ﺭﻧﻲ ڪوٽ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪنهن ڪئي؟ (2)

آصف رضا موريو

ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ جي حوالي ﺳﺎﻥ ﻭﮄ ۾ ﻭﮄ مضبوط ﺭﻭﺍﻳﺘﻮﻥ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ٽﺎﻟﭙﺮ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺳﺎﻥ ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮﻥ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ڪﺠﻬﻪ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻧﻦ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﮐﻲ ڪﻠﻬﻮڙﻥ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ﺳﺎﻥ ﭘﮡ ﺟﻮڙﻱ ﺭﮐﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺻﺤﻴﺢ ڪونھي. ﮀﺎڪﺎﮠ تہ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ڪﻠﻬﻮڙﻥ ﺟﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺣﺴﺎﺱ، ﻣﺤﻘﻘﻦ ۽ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻧﻦ ﺟﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ڪﭥﻲ بہ نہ ﭤﻮ ﻣﻠﻲ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﺟﻮﻥ ﻧﻨﮃﻳﻮﻥ ﺗﻮڙﻱ ﻭڏﻳﻮﻥ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﻋﻤﺎﺭﺗﻮﻥ ﻧﻈﺮ ﺍﻧﺪﺍﺯ نہ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ. ﻫﻮﻥﺀَ بہ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ڪﻠﻬﻮڙﺍ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﻗﻠﻤﺒﻨﺪﻱ ﻣڪﻤﻞ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڪﭥﻲ بہ ۽ ڪﻨﻬﻦ بہ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ جي حوالي سان ﻫﻦ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ﭤﻴﻞ ﻧﺎﻫﻲ.

ڪجهہ ﻣﺤﻘﻖ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﮐﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺗﺴﻠﻴﻢ ﺋﻲ نہ ﭤﺎ ڪﻦ. ﺟڏﻫﻦ تہ ڪجهہ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺤﺒﺖ ﻳﺎ ﺟﻨﻮﻥ ۾ ﺑﻐﻴﺮ ڪﻨﻬﻦ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺛﺒﻮﺕ، ﺩﻟﻴﻞ ۽ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻲ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﮐﻲ ﻋﺮﺏ ﺣﻤﻼ ﺁﻭﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﮘﻨﮃين ﭤﺎ. ڪﺠﻬﮧ ﻭﺭﻱ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻗﺪﺍﻣﺖ ﮐﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﮐﺎﻥ ﺍڳ ۽ ﮔﻬﮣﺎ ﺗﮣﺎ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﮐﺎﻥ بہ ﭘﺮﺍﮢﻮ ڳڻائڻ ﻭﺍﺭﻱ ﭼڪﺮ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺫﻭﻕ ۽ ﺷﻮﻕ ﮐﭙﺎﺋﻴﻨﺪﻱ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ. ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺍڪﺜﺮ ﻣﺤﻘﻖ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﮐﻲ ﺍﻟﻴﮕﺰﻳﻨڊﺭ ﻣﻘﺪﻭﻧﻲ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭜٽڪﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺭﻫﻦ ﭤﺎ.

