”اسانجي دور ۾ مارڪس جي معنیٰ!“ (ويڳاڻپ)

شاعر: احمد سليم (سنڌيڪار: سنجها چنا)

ان رات خوشي منھنجي دل ۾ رُنِي
آڌي رات مھل
ھڪ روشن رستي جي ڪنڊ تي
معذور فقير جي بک تي
کلندَي اسان ڪونہ پئي سمجهيو
تہ ڏيندڙ ھٿ، پاڻ ڪيڏا نہ پنندڙ هوندا آهن..
اسان ھن کي عزت ڏني
بيري کان گهرائي اڏامندڙ ساسر ڏني
۽ نيڪي جي غرور ۾ ڪجهہ پئسا پڻ..
ھُو جانورن جيان ڪُٻو منڊو فقير کِليو
ھن جا ڪِنا ڦڪا ڏند
مٽيء هاڻو چھرو
چيهاڙيل عضوا
ھن جي ٽھڪن ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيندا رهيا..
پنھنجي اداسي،
پنھنجي اڪيلائيء کان فرار ٿي آيل
اسان…….
فقيرن جا لطيفا ٽوڪيندا رھياسين
اکيون ٻوٽي خيرات اڇلائيندا رھياسين
زمين جي ان حصي تي
لکين گهرن ۾
هڪڙي مٺ جيتري اٽي جو سوال..
اڄ به ڪيڏو نه سواليه آھي!
منھنجي دوست کِلندَي کِلندَي پنھنجون اکيون خشڪ ڪرڻ لڳِي
(ڇوڪريون جڏھن گهڻو روئينديون آھن، ته اھي ڪيترو نہ کلنديون آھن)
فقير اسان جي ويجهو آيو،
پنھنجي ڦاٽل اکين سميت
پر اسان جي جيپ، ھن جي ڀر منجهان ڀونڪندي گذري وئي
رستا گهڻا خالي ھيا
ھڪ خالي رستو دلين ۾ بہ ھو..
منھنجي دوست گهڻو کلي رھي ھئي،
پنھنجن لڙڪن ۾…..
اسان فقير جي باري ۾، بدمعاشن جي باري ۾،
خوشيء جي باري ۾،
محبت جي باري ۾ ڳالھيون ڪندا رھياسين..
زندگيءَ کي برداشت ڪندا رھياسين….
وقت جي اک زخمي ٿي پئي،
اسان دل جي ڪپڙي مان ھڪڙو ٽڪرو ڦاڙي
ان جي ملم پٽي ڪئي..
وري اسان زور زور سان کلڻ لڳاسين پنھنجي نيڻن ۾…
اوچتو مون محسوس ڪيو
بک جڏھن پيرن ۾ ڪنڊن جيان چُڀندي آھي
۽ اکين ۾ گرم سيخ جيان لھندي آھي
درد، ديوار جي صورت ڪرندو آھي دلين تي…..
اسان جي جيپ ھڪ مشڪلات ۾ ڦاسي پئي
جهوپڙين مان اڌ اگهاڙيون عورتون ۽ سڄا اگهاڙا ٻار
اسان کي اداسيء مان ڏسي رھيا ھئا
اھي ايترا تہ بکايل ھئا، جو جيڪڏھن ڪُتا ھجن تہ ڏاڙھي رکن
مون پنھنجي دوست طرف ڏٺو،
ھوءَ پنھنجو چھرو ٻئي طرف لڪائي لڙڪ اگهندي رھي…
اسان جيپ ڇڏي ڏني
۽ گپ مان ڪپڙا بچايون ھلندا رھيايسن
ھر طرف جهوپڙيون ھيون ۽ عزت کي ڪو خطرو نه ھو..
خطرو ته انھن لاءِ آھي
جن وٽ چارديواري، يا چادر ھجي..
ھتي ڀتين ۽ ڪپڙن جي عياشي نه ھئي…
مان پنھنجي دوست کان گهڻو پٺتي رھجي ويس
۽ اوچتو ھڪ رڙ، منھنجي دل سان ٽڪرائي
مون اڳتي وڌي ڏٺو
ساڳيو معذور فقير زمين تي سڌو ڪريو پيو ھو
۽ منھنجي دوست ھيسيل ڪبوتر جيان ڏڪي رھي ھئي..
