ھستي سان پھرين ملاقات ھئي، جيڪو تعليم جي اھم عھدي تي فائز هو. پرنسپال، ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن، وائيس چانسلر ۽ وزير تعليم، اڄ پاڪستان جي تعليم جو جيڪو ٻيڙو ٻڏو آھي، انھي ۾ اھڙن ماڻھن جو ھٿ آھي. ھي انھن ڏينھن جي ڳالھ آهي جڏھن آئون انگلينڊ ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏيئي رھيو ھئس، جاگرافي شعبي جو ليڪچرار حامد زيدي ھڪ ڏينھن يونيورسٽي ۾ مليو، مون کان پڇيائين ڇا پيو ڪرين؟ مون چيو لنڊن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي اٿم، ھاڻي وڃڻ جي تياري آھي، مون کانئس ايئن ئي پڇيو تنھنجو ڪھڙو ارادو آھي، مونسان گڏ ھلندين؟
چيائين ڪيئن، مون چيو داخلا وٺ تہ گڏ ٿا ھلون.
مون کيس ڪوئين ميري ڪاليج جو ڏس ڏنو، حامد داخلا لاءِ درخواست جمع ڪرائي ۽ داخلا بہ ٿي ويس. اسان گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. مونکي ياد آهي اسان جڏھن ايئرپورٽ پھتاسين تہ حامد جي سھري مونکي سندس خيال رکڻ لاءِ چيو. ان وقت صورتحال جي سنجيدگي کي ڏسندي مون حامي ڀري. پر پوءِ لنڊن پھچي حامد منھنجو خيال رکيو. ان تي مونکي محسوس ٿيو تہ حامد جي سھري کي حامد جي صلاحيتن جو بلڪل بہ اندازو نہ ھو.
ھلندڙ