ﺍﻫڙﻱ ﻗﺴﻢ ﺟﻮﻥ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ﺍﻧﻬﻦ ﻟﮑﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺭﺍﺀِ ﭤﻲ سگهن ٿيون، ﮀﺎڪﺎﮠ تہ ﺳﻨﮅ ﻣﭥﺎﻥ ﺣڪﻮﻣﺖ ڪﻨﺪڙ ﮔﻬﺮﺍﮢﻦ ۾ ٽﺎﻟﭙﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭔﺌﻲ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﮔﻬﺮﺍﮢﻲ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۾ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ﻧﻪ ﭤﻮ ﻣﻠﻲ. ﻣﺜﺎﻝ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﻣﺎﻥ ﻫﺘﻲ ﺍﻧﻬﻦ ڪﺠﻬﮧ ﺧﺎﻧﺪﺍﻧﻦ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ڪﺮﮠ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﺳﻤﺠﻬﺎﻥ ﭤﻮ ﺟﻦ ۾ ﻣﻐﻞ ﻧﻮﺍﺏ، ﺍﺭﻏﻮﻥ ۽ ﺗﺮﺧﺎﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﺟﻮ ﺭڳو ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻭڏﻥ ﺷﻬﺮﻥ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ. ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅﻭ ﻣﺎﭤﺮﻱءَ ﺟﻲ ڳوٺن ﺗﻲ ﺭڳو ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ، جو ﺍﺗﺎﻥ ﮐﻴﻦ ﭼﮝﻮ ﺧﺎﺻﻮ ڏﻥُ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﻫﻴﻮ. ﺧﻮﺩ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺣﻮﺍﻟﻦ ۾ ڪﭥﻲ بہ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺍﻫڙﻥ ﻗﻠﻌﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺟﻮ ڪﻮ بہ ﺍﺷﺎﺭﻭ نہ ﭤﻮ ﻣﻠﻲ. سما ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ بہ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﮐﺎﻥ ﺍﻧڪﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ. ﺳﻮﻣﺮﺍ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺩﻭﺭ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺩﻭﺭﺍﻥ بہ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺮڪﺰ ﻻڙ ﻳﺎ ﻻڙ ﻭﺍﺭﻭ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺭﻫﻴﻮ. ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺑﻪ ﺍﻫڙﻱ ڪﻨﻬﻦ ﻗﻠﻌﻲ ﺑﻨﺪﻱءَ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺟﻲ ڪﺎ بہ ﺷﺎﻫﺪﻱ ڏﻳﮡ ﮐﺎﻥ ﻻﭼﺎﺭ ﺑﮣﻴﻞ ﺁﻫﻲ.
ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ ﻣﻮﺭﻳﺎ، ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ، ﺑﺮﻫﻤﮡ، ﺍﺧﻤﻴﻨﻴﻦ، ﺍﻳﺮﺍﻧﻲ، ﺭﺍﺀِ، ڪﺸﻦ، ﻫﺒﺎﺭﻱ، ﻋﺒﺎﺳﻲ ۽ اميہ ﺧﺎﻧﺪﺍﻧﻦ ﺟﺎ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ڪﺘﺎﺏ، ﻣﺴﻮﺩﺍ ﺗﻮڙﻱ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ بہ ﺍﻫڙﻱ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺟﻲ ﺫڪﺮ ﮐﺎﻥ ﻭﺍﻧﺠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻦ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ رڳو ﺳﻨﮅ ﺗﻲ 73 ﺳﺎﻝ ﺣڪﻮﻣﺖ ڪﺌﻲ، ﺍﻥ ﻋﺮﺻﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺳﻨﺪﻥ ﻻڙﻭ ﺍﻭلھہ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﺭﮐﮡ ۾ ﺭﮄﻝ ﺭﻫﻴﻮ، ﺍﻥ ڪري ﺍﻭﭜﺮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﺮﺣﺪ ﺗﻲ ﺍﻫڙﻱ ڪﻨﻬﻦ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﻻﺀِ ڪﻨﻬﻦ ڪﻢ ﺟﻲ نہ ﻫﺌﻲ. ﻫﻮﻥﺀَ بہ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ سندن ﺍﺩﺏ ﺗﻮڙِﻱ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺍﻥ ﺫڪﺮ ﮐﺎﻥ ﺧﺎﻟﻲ ﺁﻫﻲ. ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻢ ۽ ﺟﺪﻳﺪ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ڪﻴﻞ ﺣﻤﻠﻲ ﺟﻮ ﺍﺩﺏ ۽ ﻟﮑﮣﻴﻮﻥ بہ ﺍﻥ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﮐﻮﮐﻠﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ڪﻨﻬﻦ بہ ﻭﻳﺪ، ﭘﺮﺍﮠ، ﺭﺍﻣﺎﺋﮡ ﻳﺎ ﺍﺗﻬﺎﺳڪ ﺩﺍﺳﺘﺎﻧﻦ ﺗﻮڙﻱ ﻗﺼﻦ ﻭﻏﻴﺮﻩ ۾ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻮ ڪو بہ ﺫڪﺮ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻧﺎﻫﻲ.

