ڇوٽڪارو (ڪھاڻي)

رابندر ناٿ ٽئگور

”اڙي… راجا جي خزاني مان چوري…!!!“
سڄي شهر ۾ رڙ مچي ويئي. چور کي ڪيئن به پڪڙڻو آهي، نه ته راڄ ڪرمچاري تڪليف هيٺ ايندا.

وجرسين، هڪ ڏوراهين ديس جو واپاري گهوڙا وڪڻڻ آيو هو ۽ واٽ تي ڌاڙيلن لُٽي سڃو ڪري ڇڏيس. هو قلع کان ٻاهر  هڪ اجڙيل مندر ۾ پيو هو. هنن کڻي هن کي قابو ڪيو؛ چور قرار ڏنائونس، زنجيرن ۾ جڪڙيائونس ۽ قيد ۾ وجهڻ لاءِ گهٽين مان گهليندا ويس.

مغرور شياما، جادوءَ جھڙي سونهن جي مالڪ، پنهنجي ڪٽهڙي ۾ ويٺي لنگهندڙن ڏي نهاري رهي هئي. هوءَ اوچتو ڏڪي ويئي ۽ پنهنجيءَ داسيءَ کي رڙ ڪري چيائين، ”اُف! عام رواجي چورن جيان زنجيرن ۾ جڪڙيل هو ديوتا روپي نؤجوان ڪير آهي؟ وڃ ڪرمچاريءَ کي منهنجي نالي وڃي چئَو ته هُن کي هِتي وٺي اچي.“

ڪرمچاري قيديءَ سميت مٿي چڙهي آيو؛ شياما کي چيائين، ”اپسرا، تنهنجو حڪم بي وقتو آهي مون کي  جلدي راجا جي حاضريءَ ۾ پهچڻو آهي.“

وجرسين جلدي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ جوش مان چيائين، ”هي اڄ توکي ڪهڙو پور پيو آهي جو پنهنجي عجيب رويي سان مون کي ماڻهن اڳيان کِلڻ هاب ڪيو اٿئي.“

”کِلڻ هاب!؟“ شياما چيو، ”آءٌ پنهنجن هنن سمورن زيورن جي بدلي تنهنجون اهي زنجيرون پنهنجي بدن تي جڪڙائڻ لاءِ تيار آهيان.“

تڏهن ڪرمچاريءَ ڏي منهن ڪري چيائين، ”سڀ وٺ، جيڪي به پئسا مون وٽ آهن ۽ هن کي ڇڏي ڏي.“

ڪرمچاريءَ ڪنڌ نمائي چيو، ”ائين ٿي نه سگهندو. ڏوهاريءَ کي راجا جي ڏمر ۽ ڪاوڙ کان ڪيئَن بچائي سگهبو.“

”قيديءَ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت گهران ٿي.“ شياما بيچينيءَ سان چيو – ڪرمچاريءَ مشڪيو ۽ قبول ڪيو.

قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ وجرسين ٻيءَ رات جي موڪلائڻ تي پرارٿنا ڪئي ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ جي پل لاءِ ترسي ويهي رهيو. اوچتو دروازو کليو ۽ هڪ عورت هٿ ۾ بتي کڻي ايندي نظر آئي، هن جي اشاري تي پهريدار قيديءَ جون زنجيرون لاهي ڇڏيون.

”سٻاجهي عورت! تون جو ان بتيءَ سان مون وٽ آئي آهين، ته مان ائين پيو ڀايان ڄڻ منهنجي لاءِ پرڀات، صبوح جي تاري سان اچي نڪتي آهي.“

”سٻاجهي؟ سچ!“ شياما چيو – ۽ خوفناڪ ٽهڪن ۾ اچي ڇٽڪي تان جو هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا؛ ۽ سڏڪا ڀريندي چيائين، ”هن عورت جي دل کان هن ڪال ڪوٺڙيءَ جو ڪوبه پٿر سخت ڪونهي.“ ۽ قيديءَ جو هٿ وٺي هوءَ شاهي دروازي کان ٻاهر هلي ويئي.