مون ڏٺو، ھن گدلي، ناپاڪ فقير جي اکين ۾ ھڪ ٻي بک ھئي،
پر افسوس ته خوبصورت، امير ڇوڪريون اڏام کٽولي ناھن ھونديون
۽ گدلي ميري فقير سان گڏ ناھن وينديون..
ضرور ڪا ٽيڪنيڪل غلطي ٿي آھي
زمين جي جنھن ٽُڪري تي
مُٺ ڀر اَٽي جو سوال،
دلين تي ديوار جيان ڪِري
اتي فقير کي اڏامندڙ ساسر جي خيرات نہ ڏيڻ گهرجي
ٽيڪنيڪي غلطي نه ڪرڻ گهرجي….
منھنجي دوست جو آواز ڄڻ کُوھ مان اچي رھيو ھو،
ڄڻ ھوءَ مجرم ھجي، شرمسار…
مون ھِن کي ڌڪو نه ڏنو، اھو منھنجي مٿان ڪِريو
۽ پنھنجي لٺ سان
اٿي کَڙو ٿيو
وري ھوء روئڻ لڳي..
زمين تي انسان ڪريل پيو ھو
منھنجي دل ۾ داس ڪيپيٽال جا پَنق ڦڙڦڙائيندا رھيا….
اسٽيج تي عڪس ٺھيا
تہ منھنجي کِل ۾ ڪيترا ٽڪرا ھيا
عڪسن جي قطار ۾
ٻيون اداڪارائون به ھيون ۽ مسخرا…….
پر ٽھڪن جي انڌي، ڪاري بي حيا جنگل ۾
تون درد مان ترنگ وٺي
تون ان درد کي
مون دل مان نچوڙي
۽ اکين مان نچوڙي
پنھنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو
تون سامھون ڏٺو،
تماشائين ۾،
منھنجي طرف
منھنجي اک جو شيشو ٽٽي پيو
تنھنجو عڪس جنبش ۾ ھو
باھ ڪيتري مبارڪ آھي، جو ايترين ميرين اکين وچان به تنھنجي دل کي پاڪيزه رکي ٿي..
مون ان کي چمي ورتو
منھنجون اکيون ۽ تنھنجا چپ لرزش ۾ ھيا….
اسان پنھنجي رت ۽ گوشت سان
ڪوڙا ٺاھيون ٿا
۽ ڦاسي جا رسا
قيد خانا ٺاھيون ٿا
۽ سِڪا
بازار ٺاھيون ٿا ۽ اداڪار…….
مون کي انھن ڦاسي ڏني ۽ توکي اسٽيج
تنھنجي چھري تي موت جو خوف ڇانئيل ھو
منھنجي چھري تي زندگي جو….
ڪوڙا اسان ٻنھي کاڌا
مون بدن تي، تو روح تي
اسان ٻئي قيدي رھياسين
ڪڏھن گهر جي اندران
ڪڏھن بيرڪ ۾
۽ اسان وڪامندا رھياسين
ڪڏھن سون جي بازار ۾
ڪڏھن شيشي جي بازار ۾
اسان پنھنجي رت ۽ گوشت جي ڪري سزا ڪاٽيندا رھياسين
۽ ويڳاڻا ٿيندا آھيون
پنھنجي ئي رت ۽ گوشت کان
پردو ھٽي ٿو
ھڪ شريف عورت جي مقدس اک
توکي گار ڏئي ٿي
۽ توتي کلي ٿي
ڊرامي بعد،
مون توکي اداڪارن جي وچ مان ڳولھي لڌو
۽ درد کي کيسي مان…..
وري اکين ۾
۽ دل ۾ ٻيھر رکي ڇڏيو
۽ ھاڻي منھنجي اک جو ٽٽل شيشو به روئي ٿو
تنھنجي اداڪاري پوئتي رھجي وئي
اسٽيج تي ۽ ميڪ اپ ڪمري ۾
تو چيو گارين جي پرواھ نہ ڪر
اسان محنت وڪرو ڪيون ٿا
۽ اسان جي روئندڙ اک،
بازار ناھي، دلين جي رازدار آھي
بازار جي رازدار، کِلندڙ اک ھوندي آھي
۽ گار ڏيندڙ اک……!!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close