ﺗﻮڙﻱ ﺟﻮ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻧﻦ ۽ ﻣﺤﻘﻘﻦ ﺟﻮ ﻫڪ ﻭڏﻭ ﺍﻧﮓ ﺍﻥ ڳالھ ﮐﻲ ﻣﭹﮡ ﺟﻲ ﻻﺀِ ﺗﻴﺎﺭ ناهي تہ ﺍﻳﺘﺮﻭ شاﻧﺪﺍﺭ ﻗﻠﻌﻮ ٽﺎﻟﭙﺮﻥ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﻮ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﭘﺮ ﻭٽﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻥ ڳالھ ﮐﻲ ﺛﺎﺑﺖ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﺎ ﺣﻮﺍﻻ ﻳﺎ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺩﻟﻴﻞ ﻣﻮﺟﻮﺩ ڪﻮنھن. ﺍﻥ ﺟﻲ ﺍﺑﺘڙ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﮐﻲ ٽﺎﻟﭙﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ﺣڪﻮﻣﺖ ۾ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﭤﻴﮡ ﮐﻲ ﺗﺴﻠﻴﻢ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﻥ ﻭٽ ﺍﻥ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺩﻟﻴﻞ، ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺣﻮﺍﻻ ۽ ﺛﺎﺑﺘﻴﻮﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ.

ﺍڪﺜﺮ ﻣﺤﻘﻖ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻭٽ ﺍﻫﻮ ڪﻤﺰﻭﺭ ﺍﻋﺘﺮﺍﺽ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ تہ ٽالپر ﺍﻳﺘﺮﻱ ﻭڏﻱ ﺍﻗﺘﺼﺎﺩﻱ ﻗﻮﺕ ۽ ﻭﺳﻴﻠﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﻟڪ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ، ﺟﻮ ﺍﻫﻲ ﺍﻳڏﻱ ﻭڏﻱ ﻗﻠﻌﻲ ﮐﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﻫﺎ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ۾ ﺍﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻟﻴﻠﻦ ۾ ﺧﻮﺍﻫ ﻣﺨﻮﺍھ ﺑﺤﺚ ﮐﻲ ڊيگھ ڏﻳﮡ ﻻﺀِ ﺍﻫڙﺍ ﺧﻴﺎﻝ ﭘﻴﺶ ڪﻨﺪﺍ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ.

ﺟڏﻫﻦ ﺭﺍﺟﺴﺘﺎﻥ ﺟﻮ ﻫڪڙﻭ ﺭﺍﺟﺎ 5 ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻝ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﮐﺎﻥ بہ 6 ﻣﻴﻞ ﻭڏﻭ ڪﻮٽ ﭔﻴﻦ 32 ڪﻮٽﻦ ﺳﻤﻴﺖ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ، ﺟڏﻫﻦ ﺳﺎﮂﺍ ﭼﺎﺭ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻝ ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ﺷﻴﺮ ﺷﺎھ ﺳﻮﺭﻱ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺍﺑﺘﺮﻱءَ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۾ بہ ﺭﻭﻫﺘﺎﺱ ﺟﻬڙﻱ ﻋﻈﻴﻢ ﺍﻟﺸﺎﻥ قلعہ ﺑﻨﺪﻱ ﺟﻮڙﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ، ﺟڏﻫﻦ ڪﻠﻬﻮڙﺍ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﺣﻴﺪﺭ ﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﭘڪﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻬڙﻭ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻗﻠﻌﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﻨﮕﺘﺮﺍﺷﻦ ۽ ﻋﻤﺎﺭﺗﻲ ڪﺎﺭﻳﮕﺮﻥ ﮐﺎﻥ ڪﺠﻬﮧ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺍﻧﺪﺭ ﺗﻴﺎﺭ ڪﺮﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ، ﺟڏﻫﻦ ﺍُﻫﻲ ﺋﻲ ٽﺎﻟﭙﺮ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ۾ ڪﻮٽ ڏﻳﺠﻲ ۽ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭﺧﺎﺹ ۾ ﻧﺌﻮﻥ ڪﻮٽ ﺟﻬڙﺍ ﻋﻈﻴﻢ ﻗﻠﻌﺎ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻬڙﻱ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺗﺤﺖ ﭠﻬﺮﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ، تہ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻻﺀِ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻭﺕ ڪﺮﺍﺋﮡ ڪﻬڙﻭ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻫﻴﻮ؟