وروڻا جي ڪپ تي سج نڪتو. گهاٽ تي هڪ ٻيڙي بيٺل هئي. شياما چيو، ”جوان! مون سان هلي ٻيڙيءَ تي چڙھ.. رڳو ائين ڄاڻ ته مون سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيا ۽ توسان گڏ هن ٻيڙيءَ ۾ هليو هلان ٿي.“

ٻيڙي تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳي. پکين خوشيءَ جو راڳ پئَي آلاپيو. وجرسين پڇيو، ”پريتما! ٻڌاءِ ته سهي ته منهنجي ڇوٽڪاري خريد ڪرڻ لاءِ تو ڪيترو اڻ ٻڌل ڌن خرچ ڪيو؟“

”ترس، هاڻ نه“ شياما وراڻيو.

صبوح منجهند ۾ ويڙهبو ويو. ڳوٺاڻيون ناريون سنان ۾ پسيل ڪپڙن ۽ ڀريل گهاگهرين سان وڃي چڪيون هيون – ڳوٺ وارو گس، بلڪل سڃو، سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيو هو. ٻن پهرن جي گرم هوا جي ٿپڪين شياما جي منهن تان ڪپڙو ڪيرائي وڌو. وجرسين هنجي ڪنن ۾ ڀڻڪيو، ”تو مون کي اڻ لکي قيد مان ڇڏائي هڪ ٻئَي دائمي ٻنڌن ۾ جڪڙي ڇڏيو. مون کي به ته خبر پئَي ته تو ائين ڇو ڪيو.“

شياما منهن تي ڪپڙو وجهندي چيو، ”نه هاڻ نه، منهنجا محب!“

ڏينهن اجهامڻ لڳو ۽ اوندھ وڌڻ لڳي. هوا ٿڪجي ٽٽجي ختم ٿي چڪي. ڪماني چنڊ رُڪ جهڙي پاڻيءَ جي چادر جي تھن تي چمڪي رهيو هو. ان اوندھ جي ڪاراڻ ۾ شياما پنهنجي مٿي کي نؤجوان جي ڪلهن جو سهارو ڏيئي ويٺي هئي. سندس کليل وار، جوان جي ٻانهن تي پکڙيا پيا هوا. ”محب!“ شياما جو آواز مڌم هو. ”جيڪي به مون تو لاءِ ڪيو، سو ڏکيو هو – پر اهو ڳجهه ٻڌائڻ ان کان به وڌيڪ ڏکيو آهي. پر نه، آءٌ توکي ٿورن لفظن ۾ ئي ٻڌائينديس. اهو پريم جو ڪٺل اتيه هو جنهن پاڻ تي چوريءَ جو الزام هڻي تنهنجي جاءِ ورتي ۽ مون کي ڄڻ پنهنجيءَ حياتيءَ جي ڀيٽا ڏنائين. منهنجا سهڻا سپرين! تنهنجي پيار لاءِ مون هي وڏي ۾ وڏو پاپ ڪيو آهي.“

ڪماني چنڊ لهي ويو هو. جهنگل جي سانت، بيشمار پکين جي ننڊ کان ڳري ٿي ويئي هئي.

نوجوان جي ٻانهن آهستي آهستي، شياما جي چيلھ تي سرڪڻ لڳي. هنن جي چوڌاري پکڙيل سانت، پٿر جيان سخت ۽ سرد ٿي ويئي.

اوچتو شياما هن جي پيرن تي ڪري پيئي؛ هن جي گوڏن تي جهڪي چيائين، ”ساجن! معافي ڏينم. اهو ڀڳوان جي حوالي ڪر ته هو ڀل مون کي منهنجي پاپ جي سزا ڏئي.“

وجرسين پنهنجا پير ڇڏائيندي، ڀوائتي آواز ۾ چيو، ”ڇا منهنجي زندگي پاپ جي قيمت تي خريد ڪئي وڃي؟ منهنجو هر هڪ ساھ لعنت سان ڀريل هجي؟“

هو اٿيو، ڪپ تي بيٺل ٻيڙيءَ تان وٺي ٽپو ڏنائين ۽ جهنگل ۾ گهڙي پيو. هو هلندو هليو تان جو رستو ڳتيل وڻن ۾ وڃي بند ٿي ويو.