ﻓﺘﺢ ﻧﺎمہ ﺳﻨﮅ جو ﻣﺼﻨﻒ ﻣﻴﺮ ﺣﺴﻦ ﻋﻠﻲ ٽاﻟﭙﺮ ‏(ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻭﻓﺎﺕ 1909 ﻉ ۾ ﭤﻲ) ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﮐﻲ ﻣﻴﺮ ڪﺮﻡ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ ۽ ﻣﻴﺮ ﻣﺮﺍﺩ ﻋﻠﻲ ٽاﻟﭙﺮ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﻫڪ ﺷﺎﻧﺪاﺭ ڪﺎﺭﻧﺎﻣﻮ ﻗﺮﺍﺭ ڏﻳﻨﺪﻱ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ تہ "ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﺑﻦ ۽ ڏﺍڏﻥ ﺟﻮ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﻴﻞ ﻳﺎﺩﮔﺎﺭ ﻣﺜﺎﻝ ﺁﻫﻲ. ﺟڏﻫﻦ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ تہ ٽڪﺮﻳﻦ ﻭﭺ ۾ ۽ ﭔﺎﻫﺮﺍﻥ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﺟﻴڪﻲ ﮐڏﻭﻥ ﻫﻴﻮﻥ، ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭜﺮﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﻴﻮ ۽ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﭼﻮٽين ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﺪﺭﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﻫﻤﻮﺍﺭ ﺯﻣﻴﻦ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﻴﻮ ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ هنن ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﺳﻄﺢ ﮐﻲ بہ ﻫﻤﻮﺍﺭ ڪﺮﻱ ﺍﻥ ﺗﻲ ﭘﭥﺮ ﺟﻲ ﻫڪ ﭜﺖ ﭠﻬﺮﺍﺋﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڊيگھ ﻣﻴﻠﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮑڙﻳﻞ ﻫﺌﻲ”

Related Articles

2 Comments

  1. رنيڪوٽ جي تعمير جو ٽالپورن بابت ڪنهن تاريخي ڪتاب جو حوالو؟ ڪهڙي تاريخي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته رنيڪوٽ ٽالپورن ٺهرايو هو؟ هڪ شاعر جو حوالو تاريخ نه ٿي ٿي سگهي.
    عزيز ڪنگراڻي

  2. سوال اهو به آهي ته رنيڪوٽ جي اولھ طرف واري گيٽ ۽ ننڍي قلعي جو نالو موهن ٽالپور دور جو آهي؟ ميري ڪوٽ جو نالو ميري ٽالپورن جي دور کي ظاهر ڪري ٿو؟ ميري فارسي لفظ آهي يا سنڌي؟ ميري قلات يا ميري سسئي پنهون تربت لڳ به ٽالپورن جوڙايو هو؟ جيڪڏهن ٽالپورن وٽ ايترا ماهر انجنيئر ها ته سڄي سنڌ ۾ اهڙا قلعا جوڙائڻ ها. ڪوٽڏيجي به ميرن جو جوڙايل ناهي. اهو به تحقيق طلب آهي. مير رهيا به ڪونه ته رنيڪوٽ ڇالاءِ جوڙيائون؟ کين اتي پهاڙن ۾ قلعي جي ضرورت ڇالاءِ محسوس ٿي؟ غلام شاھ ڪلهوڙي رنيڪوٽ ۾ رهائش جو سوچيو هو ته مطلب قلعو موجود هو. سن گيٽ وٽ گنبذ واري عمارت ڪنهن جي آهي؟ گنبذ نما عمارت ميري ڪوٽ وٽ يا رنيڪوٽ جي احاطي ۾ ٻي ڇو نه آهي؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close