هو آخر ٿڪو ماندو ٿي ويهي رهيو. پر اهو ڪير هو جنهن اونده ۾ هنجي پٺ نه ڇڏي هئي جو هاڻ به هن جي ڀوت جيان بيٺو هو؟

”ڇا مون کي نه ڇڏيندينءَ؟“ وجرسين واڪو ڪري چيو.

پل ۾ هوءَ لاڏ پيار جي اجهل ٻوڏ سان اچي هن جي مٿان پيئي. هن جي چپن مان پريم ڀريل التجائن جو طوفان وسي رهيو هو ۽ پنهنجن ڪرندڙ وارن، گهليل ڪپڙن، وسندڙ مٺين، ۽ سهڪندڙ ساھ سان شياما هن کي سڄو ڍڪي ڇڏيو.

هن روڪيل ڳوڙهن سان آلي ٿيل آواز ۾ چيو، ”نه! نه! مان توکي ڇڏي نه ٿي سگهان، توکي ڪڏهن به ڪين ڇڏينديس. مون تو لاءِ پاپ ڪيو آهي. مرضي هجيئي ته ڀلي پنهنجن هٿن سان ماري ڇڏينم.“

جهنگل جي سانتيڪي اونداهي هڪوار ڏڪي ويئي. وڻن جي زمين اندر پيل پاڙن ۾ ڀؤ ڇانئجي ويو. ٻه هٿ ڳچيءَ ۾ پيا؛ هڪ ڪِيڪ رات جي سناٽي ۾ پکڙجي ويئي ۽ سڪل پنن تي هڪ جسم اچي ڪريو.

جڏهن وجرسين جهنگل کان ٻاهر نڪتو، ته صبوح جو سج ڏوراهين مندر جي چوٽيءَ تي جهلڪا ڏيئي رهيو هو. هُو نَديءَ جي وارياسي ڪناري تي گرم سج ۾ سڄو ڏينهن ڦرندو رهيو ۽ هڪ پل لاءِ به ماٺ ڪري نہ ويٺو.

شام جو هو بي خيالو ٻيڙيءَ ڏانھن ويو. اتي بستري تي هڪ پازيب پيل هو. هن اهو کنيو ۽ پنهنجي دل ڀرسان قابو ڪري جهليائين. هڪ پاسي ڪنڊ ۾ ڍڳ ٿِي رکيل نيريءَ ساڙهيءَ تي وڃي اونڌي منهن پيو. انهن جي تهن ۾ منهن لڪائڻ لڳو ۽ ريشمي احساس ۽ مدام خوشبوءِ ۾ ان پياري جسم جي يادگيريءَ ۾ محو رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

رات پنهنجي گهاٽيءَ ۽ سياٽي وجهندڙ سانت کي لوڏو ڏنو. چنڊ وڻن پٺيان گم ٿي ويو. وجرسين اٿيو ۽ جهنگل ڏي ٻانهون ڊگهيري سڏيائين، ”شياما! منهنجي شياما!“

ان وقت اوندھ مان هڪ صورت نڪري آئي ۽ پاڻيءَ جي ڪنٺي تي بيهي رهي.

”شياما! شياما!“ وجرسين وري سڏيو.

”آءٌ آئي آهيان؛ منهنجا سپرين! تنهنجا اهي هٿ مون کي مارڻ ۾ ناڪامياب ٿيا ۽ مان بدقسمتيءَ کان جيئَڻ لاءِ رهجي ويس!“

شياما آئي ۽ نوجوان جي اڳيان اچي بيھي رهي. هِن، هُن جي منھن ۾ نهاريو؛ هو هن کي پنهنجن ٻانهن ۾ وٺڻ لاءِ هڪ قدم اڳتي وڌيو. پر آخر ٻنھي هٿن سان ڌڪو ڏيئي چيائينس، ”ڇو…. ڇو موٽي آئي آهين؟“

هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ منهن ڦيرائي چيائين، ”وڃ… وڃ! مون کي ڇڏي ڏي.“

هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ اُتي بيھي رهي. پوءِ هن جي پيرن ۾ نمي هٿ جوڙيائين ۽ ڪناري تان هلندي هلندي، ننڊ ۾ غرق ٿيندڙ سپني جيان جهنگل ۾ گم ٿي ويئي.

۽ وجرسين پنهنجي دکي ۽ تڙڦندڙ دل کي سنڀالي اُتيئَي ويٺو رهيو..

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close